موت جي سزا بابت
ان وچ ۾ فلوريڊا ۾ هڪ گروهه پيدا ٿي پيو آهي، جنهن موت جي سزا خلاف آواز اٿاريو آهي. هنن چيو آهي ته موت جي سزا قانون جي نالي ۾ هڪ ٻيو خون آهي. تنهن ڪري خونين کي عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ هنن ٻن ڳالهين تي زور ڏنو آهي. هڪ، برطانيه ۾ موت جي سزا ختم ٿيڻ واري معاملي تي، ۽ ٻيو خونيءَ جي نفسياتي پهلوءَ تي. برطانيه ۾ خونيءَ کي عمر قيد جي سزا ڏيندا آهن. کيس ڦاهي نه ڏيندا آهن. ڦاهي رد ڪرڻ جو فيصلو هنن ڪجهه سال اڳ ڪيو هو، جڏهن هڪ اهڙي شخص جي بيگناهيءَ جو عدالت کي ثبوت مليو هو، جنهن کي ساڳي عدالت چار سال اڳ موت جي سزا ڏيئي ڇڏي هئي. ان شخص کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ ته عدالت جي وس ۾ نه هو، هنن رد عمل طور ڦاهيءَ جي سزا ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا ۾ جيڪي ماڻهو ڦاهيءَ جي سزا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سي ورجائي برطانيه جو مثال ڏيئي رهيا آهن.
موت جي سزا ختم ڪرائڻ واري بحث ۾ سڀ کان وڌيڪ زور خونيءَ جي نفسياتي پهلوءَ تي ڏنو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته جيئن انسان جسماني طرح بيمار ٿيندو آهي، تيئن نفسياتي طرح به بيمار ٿيندو آهي. جسماني مرض جي خبر جهٽ پئجي ويندي آهي. نفسياتي مرض جي پروڙ تمام دير سان پوندي آهي. جسماني مريض کي سندس جسماني مرض سبب جيئن ڪابه سزا ڏيئي نه ٿي سگهجي، تيئن نفسياتي مريض کي به سزا کان آجو سمجهيو وڃي. آمريڪا مان جيڪڏهن موت جي سزا کي ختم ڪيو ويو ته پوءِ فقط فلوريڊا جي هڪ اسٽيٽ ۾ اسي خوني موت جي سزا کان بچي ويندا – باقي اوڻونجاهه اسٽيٽن ۾ خونين جي تعداد جي مون کي خبر ناهي.
سوال ٿو اُٿي ته انساني معاشري ارتقا جي ڪهڙي ڏاڪي تي موت جي سزا کي پنهجي قانون ۾ داخل ڪيو؟ هزار سال اڳ؟ ٻه هزار سال اڳ؟ ٽي هزار سال اڳ؟ چار هزار سال اڳ؟ ڪڏهن؟ مان سمجهان ٿو انساني معاشري ۾ موت جي سزا جو قانون اسان کي چار هزار سال اڳ همورابيءَ جي حڪمن ۾ ملي ٿو. معاشرو جيئن جيئن ترقي ڪندو رهيو، موت جي سزا کي برقرار رکندو آيو. دنيا جي سمورن مذهبن خونيءَ لاءِ موت جي سزا جو ذڪر ڪيو آهي. ويندي ٻڌمت تائين. ٻڌمت ۾ موت جي سزا جو واضح ذڪر ناهي. پر، ٻڌمت ۾ ڪرما جي فلسفي جو مطالعو ڪرڻ سان اهڙو اشارو ملي ٿو – ڪرما جو تت آهي، جيڪي اسين لڻيون پيا، سو اسان ئي پوکيو آهي. يعني، جيڪا سزا خونيءَ کي ملي رهي آهي، تنهن سزا لاءِ هن ڏوهه ڪيو آهي. پر، ٻڌمت ۾ سمورو زور اهڙي معاشري جي وجود تي ڏنل آهي جنهن ۾ اخلاقي قدرن سبب ڏوهه نه ٿين. اسين وري ساڳئي نڪتي تي موٽي اچون ٿا ته خونيءَ لاءِ موت جي سزا کي ختم ڪرائي ڇا اسين اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انساني معاشرو ماضيءَ ۾ ڏوهارين ۽ خونين سان وحشي سلوڪ ڪندو رهيو آهي؟
اسين قبول ڪريون ٿا، ته انسان جسماني مرضن وانگر نفسياتي مرضن جو به شڪار ٿيندو رهيو آهي. اسين جيڪڏهن ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهون ٿا ته جيئن جسماني مرض لاءِ مريض کي سزا نه ڏني ويندي آهي، تيئن نفسياتي مريض کي به سندس نفسياتي مرض لاءِ سزا ڏيڻ نه گهرجي، ته پوءِ اسان کي جسماني ۽ نفسياتي مرضن جي علاج بابت سوچڻو پوندو.
نفسياتي مريضن جو اڄڪلهه فقط ڳالهين سان علاج نه ٿيندو آهي. کيس جسماني مرض ۾ مبتلا ڪنهن مريض وانگر دوائون کارايون وينديون آهن – سيون هنيون وينديون آهن. جيئن خوف، اميد، مايوسي، ۽ غم نفسياتي مرضن جو سبب آهن، تيئن جسماني عذاب ۾ سزا جو ڊپ پڻ نفسياتي مريض کي سندس مرض ۾ شفا طور ڪم اچي سگهن ٿا. بيشمار وحشين کي خون جي ارادي کان روڪڻ لاءِ موت جي سزا جو ڊپ ڪارگر ثابت ٿيو آهي. مان نه ٿو سمجهان ته معاشري ۾ خوني ذهنيت رکڻ واري شخص جي ذهن تان موت جو ڊپ جيڪڏهن ختم ڪيو ويو ته ان مان ڪو خاطر خواهه نتيجو نڪرندو. برطانيه ۾ قانون هٿان هڪ بيگناهه جي موت تي اسان جو ضمير ڦٿڪي اٿيو آهي – ته پوءِ انهن معصوم ۽ بيگناهه ٻار، عورتن، پوڙهن ۽ جوانن جي قتل تي اسان جو ضمير خاموش ڇو آهي! ۽ اسين ڇو خونين جا همدرد ٿي پيا آهيون؟ اسين سڀيئي پنهنجي پنهنجي وجود ۾ هڪ خوني لڪائي ويٺا آهيون.
29 جنوري 1977ع