نئون معاشرو
انسان جي تاريخ ۾ سماجي، سياسي ۽ مذهبي عقيدا ۽ اصول بدلجندي ڏٺا ويا آهن. سواءِ ٻن شين جي. قديم دور جي انسان کي سون ۽ هيرن جواهرن لاءِ جنون هو. جديد دور جي انسان کي اهو جنون مرض وانگر وڪوڙي ويو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته سون ۽ هيرن جواهرن جي باري ۾ انسان پنهنجو طرز عمل نه بدلايو آهي. جهوني ۽ جديد دور جو انسان سون ۽ هيرن جواهرن لاءِ مري رهيو آهي. انهن ٻنهي شين لاءِ انسان جي سوچ ۽ ذهن ۾ ڪوبه لاڙو پيدا نه ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ائين محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ تاريخ جي اوسر بند ٿي ويئي آهي.
اقتصاديات جا ماهر اسان کي دلداري ڏيندا آهن، ته ٻيلي گهٻرايو نه - مڙيئي خير آهي - مختلف ملڪن جي سڪي جو ملهه سون سان لڳايو ويندو آهي، تنهن ڪري سون جو قدر آهي، ۽ ٻيو مڙيئي خير آهي! اهو احوال اسان اڳ به پڙهيو هو يونيورسٽيءَ ۾! نئون ڦٽاڪو نه آهي. مڃيوسين ته دنيا جي مختلف ملڪن جي سڪي جو ملهه سون سان لڳندو آهي، پر انسان کي ڇا ٿيو آهي! فرد کي ڇا ٿيو آهي! هڪ ماڻهو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ سون لاءِ ديوانو ڇو ٿيو آهي!
مٿين سوالن جو جواب ڏنو هڪ سوشيالاجسٽ، يعني سماجيات جي علم جي ڄاڻوءَ. اسين ڀل ته سندس خيالن سان متفق نه ٿيون، اسين گهٽ ۾ گهٽ سندس خيالن جي اپٽار ٻڌي ته سگهئون ٿا. ان باري ۾ مون کي انگريزي شاعر جان ڪيٽس جو هڪ جملو ڏاڍو وڻندو آهي. چيو اٿائين ته ذهن جي ڳڙکين کي ڪڏهن به بند نه ڪجي. کليل رکجي، جيئن هر قسم جي علم جو گذر ٿي سگهي. تنهنڪري، اسين سماجيات جي عالم جو رايو ٻڌي سگهئون ٿا.
هن چيو ته انسان جيئن ته نفسياتي طرح پاڻ کي غير محفوظ سمجهندو رهيو آهي، تنهنڪري سون ۽ هيرن جواهرن جي ملهه سان هو پاڻ کي محفوظ تصور ڪندو آهي. تنهنڪري هرڪو ماڻهو گهڻي کان گهڻو سون ۽ هيرا جواهر هٿ ڪرڻ جي جتن ۾ لڳل هوندو آهي. ڪنهن حد تائين سندس رايو قبول ڪرڻ جهڙو آهي. سوال ٿو اٿي ته انسان پاڻ کي، هڪ فرد جي حيثيت ۾ اڪيلو ڇو ٿو محسوس ڪري! ڇا اسين ناممڪن حالتن ۾ زندگي بسر ڪري رهيا آهيون، ۽ سون ۽ هيرن کان سواءِ غير محفوظ زندگي گذاري رهيا آهيون! ڇا اهو ممڪن ناهي ته اسين ڪنهن اهڙي معاشري جي تشڪيل ڪيون، جنهن معاشري ۾ سون ۽ هيرن جواهرن بدران هڪ انسان ٻئي انسان جي حفاظت ڪري. هڪ انسان ٻئي انسان جو احترام ڪري- هڪ انسان پاڻ جيئي، ۽ ٻئي انسان کي جيئڻ جو حق ڏئي! ڇا اهڙي معاشري جي اڏاوت ناممڪن آهي؟
6 فيبروري 1976ع