ٻهراڙيون، ٻار ۽ تعليم
ماهرن جي رپورٽ مطابق سنڌ جي ٻار کي اسڪول ۾ هئڻ بدران تڏا ۽ کارا ٺاهيندي ڏٺو ويو. ماهرن جڏهن ڪجهه ٻارڙن کان پڇيو ته توهين اسڪول ڇونه ويندا آهيو، ۽ تڏا ۽ کارا ڇو ٺاهيندا آهيو، تڏهن ٻارڙن وراڻيو ته اسان جي دل پڙهڻ ۾ نٿي لڳي - ٻيو ته اسين تڏا ۽ کارا ٺاهي چار ڏوڪڙ ڪمائي وٺندا آهيون، ۽ مائٽن جي ڪلهن جو بار نه ٿيندا آهيون.
ماهرن جي رپورٽ جڏهن وڏن ماهرن وٽ پهتي، تڏهن وڏا ماهر تپرس ۾ پئجي ويا. هو سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ٻارڙن جي حالت جو جائزو وٺڻ ۽ ننڍن ماهرين جي رپورٽ جي تصديق ڪرڻ لاءِ ٻهراڙين ڏانهن ڪاهه ڪري ويا. وڃي وڏيرن وٽ رهيا. وڏي قرب ۽ آڌر ڀاءُ جا حقدار ٿيا. سنڌ جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿيا. ڪجهه گانا، ڪجهه بجانا ۽ ڪجهه کانا ڪري موٽي آيا. هنن پهرين ٽن مهينن ۾ ننڍن ماهرن جي رپورٽ جو پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو. ٻين ٽن مهينن ۾ هنن ننڍن ماهرن جي رپورٽ ۽ پنهنجي مشاهدي جي فرق بابت پهريون ڊرافٽ تيار ڪيو. ٽين ٽن مهينن ۾ هنن پنهنجي ڊرافٽ تي بحث مباحثو ڪيو. ۽ سال جي پوين ٽن مهينن ۾ هنن پنهنجي رپورٽ لکي تيار ڪئي.
وڏن ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته هنن جڏهن ٻارڙن کان پڇيو ته توهين پڙهي لکي وڏا آفيسر ۽ عملدار ڇونه ٿا ٿيو، ۽ تڏا ٺاهي پنهنجو قيمتي وقت اجايو ڇو ٿا وڃايو، تڏهن ٻارڙن وراڻيو ته اسين سڀئي جيڪڏهن عملدار ٿي پياسين ته پوءِ تڏا ڪير ٺاهيندو!
وڏن ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ هڪڙي پرائمري ماستر جو ذڪر پڻ ڪيو، جيڪو تڏا ٺاهيندڙ ٻارن کي نصابي تعليم کانسواءِ جديد ادب ۽ علم جو اڀياس پڻ ڪرائيندو هو. وڏن ماهرن ان پرائمري ماستر سان پڻ ملاقات ڪئي پرائمري ماستر کين ڊيڄاري ڇڏيو. هن چيو، ”علم نانوائيءَ جو تندور ناهي جنهن مان گرم گرم نان پچائي کائجن. علم کي جيڪڏهن فقط روزگار جو ذريعو سمجهيو وڃي، ته پوءِ اڻپڙهيل سمگر وڌيڪ سکيا آهن.“
وڏن ماهرن کي پرائمري ماستر نه فقط دهريو، ۽ ڪميونسٽ محسوس ٿيو، بلڪه هو کين دشمن ملڪ جو ايجنٽ پڻ محسوس ٿيو. هنن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته سنڌ جي ٻهراڙين مان اهڙن خطرناڪ ماسترن کي ڪڍيو وڃي سنڌ جي ٻارڙن جو آئيندو اهڙن ملحد ماسترن جي موجودگيءَ سبب اونداهو ٿو ڏسجي!
29 نومبر 1975ع