احوال هڪ ميٽنگ جو
انگريز کان آزادي حاصل ڪئي اسان کي ٽيهه سال ٿي ويا آهن – پر اقتصادي، معاشي، تعليمي، زراعتي، پيداواري ۽ ٻين انيڪ شعبن ۾ اسان جا خاص صلاحڪار انگريز آهن. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين جيڪڏهن ايتري قدر انگريز جا محتاج آهيون، ته پوءِ اسان انگريز کان آزاديءَ جي تقاضا ڇو ڪئي هئي! انگريز بادشاهه جي حڪومت هجي ها – انگريز بادشاهه اسان جو گاڏو گيلهيندو رهي ها. اقتصادي، معاشي، زراعتي، ترقياتي ۽ تعليمي نظام ۾ خود مختيار ٿيڻ بي معنيٰ آهي. اسان جن کان سياسي آزادي حاصل ڪئي آهي، اڄ انهن جا محتاج آهيون. هو اسان جا صلاحڪار آهن. آفريڪا ۽ ايشيا جا اهڙا ملڪ جن اقتصادي، ۽ پيداواري شعبن ۾ مڪمل آزادي حاصل نه ڪئي آهي، تن ملڪن جي سياسي آزادي نالي ماتر آهي. ان داتا جڏهن اسان جي اقتصادي ۽ مالي مدد ڪندو آهي، تڏهن اسان جي سياسي معاملن ۾ دخل اندازي ضرور ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آفريڪا ۽ ايشيا جا اهي ملڪ جيڪي اقتصادي ۽ مالي طرح سرمائيدار ملڪن جا محتاج آهن، تن ملڪن ۾ سياسي ڏڦير آهي – سياسي افراتفري آهي – سياسي بدحواسي آهي.
بهرحال، اهو حاڪمن جي مٿي جو سور آهي ته سياسي آزاديءَ جي بقا ۽ استحڪام لاءِ اقتصادي ۽ معاشي ۽ مالي خود مختياري لازمي آهي، يا نه آهي. هتي ان سلسلي ۾ مون کي ڪجهه به چوڻو نه آهي. مون کي اڄوڪي ميٽنگ ۾ پاڪستانين جي بدحواسي ۽ ڪسمپرسيءَ جو ذڪر ڪرڻو آهي.
انگريز ذري گهٽ ٻه سو سال اسان تي حڪومت ڪئي. اسين ذهني طرح سندس غلام هئڻ جي باوجود سندس ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. ميٽنگن جي ڪارروائي هميشه، لازمي طرح انگريزيءَ ۾ هلندي آهي. اڄوڪي ميٽنگ جي ڪارروائي به انگريزي ٻوليءَ ۾ هلي رهي هئي. پاڪستاني ماهر ويچارا ٻن مسئلن ۾ منجهيل نطر آيا – هنن کي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪرڻو هو، سوبه انگريزيءَ ۾! صحيح انگريزي، سا به ان معيار جي جنهن ۾ انسان اندر جي ڳالهه ڪري سگهي، سا يارن لاءِ ڏکي پئي لڳي. هنن صحيح انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ته پنهنجي ذهن ۽ دل جي ڳالهه نه پئي ڪري سگهيا. ۽ جڏهن دل جي ڳالهه پئي ڪيائون تڏهن صحيح انگريزي نه پئي ڳالهائي سگهيا. ويچارن سان وڏي ويڌن هئي. ٻه انگريز سندن مجبوريءَ تي مرڪي رهيا هئا. هو روانيءَ سان پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي مٿن پنهنجي برتري ظاهر ڪري رهيا هئا. انگريزن کي تڪڙو، ۽ روانيءَ سان انگريزي ڳالهائيندي ڏسي پاڪستاني ماهر احساس ڪمتري جو شڪار ٿي رهيا هئا.
منهنجو خيال آهي ته پاڪستاني ماهر جيڪڏهن تڪڙي ۽ صحيح انگريزي ڳالهائڻ، يا دل جي ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي بدحواسيءَ جو اظهار نه ڪن ها، ته اُها ميٽنگ وڌ ۾ وڌ هڪ ڪلاڪ هلي ها. پر، اها ميٽنگ پنج ڪلاڪ هلي.
25 آگسٽ 1977ع
_______
اهڙن ملڪن ۾ پاڪستان هڪ نادر نمونو آهي. ٽيٽيهه سال اڳ ڪيل تجزيي کي صورت سميت اکين آڏو ڏسي رهيو آهيان.