انصاف ۾ دير يعني انڌير
جيڪي ماڻهو سوچيندا ناهن، انهن جي صحت (ذهني صحت ڇڏي) ڏسڻ وٽان هوندي آهي. سوچبو دماغ سان آهي. دماغ جو ڪم سوچڻ آهي، پر، دماغ جو هاضمي سان ڪهڙو تعلق آهي، ان راز جي باري ۾ ڪنهن سيڪريٽ ايجنٽ کان پڇڻو پوندو. جيڪي ماڻهو سوچيندا آهن، انهن کي بک نه لڳندي آهي، ماني هضم ڪري نه سگهندا آهن. مطلب ته کين بد هاضمي جي بيماري ٿي پوندي آهي. ها، اِهو ياد رکڻ گهرجي، ته بدهاضمي جو هرڪو مريض بنيادي طرح سوچڻ جي ڪري بدهاضمي جو شڪار نه ٿيندو آهي. تنهنڪري بدهاضمي جي هرهڪ مريض کي پيٽ سان گڏ دماغ جي علاج جو فڪر ڪرڻ نه گهرجي.
جنهن خبر جو ذڪر ڪندي، سوچ، ۽ سوچ کان پوءِ بدهاضمي جو ذڪر نڪتو آهي، سا خبر گذريل هفتي جي سنڌي اخبارن ۽ ڪجهه انگريزي ۽ اڙدو اخبارن ۾ به شايع ٿي هئي. اها خبر سکر جي باري ۾ هئي. سکر ۾، هڪ ڪورٽ سڳوريءَ جي نڪ هيٺان (اهو انگريزي محاوري Under the Nose جو آزاد ترجمو آهي)، خون جو الزام ۾ ڦاٿل ٽن ڏوهارين کي مخالف ڌر جي جوانن گوليون هلائي اُڦٽ ماري وڌو. اها هئي اها خبر جنهن جي ڪري سوچ، ۽ سوچ کان پوءِ بدهاضمي جو ذڪر نڪتو آهي.
ڪورٽ سڳوريءَ جي موجودگيءَ ۾، مخالف ڌر جي ماڻهن ڪيس جي شنوائيءَ ۾ آيل ڏوهارين مان ٽن کي ماري وڌو. ڪورٽ سڳوري پوڙهي ڪمزور ۽ ضعيف قانون جي ڦڏي لٺ تي هلندڙ ۽ ٿڙندو، انصاف جي ناني، ڪجهه ڪري نه سگهي. ڏسندي رهي.
همو رابيءَ جي پٿرائين ٿنڀ تي اِنصاف جي باري ۾ جيڪي لکيل آهي سو اٺ – ڏهه هزار سال گذرڻ کان پوءِ به سچ آهي -فيصلي ۾ دير نه وجهو. اسان جيئن ته دنيا جي هر هڪ اصول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، تنهن ڪري، اِنصاف ۾ دير، (دير به انڌير جهڙي) وجهڻ اسان لاءِ فخر جو باعث آهي.
قانون اِنسان جي وحشي جذبن کي ٻنجو ڏيڻ ۽ قبضي هيٺ رکڻ جو دستور آهي. قانون جڏهن فيصلي ڪرڻ ۾ دير وجهي ٿو، جڏهن معمولي نوعيت جا ڪيس پنجن کان ڏهن، ۽ ڏهن کان ويهن سالن ۾ به فيصلا ٿي نٿا سگهن، تڏهن قانون ناقص ثابت ٿئي ٿو. تڏهن قانون بيڪار ثابت ٿئي ٿو، ۽ انسان فطرتي طرح انتقام وٺڻ لاءِ قانون جو سهارو ۽ آسرو ڇڏي، پاڻ انتقام وٺي ٿو. جيئن سکر ۾ ٿيو آهي.
9 اپريل1973ع