هڪ تعليمي ڪانفرنس جو قصو
مان ڪانفرنس هال ۾ ويٺو هوس، ۽ هڪ پوڙهي عورت کي ڳالهائيندي ٻڌي رهيو هوس، جيڪا پرائمري تعليم جي ماهر هئي.
منهنجي پاسي ۾ هڪ تعليمي ماهر ويٺو هو، جيڪو ڪيتري دير کان اوٻاسيون ڏيئي رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ هن پنهنجو مٿو منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو ۽ سمهي پيو. مون ماهر کي جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو، ۽ کيس سمهڻ ڏنو ۽ مون پنهنجو ڪلهو نه لوڏيو. مون ٽيڏي اک ڪري ماهر جي مٿي ڏانهن ڏٺو، جيڪي پنهنجي نوعيت جو بيحد انوکو مٿو هو. ويجهڙائيءَ کان ماهر جو مٿو ڏسڻ کان پوءِ مون کي هڪ گدرو ياد آيو.
پوڙهي عورت وڏي واڪ چيو، ”اسان جو پرائمري ماستر تمام معمولي ۽ اڪثر حالتن ۾ چتيون لڳل ۽ گدلا ڪپڙا پائيندو آهي. آخر ان جو ڪهڙو سبب آهي؟“
ذري گهٽ سمورا تعليمي ماهر بحث ۾ ٽپي پيا.
”سٺا درزي پنهنجا دڪان ٻهراڙين ۾ نٿا کولين.“ هڪڙي ماهر چيو، ”اسان جا پرائمري اسڪول گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهن. تنهن ڪري، پرائمري ماستر کي ڪنهن سٺي درزيءَ کان سٺو لباس سبائڻ جو موقعو نه ٿو ملي.“
”ان لاءِ درزين کي پنهنجيون ذميداريون محسوس ڪرڻ گهرجن، ۽ ٻهراڙين ۾ ٽيلرنگ شاپ کولڻ گهرجن.“
”الاءِ ڇو اسان جا ڊاڪٽر ۽ درزي ٻهراڙيءَ کان لنوائيندا آهن!“
”پر سائين، اڄڪلهه درزين به ڪپڙي سبڻ جا ريٽ ڳاٽي ڀڳا ڪري ڇڏيا آهن.“
”دال چانورن جي قيمت وڌندي، ته ڇا درزي پنهنجي ڪپڙي سبڻ جون قيمتون نه وڌائيندا!“
”ڇا ڪپڙي سبڻ واري مشين به دال چانور کائيندي آهي؟“
”اڙي ميان، ڌاڳو مهانگو ٿي ويو آهي.“
”مان سمجهان ٿي، اسين اصل موضوع کان هٽي ويا آهيون.“ پوڙهي عورت چيو، ”اسين پرائمري تعليم جي مسئلن بابت ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون. هيءَ اقتصادي ۽ معاشي مسئلن بابت ڪانفرنس نه آهي.“
”برابر، برابر!“ سڀني ماهرن يڪ آواز چيو.
جيڪو ماهر پنهنجو گدري جهڙو مٿو منهنجي ڪلهي تي رکي سمهي پيو هو، سو آوازن تي جاڳي پيو. اکيون مهٽيندي مون کان پڇيائين، ”ڇا پيو ٿئي؟“
”ڪا خاص ڳالهه ڪونهي.“ چيم، ”پرائمري تعليم جي مسئلن بابت ڪانفرنس هلي رهي آهي.“
”اڇا اڇا.“ ماهر اوٻاسي ڏيئي، ٻيهر پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪلهي تي رکي سمهي پيو.
10 جون 1975ع