تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادب ۽ سياست

ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن ۽ ليکن جو مجموعو آهي.امر جليل لکي ٿو:
”ڪتاب ”ادب ۽ سياست“ ۾ پنجٽيهه سال پراڻا قصا، ڪهاڻيون ۽ ليک پڙهي مون کي محسوس ٿيو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ سنڌ اتيئي بيٺي آهي. جتي ٽيهه چاليهه سال اڳ بيٺل هئي. چوريون، ڌاڙا، خون، پوليس جا ظلم، حاڪمن جي بيحسي، ڪاروڪاري، ڪاپي ڪلچر، تعليم کان نابري ۽ سياسي سوچ ۾ سنڌ اُتي جو اُتي بيٺي آهي. بلڪ زوال پذير ٿي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 7164
  • 2630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ادب ۽ سياست

  هيءُ منهنجو وطن ناهي

مان اڄوڪو ڪالم بي انتها ندامت، شرم ۽ ذلت جي احساس مان لکي رهيو آهيان: اڄوڪو ڪالم غلاميءَ، محروميءَ ۽ جلاوطنيءَ جي احساس مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم ڏک ۽ مايوسيءَ مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم ڌرتيءَ تي گوڏا کوڙي، ۽ ڪنڌ جهڪائي لکي رهيو آهيان. مون کي شاهه لطيف حيف چيو آهي. مون لطيف سائينءَ جو پاراتو قبول ڪيو آهي. مون وطن وڃايو آهي. مون وطن وساريو آهي. مان لطيف جي پاراتي جو مستحق آهيان.
چون ٿا، هيءُ تنهنجو وطن آهي. منهنجو وطن؟ ڪٿي آهي منهنجو وطن؟ جيڪڏهن هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ مان پنهنجي وطن ۾ اجنبي ڇو آهيان؟ جيڪڏهن هيءُ منهنجو وطن آهي ته پوءِ مان پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن ڇو آهيان؟ مان ڪنهنجي قبضي ۾ آهيان؟ ائين ته ناهي، مان غيرن جي سر زمين کي پنهنجي زمين سمجهي ويٺو هوس، ۽ اڄ اُتان بي دخل ڪيو ويو آهيان؟ ڪير ٿو چوي ته هيءُ بي حس، بي رحم، سنگدل وطن منهنجو وطن آهي. ڪير ٿو چوي ته ڏاڍن جو ڏيهه منهنجو وطن آهي.
هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ منهنجي وطن ۾ منهنجي ٻوليءَ لاءِ لوهه جي گولي ڇو آهي؟ هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ منهنجي وطن ۾ منهنجي ٻوليءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڇو آهي؟ منهنجي ٻوليءَ سان بغداد ڇو آهي. ظلم ڇو آهي؟
مون کي گونگو وطن نه گهرجي. مون کي سنڌيءَ بنا سنڌ نه گهرجي. مون کي شاهه، سچل، ساميءَ کانسواءِ سنڌ نه گهرجي. مون کي سنڌ گهرجي سرواڻن جي. مون کي سنڌ گهرجي سرويچن جي. مون کي سنڌ گهرجي جيجل ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي.
هيءَ منهنجو وطن آهي؟ ڪير ٿو چوي هيءُ منهنجو وطن آهي؟ ڪٿي آهن اهي ٺپ ٺار ڪندڙ، اسان کي رانديڪن سان پرچائيندڙ، اسان جي اکين ۾ سرمو پائيندڙ رهبر ۽ رهنما؟ ڪٿي آهن اهي سرويچ جيڪي سنڌ لاءِ ساهه قربان ڪرڻ جي دعويٰ ڪندا آهن؟
مان سنڌي ٻوليءَ جي حق لاءِ بندوق نه، بلڪه ڪشتو کڻي چؤواٽي تي بيٺو آهيان. آهي ڪو سخي جيڪو مون فقير جي جهولي ۾ حق وجهي وڃي. شيخ اياز ڀٽائي لاءِ لکيو آهي ته، ”جنهن وقت ڀٽائيءَ جهولي جهلي“ ¸ پر مان ڀٽائي ناهيان. مان ڪشتو کڻي بيٺو آهيان. جهڙي رٿابندي سان سنڌي ٻولي کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي، ان جي عمل مطابق، جنهن وقت ڀٽائي جهول جهليندو، تنهن وقت هڪ به ڪنڌ سندس جهول ۾ نه ڪرندو. ڇو جو ان وقت تائين ثقافتي قاتل اسان جي ڪلهن تي هڪ به ڪنڌ نه ڇڏيندا.
ڪراچيءَ جو شهر سنڌ ۾ آهي. ڪراچيءَ جي شهر ۾ هڪ ٽيليويزن اسٽيشن آهي. ان ٽيليويزن تان هفتي ۾ پنجٽيهه ڪلاڪ پروگرام ڏيکاريو ويندو آهي، جنهن سان حاتم کي لت هڻندي اسان جي آقائن سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنجويهه منٽ حق مقرر ڪيو آهي. سنڌ جي ٽيليويزن اسٽيشن تان اڄ ڪلهه اٺن ڊرامن ڏيکارڻ جو سلسلو ”جشن تمثيل“ شروع ٿيو آهي. توهان کي اهو ٻڌي بي انتها خوشي ٿيندي ته اٺ ئي ڊراما اڙدوءَ جا آهن. چون ٿا هيءُ منهنجو وطن آهي! هيءُ ٽيليويزن لاءِ سنڌي ڊراما لکندڙ آغا سليم، ممتاز مرزا، مراد مرزا، علي بابا، مهتاب محبوب، ۽ غزاله ڀٽو جو ملڪ آهي!
اڄوڪو ڪالم مون مايوسيءَ جي احساس سان لکيو آهي. هيءُ منهنجو وطن ناهي. جيڪڏهن هيءُ منهنجو وطن آهي، ته پوءِ منهنجي وطن تي غيرن جو قبضو ناهي، ته پوءِ مان غير آهيان. وطن ۾ جلا وطن آهيان.

4 2 ڊسمبر 1972ع