ڳالهه هڪ مذاڪري جي
ثقافتي سيمينار جي سڀ کان وڏي خوبي اِها هئي، جو ملڪ جي هرهڪ صوبي مان مختلف خيالن ۽ نظرين وارن اديبن ۽ دانشورن کي مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي. مذاڪري ۾ تنهن ڪري مختلف ۽ هڪ ٻئي کان بنهه مختلف سوچ رکندڙ اديب اچي گڏ ٿيا. اهڙي صورت ۾ اڪثر ڦيٽاڙو ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿي پوندو آهي پر هن مذاڪري ۾ ائين نه ٿيو. ٻڌڻ وارن ۾ ترقي پسند ادب جا حامي، شاگرد، صحافي، وڪيل، پروفيسر، هاري ۽ مزور وڏي تعداد ۾ موجود هئا، پر هنن رجعت پرست اديبن کي نهايت تحمل ۽ صبر سان ٻڌو ۽ کين شڪايت جو موقعو نه ڏنو. سيد محمد تقيءَ پنهنجي مقالي ۾ هند عرب ثقافت جي وڪالت ڪئي. هن کي به خاموشيءَ سان ٻڌو ويو. وزير آغا سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي ثقافتن کي پاڪستان جو گڏيل ورثو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن کي به ٻڌو ويو. مذاڪري جي ماحول مان صحيح جمهوري اصولن جي پروڙ پي پئي. اسان جي اها تمنا مسين مسين پوري ٿي، ته اسان کي به ته ٻڌو بابا - دنيا وسيع آهي - سوچ ۾ ترقي، ارتقا ۽ نئين رجحان جي عمل ۽ اختيار کي روڪي نٿو سگهجي.
مذاڪري ۾ 22 پيپر پڙهيا ويا، ۽ مٿن بحث ٿيو. مذاڪري جي ٻن نشستن مان پهرين نشست جي صدارت احمد نديم قاسميءَ ڪئي، ۽ ٻيءَ نشست جي صدارت ڊاڪٽر ڪنيز يوسف، (وائيس چانسلر اسلام آباد يونيورسٽي) ڪئي. ٽين نشست، جنهن ۾ بحث مباحثو ٿيو، تنهن جي صدارت فيض احمد فيض ڪئي. نهايت مزيدار ماڻهو آهي. مٿس ڇوهه ڇنڊيا ويا. کيس ڪوڙيون ۽ زهريليون، پر حقيقت تي مبني ڳالهيون ٻڌايون ويون، پر تڏهن به هو مرڪندو رهيو. پنجابيءَ جي نوجوان ترقي پسند شاعر مشتاق صوفيءَ هڪڙي رجعت پرست دانشور کي جواب ڏيندي چيو، ”فيض احمد فيض کي فقط ان ڪري سٺو ۽ وڏو شاعر قبول ڪري نٿو سگهجي، جو هو اردوءَ ۾ شاعري ڪري سگهي ٿو. وڏو شاعر عوام جي چپن تي ۽ دلين ۾ هوندو آهي. پاڪستان جو عوام ٻهراڙين ۾ آهي، ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن کي فيض جي شاعري ته ڇڏيو، فيض جي نالي جي به سڌ نه آهي.“
مذاڪري ۾ اقبال جتوئيءَ جي پيپر کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ٻڌندڙن جملي جملي تي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو. پر، ٻئي ڏينهن لاهور جي هڪ اخبار خبر شايع ڪئي ته ماڻهن اقبال جتوئيءَ کي نه ٻڌو. ۽ کيس اسٽيج ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. منجهند جي مانيءَ تي ڪجهه صحافي دوست گڏيا. ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هئن. پٽن تي لکيل هو، ”صحافت کي آزاد ڪريو.“
مون صحافي دوست کي چيو، ”يار، ان کان وڌيڪ اوهان کي ٻي ڪهڙي آزادي گهرجي جو جنهن جي چاهيو تنهن جي پڳ لاهيو ٿا، ۽ جنهن کي چاهيو، تنهن کي پڳ ٻڌايو ٿا.“
منهنجو اشارو سمجهي ويا. هونءَ به ان اخبار جي خبر سبب سڀني اديبن ۽ صحافين کي رنج هيو. بحث هليو. ٻئي ڏينهن جڏهن مان لاهور ڇڏي رهيو هوس، تڏهن به ساڳيو بحث هلي رهيو هو. ديسي صحافت مان هڪٻئي تي گند اڇلائڻ، هڪٻئي کي لوئڻ جو رجحان ڪيئن ختم ٿيندو ۽ ڪڏهن ختم ٿيندو!
8 نومبر 1975ع