هوچي منهه جي ورسي
مون سمجهيو هو، هوچي منهه جي ٽين ورسيءَ تي ملڪ جون اخبارون خاص نمبر ڪڍنديون. جلسا ٿيندا، جن ۾ عظيم هوچي منهه کي سوين سلام ڪيا ويندا، جلوس ڪڍيا ويندا، جن ۾ عظيم هوچي منهه جي تقريرن جا حوالا ڳاڙهن بينرز تي لکي کنيا ويندا. سندس تحريرن جا پمفليٽ ۽ ڪتابڙا ورهايا ويندا. سندس تصويرون کنيون وينديون. اهو سڀ ڪجهه مون ان لاءِ سوچيو هو، ۽ سمجهيو هو، جو هوچي منهه دنيا جي ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل قومن لاءِ آزادي ۽ جدوجهد جي علامت آهي. هوچي منهه غلام قومن جي پيرن مان زنجير لاهيندڙن جو مهندار آهي. هوچي منهه چٿيل قومن لاءِ نئين زندگيءَ جو مسيحا آهي. هوچي منهه نه فقط ويهين صديءَ جو بلڪه انسان ذات جي سموري تاريخ ۾ سڀ کان وڏو، سڀ کان عظيم انقلابي ليڊر آهي، جنهن هٿيار بند جدوجهد کي سياست جي تاريخ ۾ معنيٰ وارو رخ ڏنو آهي. موت کي مقصد ڏنو آهي.
هوچي منهه ان قوم جو اڳواڻ هو، جيڪا پيٽ سان پٿر ٻڌي، مٿي اُگهاڙي، پيرين اُگهاڙي، معمولي هٿيارن، ڏنڊن، پٿرن ۽ ٺڪرن وغيره سان دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آمريڪا جو مقابلو ڪيو آهي. اڄ ويٽنامين آمريڪا کي اهڙو ششدر ڪيو آهي، جو آمريڪي ويٽنام مان ڀڄي، نڪري، جان بچائڻ لاءِ رستو ڳولي رهيا آهن. هوچي منهه جي بي مثال اڳواڻيءَ هيٺ ويٽنامين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته جديد هٿيارن، ايٽمي طاقت ۽ ظلم رستي مظلوم قومن کي پيڙڻ ناممڪن آهي. هتي مان اهو چوڻ ضروري سمجهان ٿو، ته مظلوم قوم جو سڀ کان وڏو هٿيار اتحاد آهي، سڀ کان وڏو هيڊروجن بم ٻڌي آهي. پاڻ ۾ ٺاهه آهي، ته پوءِ ٺڳن، ڦورن ۽ چورن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڏکيو ناهي. هوچي منهه قومن جي آزاديءَ ۾ هٿياربند جدوجهد سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جهڙي مضبوط ۽ لازوال اتحاد ۽ ٻڌيءَ تي زور ڏنو آهي. سندس پيغام نه فقط پنهنجي قوم لاءِ آهي، پر دنيا جي هر اُن ڏتڙيل قوم لاءِ آهي، جيڪا پرمار ۽ ڦرمار کان آزادي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي، منصوبا رٿي رهي آهي، يا سڌو سنئون جدوجهد ۾ رڌل آهي.
مون سمجهيو هو، عظيم ويٽنامي قوم جي عظيم اڳواڻ ۽ رهبر هوچي منهه جي ٽين ورسيءَ کي شاندار نموني ملهايو ويندو. اهڙي نموني ملهايو ويندو جو سامراجي ۽ سامراجين جا ايجنٽ روح تائين ڪنبي ويندا.
مون سمجهيو هو، هوچي منهه جي ورسي ملهائڻ ۾ سنڌي قوم سڀني کان گوءِ کڻي ويندي. اسين پنهنجي مظلوميت جا داستان بيان ڪندي ڪندي خلق ٻوڙي ڪري ڇڏي آهي. اسان پنهنجي ڏتڙيل حالت، تهذيبي ۽ ثقافتي قتل، ڦرمار ۽ پرمار جا وڏي واڪ ڍنڍورا ڏنا آهن. اسان پاڻ کي تحريرن ۽ تقريرن رستي دنيا جي سڀ کان مظلوم قوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهن ڪري، مون سمجهيو هو، ته اسين سنڌي، هوچي منهه جي ورسي اهڙي رنگ ۽ ڍنگ سان ملهائينداسين جهڙي نموني ويٽنامي ملهائيندا آهن. مون سمجهيو هو ته اسين سنڌي، هوچي منهه جي ورسي وڏي پيماني تي ملهائي اِهو ثابت ڪري ڏيکارينداسين، ته هوچي منهه فقط پنهنجي ويٽنامي قوم جو هيرو ناهي، بلڪه دنيا جي هر ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل قوم جو هيرو آهي.
پر اسان ڪجهه نه ڪيو. اسين سڌڙيا آهيون. عاشق زهر پياڪ ناهيون. اسين گهرن جا در بند ڪري انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ آهيون.
3 سيپٽمبر تي جڏهن عظيم هوچي منهه جي ٽين ورسي آئي، اسان ڪنن ۾ ڪپهه وجهي، اکيون بند ڪري، وات سبي ڇڏيا. هوچي منهه جي ورسي خاموشيءَ سان گذري ويئي.
10 سپيٽمبر 1972ع