نفسياتي جنگ
نفسياتي جنگ ۾ سڀ کان ڪارگر حربو ٿيندو آهي، پنهنجي مدقابل جي صفن يا ڪيمپ ۾ ٽاڪوڙو وجهڻ. اسان جي ملڪ ۾ڪجهه عرصي کان رجعت پسند مخالف جماعتون ترقي پسند قوتن خلاف نفسياتي جنگ ۾ اهو حربو استعمال ڪري رهيون آهن. سندن چال خطرناڪ حد تائين ڪامياب ٿي رهي آهي. نفسياتي جنگ ۾ کين خاطر خواهه نتيجا ملي رهيا آهن. سندن چال، خاص طرح سان سنڌ ۾ ڏاڍي ڪامياب ويئي آهي.
جناب ذوالفقار علي ڀٽي هزارين دفعا چيو آهي، ته سندس سياست قومي ۽ بين القوامي سطح جي آهي، ۽ کيس صوبائي سياست ۾نه گهليو وڃي. رجعت پسند مخالف جماعتن جناب ڀٽي جي سنڌي هئڻ کي پنهنجي نفسياتي جنگ ۾ استعمال ڪيو آهي. جيڪو به اڌ اکري، اڻپڙهيل ۽ نپٽ ڄٽ مخالف ليڊر تقرير ڪرڻ اٿي ٿو، سو ساڳئي رينگٽ کي وٺي ٿو ته جناب ڀٽو جيئن ته پاڻ سنڌي آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ سنڌو ديش جي حامين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي - جيئي سنڌ جي نعري تي بندش نه پيئي آهي - اياز، سراج، رشيد ڀٽيءَ ۽ امر جليل جهڙن ملحدن، ڪافرن ۽ غدارن کي ڦاهيءَ تي نه چاڙهيو ويو آهي. سياست ۾ بليڪ ميل جو اهو بدترين مثال آهي. مخالف ڌر جي ان حربي جو مقصد واضح آهي، ته هٿ ٺوڪين الزامن هيٺ اديبن ۽ شاگردن خلاف ڪامورن کان قدم کڻائي سنڌ ۾ جناب ڀٽي لاءِ مخالفت جو ميدان تيار ڪجي.
ڪامورا، پوءِ کڻي ڪنهن به کاتي جا ڇونه هجن، نوڪريءَ جي اصولن پٽاندڙ وقت جي حڪومت جا خير خواهه ٿيندا آهن. موجوده دور ۾ سندن خير خواهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو مخالف ڌر جي نفسياتي جنگ ۾ ڪنهن سنڌي اديب يا شاگرد جو نالو آيو ناهي، جو هن خلاف ڪارروائي ٿي ناهي! رجعت پسندن کي ٻيو ڇا گهرجي! ڦاهو! هو جيڪي چاهين پيا، سو سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. دوست گهٽجي رهيا آهن. دشمن وڌي رهيا آهن. نفسياتي جنگ ۾ رجعت پسند قوتن جو پلئه ڳورو آهي - مڃڻ مراد آهي!
الا، سنڌي پريس جو آواز جيڪر محدود نه هجي، ۽ اسلام آباد جي برجن تائين پهچي سگهي! سنڌي ادب ۾ شاگرد قربانيءَ جا ٻڪر ناهن جو مخالف جماعتن جي اشاري تي قربان ڪيا وڃن. مخالف جماعتن جا آدمخور سنڌ جا سمورا اديب ۽ شاگرد کائڻ کان پوءِ به راضي نه ٿيندا.
1 جنوري 1976ع