ڏوهه ڏوهاري ۽ بي ڏوهي!
ڪراچيءَ ۾ جتي ڪٿي ويندو آهيان، جنهن سان به ملندو آهيان، هڪ سوال ٻڌندو آهيان، ”پاکستان کا کیا بنے گا؟ “ ”پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟“
سورهين ڊسمبر جو ڏينهن ڪنهن بني بشر کي ياد نه هو. سورهين ڊسمبر جو ڏينهن آيو، ماٺڙي ڪري گذري ويو. اٺٽيهه سال اڳ، 16ڊسمبر 1971ع تي قائداعظم محمد علي جناح جو ٺاهيل پاڪستان ٽٽي پيو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد اڳڪٿي ڪئي هئي ته پاڪستان مشڪل سان پنجويهه سال جٽاءَ ڪري سگهندو. مولانا ابوالڪلام آزاد جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي هئي. پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، چويهين سال1971ع ۾ ٻه اڌ ٿي پيو هو. پاڪستان جو وڏو اڌ، مشرقي پاڪستان بغاوت کان پوءِ بنگله ديش ٿي پيو هو. باقي وڃي بچيو هو مغربي پاڪستان. ذوالفقار علي ڀٽي مغربي پاڪستان مان لفظ ”مغربي“ ڪڍي ڇڏيو. اهڙي طرح مغربي پاڪستان ٿي پيو پاڪستان. ڪنهن کان ڀَلُ ته هضم ٿئي، يا نه ٿئي، تاريخي حقيقت اِها آهي ته موجوده پاڪستان محمد علي جناح وارو پاڪستان ناهي. موجوده پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان آهي. موجوده پاڪستان جي عمر اٺٽيهه سال آهي.1947ع وارو پاڪستان جنهن صورت ۾ باقي نه بچيو آهي، تنهن پاڪستان جي ٻاهٺين سالگرهه ملهائڻ بي معنيٰ ٿو لڳي. ٻاهٺين سالگرهه ملهائڻ جو مطلب آهي ته ڊسمبر1971ع ۾ پاڪستان نه ٽٽو هو – ملڪ جو وڏو حصو مشرقي پاڪستان ڦري بنگلاديش نه ٿي پيو هو. اِها تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي.
16 ڊسمبر تي بنگله ديش يوم آزادي ملهايو هو، جنهن کي هنن يوم نجات جو نالو ڏنو آهي. بنگله ديش ٽيليويزن تان 16 ڊسمبر تي پاڪستان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالين جي جدوجهد واريون ڊاڪيومينٽري فلمون به ڏيکاريائون. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو هر سال سورهين ڊسمبر تي پاڪستان ۾ يومِ ندامت ملهايو وڃي. ۽ حاڪمن کي اڳوڻو حاڪمن پاران توبهه تائب ٿيڻ گهرجي جن پنهنجي سياسي چور بازيءَ ۽ ڪرپشن سان بنگالين جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو.
ڪرپشن لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ آهي بدعنواني، پر، ٻڌڻ ۾ لفظ بدعنوانيءَ جو اهڙو اثر يا تاثر ناهي جهڙو لفظ ڪرپشن يا بدڪرداريءَ ۾ آهي. ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان بدڪردارن پاڪستان ۾ موج ڪئي آهي. هيءُ ڏاڍو عجيب ملڪ آهي جنهن ۾ بدڪردار، حرام خور، چور، ٺڳ ۽ قاتل ويندا آهن چوٽ چڙهندا. پنهنجا پنهنجا ڪنسورشيم ٺاهي معاشي، سياست، واپار، ناڻي، ۽ اقتدار تي قبضو ڪري وٺندا آهن. هو پنهنجي ڪرپشن ۾ ايتري قدر ته اعليٰ پائي جا سائنسدان ۽ ٽيڪنوڪريٽ ٿي پيا آهن جو سندن ڪرپشن ثابت ڪرڻ لاءِ اسين ته ڇا، ڊاڪٽر واٽسن ۽ سندس استاد دوست شرلاڪ هومز به بيوس ٿي پوندا.
پنهنجي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ لاءِ هنن اهڙا اهڙا ته قائدا ۽ قانون ٺاهي ورتا آهن جو کين وائکو ڪرڻ امڪان کان ٻاهر ٿي پيو آهي. تنهن ڪري ڪجهه سوال اڄ تائين جواب کان محروم سواليه نشان وانگر ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيا آهن.
منهنجيءَ ڳالهه کي اجايو ڇڪي تاڻي آصف علي زرداريءَ تائين نه کڻي وڃجو. ڳالهه سمجهڻ ۽ ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪجو. آصف علي زرداريءَ کان اڳ به خدا جا نيڪ بندا صدارت جي منصب تي آيا هئا، ۽ آصف علي زرداريءَ کان پوءِ به صدارت جي منصب تي ايندا رهندا. آئين ۾ صدر سائينءَ لاءِ جداگانه مراعتون زرداريءَ نه وجهرايون آهن. اهي مراعتون آئين ۾ اڳيئي موجود آهن. هاڻي اچئون ٿا انهن سوالن تي جن جي نصيب ۾ جواب لکيل ناهي.
سوال جي وضاحت: آئين صدر کي مڪمل تحفظ ڏنو آهي. مٿس ان وقت تائين ڪيس هلائي يا کيس عدالت ۾ گهرائي نه ٿو سگهجي جيستائين هو صدر جو منصب ماڻي ٿو.
پهريون سوال: جيڪڏهن هڪ اهڙو شخص صدر ٿي پوي، جنهن تي انيڪ ڪيس هلندڙ هجن، ته ڇا هو آئيني تحفظ جو فائدو کڻندي شاهدين ۽ ثابتين جي رڪارڊ سان هٿ چراند نه ڪندو؟ ان لاءِ آئين ڪهڙي ضمانت ڏني آهي؟
ٻيو سوال:ان استعدلال تي ته جيستائين عدالت جو فيصلو اچي، ملزم بيڏوهي سمجهبو آهي، وزير جن تي ڪرمنل ۽ ڪرپشن جا انيڪ ڪيس هلندڙ آهن، پنهنجي منصب تي ويٺا هوندا ته ڇا پنهنجو اثر رسوخ هلائي، هلندڙ ڪيسن تي حاوي نه ٿيندا؟ ان جي گارنٽي ڪير ڏيندو؟
ٽيون سوال: جن وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز تي ڪيس هلندڙ آهن اُنهن کي عام سرڪاري ملازمن وانگر عدالت جي فيصلي اچڻ تائين معطل ڇونه ڪجي؟
چوٿون سوال: عام ماڻهن کي، جن تي ڪيس هلندڙ آهن، ۽ عدالت جي فيصلي اچڻ تائين منطق مطابق بيڏوهي آهن، تن کي وزيرن وانگر نوڪري چاڪري، ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڇونه آهي؟ عدالت جي فيصلي اچڻ تائين هو جيڪڏهن بيڏوهي آهن ته پوءِ انهن مان انيڪ جيلن ۾ بند ڇو آهن؟
ڪنهن وٽ انهن سوالن جو جواب هجي ته ”افيئر“ کي لکي موڪلجو.
15 ڊسمبر 2009ع