وزير لوهر
ماڻهن کي ٻئي ڪنهن وزير جو نالو ياد هجي، يا نه هجي، پر وزير لوهر جو نالو ضرور ياد آهي.
وزير لوهر کي وزارت ڪرڻ لاءِ جيئن ته، زراعت، تعليم، آبپاشي، اطلاعات وغيره قسم جو ڪو کاتو هٿ نه لڳو، تنهن ڪري هن خونن ۽ ڌاڙن جو کاتو کولي، ان جي چارج سنڀالي ورتي آهي!
خونن ۽ ڌاڙن جي کاتي لاءِ ٻيا به ڪيترائي ڄاتل سڃاتل، لائق ۽ قابل اميدوار هئا، جن کي ان کاتي هلائڻ لاءِ گهربل لياقت ۽ تجربو حاصل هيو، پر نصيب لوهر جو زور هيو. هڻي وڃي هنڌ ڪيو اٿائين!
مون کي لوهر جي شجري جي خبر نه آهي. نه ئي مون کيس ڏٺو آهي. مون کي اها به خبر ناهي ته لوهر ڪهڙن ڪهڙن ٿاڻن جي لاڪبن ۽ جيلن مان خونن ۽ ڌاڙن جي تربيت ورتي آهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته لوهر پنهنجي وزارت جو کاتو ڏاڍيءَ ڪاميابيءَ سان هلائي رهيو آهي.
مون کي اها سڌ به ڪونهي ته لوهر ”وزير“ ٿيڻ کان اڳ ڇا ڪندو هو! هاري هو، يا ڪڙمي هو! سندس پيءُ ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ٻڌجي ته نه ويو هو! سندس ڀيڻ کي اگهاڙو ته نه ڪيو ويو هو! سندس ماءُ جي سٿڻ ۾ ٻلي ته نه وڌي ويئي هئي! مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته ائين عالمو کوسي سان ٿيو هو. وزير لوهر جي باري ۾ مون کي ڪنهن ڪجهه به نه ٻڌايو آهي.
خونن ۽ ڌاڙن جي وزارت جو کاتو هلائڻ لاءِ اهڙو ڪامياب وزير ڪٿان پيدا ٿي پيو! ڪلهه تائين ته مبين ڏاهريءَ جو نالو هو، هيءُ لوهر ڪيئن ميدان ۾ نڪري آيو، ڪٿان آيو، ڇو آيو!
ڏوهاري ماءُ جي پيٽ مان ڏوهاري ٿي پيدا نه ٿيندا آهن. حالتون هڪ انسان کي ڏوهاري ٿيڻ تي مجبور ڪنديون آهن. معاشري جي ناانصافين، قانون جي ڪمزورين، ڏاڍاين، ۽ ظلم سبب ڏوهاري پيدا ٿيندا آهن. ڪوبه شخص جهرن، جهنگلن، ٻيلن، ۽ ڀڄ ڀڄان واري زندگي خوشيءَ سان اختيار نه ڪندو آهي. ته پوءِ، وزير لوهر ڪير آهي؟ هو ڪٿان جو آهي؟ ڌاڙن ۽ خونن کان اڳ هو ڇا ڪندو هو؟ هن ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ائين ته ناهي، ڪڏهن هن جو جيئڻ به حرام ڪيو ويو هو! هو ديده دانسته ڦرون ڪري رهيو آهي. ائين ته ناهي، ڪڏهن هن کي به ڦريو ويو هو! هن جو رويو معاشري ڏانهن سخت ظالماڻو آهي. ائين ته ناهي، ڪڏهن معاشري به هن تي ظلم ڪيو هو! آمريڪا جي بدنام ڏوهاري ڪارل چيسمين جي وحشي ڏوهن، ۽ سندس زندگيءَ جي المناڪ پسمنظر جي ياد اسان جي ذهن ۾ تازي آهي.
مون کي خبر آهي، هڪڙي نه هڪڙي ڏينهن وزير لوهر پوليس سان مقابلو ڪندي مارجي ويندو. اهو سندس انت آهي. پر، مسئلو اتي ختم نه ٿيندو. اسان کي اصل ۾ پنهنجي معاشري جو جائزو وٺڻ گهرجي، ۽ ڏسڻ گهرجي ته معاشري جي ناانصافين ۽ ظلم سبب ڪيترا ڏوهاري ڪهڙي رفتار سان پيدا ٿي رهيا آهن!
19 جنوري 1975ع
_____
ڪارل چيسمين ٻال اوسٿا (ننڍپڻ) ۾ معاشري جي ڏاڍائي ۽ ناانصافي ڏسي مجرم ٿي پيو. انيڪ خون ڪيائين. ڪوبه وڪيل هن جي دفاع لاءِ اڳتي نه آيو . هن ست سال جيل ۾ گذاريا. پنهنجو ڪيس پاڻ لڙيو. موت جي سزا اٺ دفعا ملتوي ڪرائي ڇڏيائين. اِن دوران هن جيل ۾ چار ناول لکيا. انهن مان ٻه ناول ’ڪڊ واز اي ڪلر‘ ۽ ’ڊيٿ سيل 2244‘ بيسٽ سيلر ٿي وڪاڻا، ۽ ايم جي ايم پاران هالي ووڊ ۾ ٻنهي ناولن تي فلمون ٺهيون. ’ڪڊ واز اي ڪلر‘ تي هندستان ۾ فلم ”مجھے جینے دو“ ٺهي، ۽ پاڪستان۾ ”آگ کا دریا“ . ڪارل چيسمين کي جڏهن موت جي سزا ڏني ويئي تڏهن سڄي دنيا ۾ فساد ٿيا هئا. ڪراچي ۾ به فساد ٿيا هئا. ڪارل چيسمين جو آخري جملو هو ته ” هو غلط ماڻهوءَ کي اليڪٽرڪ چيئر تي ويهاري رهيا آهن. مان اهو چيسمين نه آهيان.“