پنهنجي طرفان
ادب پنهنجي معاشري جي قدرن، ماڻهن ۽ ماحول جي عڪاسي ڪندو. اسان جي معاشري ۾ ان کانسواءِ ٻي ڪابه تبديلي رونما نه ٿي آهي، جو ماڻهو اول وڏن پائنچن واريون پتلونون پائيندا هئا. پوءِ هو سوڙهن پائنچن واريون پتلونون پائڻ لڳا. وري وڏن پائنچن جو رواج آيو. اڄڪلهه وري ننڍن پائنچن جو فيشن موٽي آيو آهي. اسان جي تاريخ جا 33 سال وڏن ۽ ننڍن پائنچن جي وچ ۾ گذري ويا آهن. اندران اسين، ۽ اسان جو معاشرو اهو ئي آهي. جيڪي ڪجهه اسان جي زبان تي آهي، سو اندر ۾ نه آهي. جيڪي ڪجهه اندر ۾ آهي، سو زبان تي نه آهي. اسين ٺمريءَ کي دادرو ۽ دادري کي ٺمري سمجهندا آهيون. جنهن جي واتان ست سريون ٻڌندا آهيون تنهن کي وڏو گويو قبول ڪندا آهيون. اسان جو هاضمو ان ڪري خراب آهي جو اسين ڦٿل ناسپاتين کي صوف سمجهي کائيندا رهيا آهيون.
بهرحال، ڳالهه پئي ڪيم افسانن جي مجموعن جي. افسانن جي چئن مجموعن کي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان. اڻ ڇپيل افسانن کان وڌيڪ اڳ ڇپيل افسانن جو مون کي اونو آهي. ڏهه – پندرهن سال پراڻا افسانا جڏهن پڙهان ٿو ته محسوس ڪريان ٿو ته صاحبن کي منهنجي خلاف مفصل الزامن جي فهرست ملي ويندي. اسان کي لطيف سائينءَ جو درس مليل آهي – مئي متي مهراڻ ۾، پئه ٽپو ڏيئي، ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين. ڪتابن جا مسودا هڪ پبلشر دوست جي حوالي ڪري ڇڏيندس.
1972 ع کان 1977ع تائين لکيل ۽ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل ڪالمن کي چئن جدا جدا عنوان هيٺ، چئن مجموعن م ورهائي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان ڪالمن جي چئني مجموعن جا نالا آهن. سنڌو منهنجي ساهه ۾، امڙ ڏانهن خط، بينو منهنجو ڀاءُ، ۽ هوائي ڳالهيون.
ڪجهه عرصو اڳ الفتح (اردو هفتيوار رسالو) لاءِ ڪالم لکندو هوس، ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ، ڪالم جي سري هيٺ مختصر افسانا لکندو هوس. انهن افسانن کي به ترتيب ڏيئي رهيو آهيان.
ڏهه سال اڳ منهنجن افسانن جو مجموعو شايع ٿيو هو، جنهن جو نالو هو ”جڏهن مان نه هوندس.“ اصل ۾، جڏهن مان نه هوندس، ناول هو. اهو ناول 1968ع کان 1970ع واري دور جي پس منظر ۾ لکيل هو. جڏهن سنڌ ڀرپور تحريڪ هلائي ون يونٽ ٽوڙايو هو. مون کي چيو ويو ته حالتون اهڙي ناول لاءِ سازگار نه آهن. ناول مان گهڻو ڪجهه ڪڍڻو پيو. نيٺ طويل افساني جي صورت ۾ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو. مان سمجهان ٿو، اڃا به، ڪوبه پبلشر ان ناول کي اصلوڪي حالت ۾ شايع نه ڪرائيندو. هونءَ به ناول جو روح افساني ۾ منتقل ڪرڻ کان پوءِ ناول شايع ڪرائڻ بيسود سمجهان ٿو. اڄ ڪلهه هڪ نئين ناول تي ڪم ڪري رهيو آهيان. جڏهن به ناول تي ڪم ڪندو آهيان، تڏهن عبدالجبار شام جي ڪنهن مضمون جو هڪ جملو ياد ايندو اٿم. هن لکيو هو ته امر جليل اڳتي هلي ناول لکندو. مون کي پڻ محسوس ٿي رهيو آهي، ته مان ذهني طرح ناول ڏانهن مڙي رهيو آهيان.
اڄوڪو ڪالم ٻن سببن ڪري لکيو اٿم. مون کان پڇيو ويندو آهي ته اڄ ڪلهه ڇا ڪري رهيو آهين، خاموش ڇو آهين! هر هڪ سڄڻ کي جدا جدا جواب ڏيڻ کان بهتر ڀانيم ته ان سلسلي ۾ ڪالم لکي ڇڏيان. سچ پچ ته جيترو قرب ۽ حب ۽ محبت توهان وٽان مون کي ملي آهي، مان ان جو حقدار نه آهيان. پيار سان ٽمٽار خط پڙهي مان بي حد اداس ٿيندو آهيان. سوچيندو آهيان، مون مبهم ڳالهين، ۽ سرڪش افسانن کان سواءِ اوهان کي ڇا ڏنو آهي جو اوهان پنهنجن خطن ۾ ايڏي سڪ جو اظهار ڪندا آهيو. مان اوهان جو احسانمند آهيان. اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي، منهنجين سمورين اوڻائين سميت قبول ڪيو آهي.
مئي 1977ع