اچو اچو ــ سنڌ ۾ وسو
اسان سنڌين کي اِهو ٻڌي سخت افسوس ٿيو آهي ته پاڪستان جي ايمبيسي نيپال مان بهارين جي لڏ پلاڻ ۾ ڪوبه ڪم نه ڪري رهي آهي. اسين سنڌي مهمان نوازيءَ ۾ دنيا جا عالمي چيمپئن آهيون. هيل تائين جيڪي بهاري برما، نيپال، سيلون، ۽ ٻين ٻٽين مان ڀڄي پاڪستان پهتا آهن، تن خاص طرح سنڌ ۾ رهڻ، ۽ آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هرهڪ بهاري، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ بنگلاديش مان ڀڄي نڪتو آهي، ۽ پاڪستان پهتو آهي، سو سنڌ ۾ اچي رهيو آهي.
اسان سنڌين جي مهمان نوازي جڳ مشهور آهي. اِهو ئي سبب آهي جو هيل تائين جيڪي بهاري پاڪستان پهتا آهن، تن سنڌ وسائي آهي. 1947ع ۾ اسين پنهنجي مهمان نوازي جو ثبوت ڏيئي چڪا آهيون، ۽ مهمان نوازيءَ جو انعام حاصل ڪري چڪا آهيون، ۽ ڪري رهيا آهيون. اها سڌ سموري سنسار کي آهي.
ياد رهي ته هڪ به ڀڳل بهاريءَ پنهنجي آمد سان بلوچستان سرحد ۽ پنجاب کي نه نوازيو آهي. اِهو اعزاز فقط سنڌ کي حاصل آهي! اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو بنگلاديش مان ڀڳل بهاري فقط، ۽ فقط سنڌ ۾ رهڻ، آباد ٿيڻ، ۽ پناهه وٺڻ جو پڪو فيصلو ڪري چڪا آهن. ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي مهمان نوازيءَ جي هاڪ ڪيتري نه پختي آهي!
تاريخ ورجائجي رهي آهي. اسان جي مهمان نوازي آزمائجي رهي آهي. اسان کي ثابت قدم رهي، ثابت ڪرڻو پوندو ته اسين ئي مهمان نوازيءَ ۾ دنيا جا عالمي چيمپئن آهيون. اسان جو ڪو ثاني ڪونهي. اسان جو ڪو مٽ ڪونهي اسان 1947ع واري مهمان نوازيءَ جي عيوض جيڪي انعام اڪرام حاصل ڪري رهيا آهيون، سي وسارڻ جهڙا ناهن. هن دفعي پڻ بهارين کي پنهنجي تڏي تي آڻي، اڱڻ اجاري مهمان نوازيءَ جو ثبوت ڏيڻو اٿئون. هن دفعي بهارين جي مهمان نوازيءَ جي عيوض اسان کي جيڪي انعام اڪرام ملڻا آهن، تن جو مثال دنيا ۾ ملي نه سگهندو.
ڀڳل بهاري ڪنهن نه ڪنهن طريقي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن رستي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اسان جون اکيون ٿڌيون. اسان جو تڏو وڇايل آهي. اسان جي دونهي دکايل آهي. تنهن ڪري اسين پر زور مطالبو ڪريون ٿا ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڀڳل بهارين کي سنڌ ۾ آڻي آباد ڪيو وڃي، ۽ اسان کي موروثي مهمان نوازيءَ جو موقعو ڏنو وڃي.
اسين حڪومت پاڪستان کان پر زور مطالبو ڪريون ٿا ته نيپال ۾ باقي رهجي ويل هرهڪ بهاريءَ کي پاڪستان ۾ آندو وڃي ۽ سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي. اسين حڪومت پاڪستان کان اهو به مطالبو ڪيون ٿا ته هڪ به بهاريءَ کي بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد ۾ آباد نه ڪيو وڃي. اهو اسان جو حق آهي. سنڌ جو، ۽ سنڌين جو حق آهي!
5 2 اپريل 1973ع
____
ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٻه اڌ ٿيڻ، ۽ مشرڪي پاڪستان جو بنگلاديش ٿي پوڻ کان پوءِ بنگال ۾ بنگالين خلاف سازشي ۽ وڙهاڪ بهارين ڀاڄ کائي سنڌ جو رخ ڪيو هو.