استعيفا ڏبي، نه ڏبي
”ڇا جي استعيفا !“
”راولپنڊيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ اوهان جي ليڊر صاحبان چيو هو ته اوهين سڀئي گڏجي، يعني باجماعت استعيفائون ڏيندا، ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جون ڪرسيون خالي ڪندا.“
”تون به صفا ڪو درويش آهين. ڪير آهين يار؟“
”مان صحافي آهيان، سائين.“
”وڃي مڇين جو شڪار ڪر. راول ڊيم ۾ سٺي مڇي هوندي آهي.“
”پر، سائين ا ستعيفائن جو ڇا ٿيو؟“
”هي وٺ چار رپيا. سيروز سينيما ۾ روسي فلمن جي نمائش هلي پئي. اڄ رستم سهراب فلم هلڻي آهي. وڃي ڏس.“
”پر سائين، استعيفائن جي باري ۾ ته ڪجهه ٻڌايو.“
”بابا ڇڏ استعيفا جي ڳالهه. ٻي ڪا ڳالهه ڪر.“
”سائين، جڏهن کان اوهان جي اڳواڻن اوهان جي اين بلاڪ استعيفائن جو ذڪر ڪيو آهي، تڏهن کان خالي ٿيندڙ سيٽن لاءِ اڳواٽ اميدوار تيار بيٺا آهن.“
”ڇا مطلب!“
”مطلب ته اوهين جيڪي نشستون استعيفا ڏيئي خالي ڪندا، انهن نشستن لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون. ڪجهه ڄڻا اوهان جي استعيفائن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن.“
”ته ڇا، عوام تي اسان جي اين بلاڪ استعيفائن جي دڙڪي جو ڪو اثر نه ٿيو آهي؟“
”مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته اوهين جيڪي نشستون صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ خالي ڪندا، سي هڪدم ڀرجي وينديون.“
”سيٽون ڀرجي وينديون، جو مشڪري آهي!“
”اوهين استعيفا ڪڏهن ٿا ڏيو؟“
”اسان کي استعيفا ڏيڻي ئي ناهي، بابلا صحافي.“
”۽ اوهان جي اڳواڻن جو اعلان ڪيو هو!“
”اعلان ڪرڻ سولو آهي، پر سيٽ ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي.“
”سو وري ڪيئن؟“
”ميان صحافي، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ميمبرن پنج پنج ۽ ڏهه ڏهه لک رپيا خرچ ڪيا آهن. ٻيو ته اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ ۾ وڏا فائدا آهن. رعب ئي رعب. اسين چريا ٿيا آهيون، جو چرين اڳواڻن جي چرچ تي اسيمبلين جون سيٽون ڇڏي ڏينداسين!“
22 ڊسمبر 1974ع