نيشنلائيزيشن
مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان جو موجوده سياسي بحران اصل ۾ ٽين دنيا جي ڏتڙيل عوام ۽ سامراجين جي وچ ۾ حق جي فتح لاءِ تاريخي ڪشمڪش آهي. پاڪستان جو موجوده سياسي بحران اصل ۾ اوندهه ۽ روشنيءَ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي – موجوده سياسي بحران سچ ۽ ڪوڙ جو معرڪو آهي – موجوده سياسي بحران استحصالي قوتن ۽ چيڀاٽيل انسانيت جي وچ ۾ تاريخ ساز جدوجهد آهي.
سماجي ۽ ثقافتي جوڙجڪ مطابق پاڪستان جو 5 8 سيڪڙو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو. اصولي طرح پاڪستان جي سياست ٻهراڙيءَ جي سياست هئڻ گهرجي. پر، ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ شهري سياست ٻهراڙيءَ جي سياست تي حاوي رهي آهي. يعني، شهري سياست جي 15 سيڪڙو راءِ ٻهراڙيءَ جي 85 سيڪڙو راءِ کي ريٽيندي رهي آهي. شهر جو سرمائيدار، صنعتڪار، ڪارخانيدار، واپاري، دلال، بينڪ ڪار ۽ سياستدان ٻهراڙين جو حق ماريندو رهيو آهي. اهڙي طرح 15 سيڪڙو شهري اقليت 85 سيڪڙو ڳوٺاڻي ۽ ٻهراڙيءَ جي اڪثريت تي پنهنجي راءِ ۽ فيصلا مسلط ڪندي رهي آهي. پنهنجو حاڪماڻو اثر مڙهيندي رهي آهي. اهڙي سياست، جيڪا عوام جي اڪثريت جي حق ۾ نه رهي آهي، تنهن کي بدلائڻ لاءِ لازمي هيو، ۽ آهي ته شهر جي استحصالي قوتن جي فرعوني اثر کي رد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. ان سلسلي ۾ ڪارخانن، ملين، بينڪن ۽ انشوئرنس ڪمپنين کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ تمام ضروري هيو. اهو قدم ظاهري طرح اقتصادي کيتر ۾ کنيو ويو هو. پر، هر دور ۾ سياست اقتصادي قوتن جي اثر هيٺ هلندي رهي آهي. معاشي ۽ اقتصادي نظام ۾ ڦير گهير آڻڻ سان سياست ۾ ترقي پسند ڦير گهير آڻي سگهجي ٿي. ڪارخانا، فيڪٽريون، ملون، بينڪون، انشوئرنس ڪمپنيون وغيره ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي جوڙجڪ ۾ نه فقط اهم، پر سياسي طرح پڻ تاريخي اثر رکنديون آهن. اقتصادي ۽ معاشي نظام جي کيتر ۾ جڏهن صنعتڪار، سرمائيدار، بينڪ ڪار ۽ شاهوڪار کي مڪمل ڇوٽ ملي ويئي، تڏهن هن، اقليتي شهري سياست جي 15 سيڪڙو راءِ کي ٻهراڙيءَ جي اڪثريتي 85 سيڪڙو عوام تي زوريءَ مڙهي ڇڏيو. تنهن ڪري، ڪارخانن، فئڪٽرين، ملين، بينڪن، ۽ انشوئرنس ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ ٻه سبب هئا (منهنجي خيال ۾) هڪ سبب هو اقتصادي ۽ معاشي برابري، ۽ ٻيو ٻهراڙيءَ جي 85 سيڪڙو عوام جو سياسي تحفظ.
هينئر ملن اخباري بيانن ذريعي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو جيڪڏهن اقتدار ۾ آيا ته قومي تحويل ۾ ورتل ڪارخانا، ملون، فيڪٽريون، بينڪون ۽ انشوئرنس ڪمپنيون ٻيهر استحصالي قوتن کي موٽائي ڏيندا – صنعتڪار، ڪارخانيدار، بينڪ ڪار ۽ شاهوڪار کي ٻيهر ڏندين ڏاند ڪندا – ۽ اهڙي طرح ٻهراڙيءَ جي 85 سيڪڙو عوام کي سياسي تحفظ کان محروم ڪندا. سوال ٿو اٿي ته ڇا اها سوچ ملن جي پنهنجي آهي، يا سامراجين طرفان کين اهڙي هشي ڏنل آهي! سامراجين هميشه اڪثريت جي ترقي پسند راءِ کي رد ڪيو آهي. هنن صنعتڪارن، شاهوڪارن ۽ بينڪ ڪارن جي اقليتي راڄ جي هميشه حمايت ڪئي آهي. مون کي محسوس ٿئي ٿو ته موجوده سياسي بحران ۾ سامراجي قوتون ملن جي پشت پناهي ڪري رهيون آهن.
14 آگسٽ 1977ع
_________
موجوده حالتن ۾ مون کي پنهنجي ٽيٽيهه سال پراڻي سوچ غلط محسوس ٿي آهي. سرڪار، فوجي هجي يا عوامي، سندس هٿ هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن، اسپتالن، پوليس، واپار، بجلي، پاڻي ۽ ٻيا انيڪ ادارا ناقص ڪارڪردگيءَ جو بي مثال نمونو آهن. ڪرپٽ حڪومتون عوام جي ڀلائي ۽ بهتريءَ وارا ادارا هلائي نه سگهنديون آهن.