خون ۽ کستوري
اول مان پنهنجن يارن جي ڏوهه جو ذڪر ڪندس. منهنجي يارن جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو هو، جو هو اوندهه جا دشمن هئا. اوندهه جي دشمنن کي معاشري جا ٺيڪيدار قبول نه ڪندا آهن. معاشري جي ٺيڪيدارن جا اوندهه ۾ ڍڪ ڍڪجي ويندا آهن. اوندهه سبب ڪوبه شخص ٺيڪيدارن جا ڀيانڪ ۽ وحشي چهرا ڏسي نه سگهندو آهي. اوندهه جي ڪري ڪوبه شخص سندن منهن تان منافقت جو نقاب لاهي نه سگهندو آهي. تنهنڪري، معاشري کي هٿ ٺوڪين ٺيڪيدارن ۽ علمبردارن کان آجو ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ معاشري کي اوندهه مان ڪڍڻو پوندو آهي. اوندهه جي هنياءَ ۾ سچ جي روشنيءَ جي بڙڇي هڻڻي پوندي آهي. دل جي داغن کي روشن ڪري راهن جو رخ ڳولڻو پوندو آهي. منهنجا چار ئي يار روشنيءَ جا پيغامبر هئا. هو اوندهه جا دشمن هئا. هنن جي هٿن ۾ سچ ۽ سچائيءَ جون بڙڇيون هيون. معاشري جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار ڊڄي ويا. معاشري مٿان اوندهه کي مسلط رکڻ لاءِ هنن روشنيءَ ۽ سچ جي پيغامبرن کي ناس ڪرڻ جو منصوبو رٿيو. هنن تاريخ جي پراڻن بابن کي ورجائڻ جو وچن ڪيو. هزارين سالن کان، تاريخ جي هر دور ۾ اوندهه جا علمبردار روشنيءَ جي پيغامبرن کي مارائيندا رهيا آهن. اهو تاريخ جو سلسلو آهي – هزارين سالن کان جاري آهي. منهنجا چارئي يار ظلم جي تاريخ ۾ مظلوم جي جاءِ والارڻ لاءِ شهيد ٿي ويا – شهيد ڪيا ويا.
ٻڌو اٿم، اڄڪلهه پراڻن خونن بابت پڪڙ پڇاڙ شروع ٿي آهي. مون کي پنهنجن چئن شهيد دوستن جي قاتلن جو کوج لڳائڻو آهي – آهي ڪو منهنجي قانوني، ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ وارو!
منهنجو پهريون يار آهي شهيد هيمون ڪالاڻي. هيمونءَ کي غلاميءَ جي اوندهه کان نفرت هئي. هن سچ جي بڙڇيءَ سان اوندهه تي وار ڪيو. اوندهه جي ٺيڪيدارن مقابلو ڪرڻ بدران هيمونءَ کي منصوبن جي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو ۽ کيس طرحين طرحين جا جسماني عذاب ڏيئي سکر جيل ۾ ماريو ويو. منهنجي يار هيمونءَ جا قاتل ڪٿي آهن –هنن کي ڪهڙن ڪهڙن عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون – هيمونءَ جي قاتلن کي ڪهڙن ڪهڙن انعامن سان نوازيو ويو! مون کي پنجٽيهه سالن کان پوءِ به پنهنجي يار شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي قاتلن جي ڳولا آهي – مون کي کانئن بدلو وٺڻو آهي.
مون کي پنهنجي ٻئي يار، ۽ روشنيءَ جي پيغامبر حسن ناصر شهيد جي قاتلن جي ڳولا آهي. جمهوريت جي دعويٰ ڪرڻ وارا حسن ناصر کي سهي نه سگهيا – اظهار جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا حسن ناصر جي زبان مان سچائي جون ڳالهيون ٻڌي نه سگهيا. هن وٽ سياسي اقتدار نه هو. هن فقط پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هو. هن مزورن ۽ هارين کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي طاقت تصور ڪيو هو، ۽ ظاهر ڪيو هو. ان ڏوهه ۾ کيس ٻڌي سوگهو ڪيو ويو. مٿس ڪميونسٽ هئڻ جو الزام مڙهيو ويو، ۽ پوءِ حسن ناصر کي طرحين طرحين جا عذاب ڏيئي لاهور جي بدنام جيل ۾ ماريو ويو – اسان جي رايي مطابق شهيد ڪيو ويو. ان ڳالهه کي ويهه سال گذري ويا آهن. اڄ به مون کي حسن ناصر شهيد جي قاتلن جي ڳولا آهي – آهي ڪو مون کي ۽ پاڪستان جي مزورن، هارين ۽ شاگردن کي ٻڌائڻ وارو ته حسن ناصر جا قاتل ڪهڙن ڪهڙن وڏن عهدن تي هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن. ڇا هنن کان حسن ناصر جي شهادت بابت قانوني پڇا ڳاڇا نه ٿي سگهندي!
منهنجو ٽيون يار عبدالرزاق شهيد. هن ڪنهن به ٻوليءَ جو جنازو ڪڍڻ جو ذڪر نه ڪيو هو. هن ”زندهه رهو، ۽ زندهه رهڻ ڏيو“ جو مطالبو ڪيو هو. هن احترام انسانيت جو درس ڏنو هو، ۽ نتيجي ۾ کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ماريو ويو. منهنجي يار عبدالرزاق شهيد جا قاتل ڪٿي آهن – ڇا هو ضمير جي ملامت کان آجا آهن! ڇا هو قانون جي پهچ کان بالاتر آهن!
منهنجي چوٿين يار اشوڪ ڪمار کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ هُلايو ويو ته اشوڪ هندستان جو ايجنٽ هو، ۽ پوليس جي پهري مان ڀڄي نڪرڻ کان پوءِ هندستان هليو ويو آهي! پر، آسمان جي اک ۾ لڙڪ ڏسي سڀني سمجهي ورتو هو ته اشوڪ کي شهيد ڪيو ويو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ مون ظفر حسن جي رسالي ڌرتيءَ ۾ اشوڪ جي شهادت بابت هڪ افسانو لکيو هو، ”قربان عليءَ جو روح.“ ان ڳالهه کي چار سال گذري ويا آهن. منهنجو روح پنهنجي يار اشوڪ ڪمار جي قاتلن جي ڳولا ۾ سرگردان آهي – ۽ اها ڳولا قيامت تائين جاري رهندي.
15 سيپٽمبر 1977ع