ڪنهن کي ڏوهه ڏجي
سنڌ يونيورسٽيءَ، ۽ ڪجهه ڪاليجن جي شاگردن جي افسوس ناڪ حرڪتن ۽ رويي جو ذڪر جيستائين سنڌ جي سرحدن تائين محدود هيو، تيستائين چور جي ماءُ وانگر اسين ڪنڊ ۾ روئي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندا هئاسين. پر، هينئر سنڌي شاگردن جي ڪار گذارين جون ڪهاڻيون سنڌ جي سرحدن مان نڪري پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. چور جي ماءُ لاءِ هاڻي ڪنڊ ۾ روئڻ محال ٿي پيو آهي. چوپچو هلي رهيو آهي.
ڪنهن پڇيو، ”تو وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري آهي نه؟“
وراڻيم ، ”ها“
چيائين، ”اچي، هيءُ ايڊيٽوريل پڙهي ڏس.“
هن ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. اخبار سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي حرڪت ۽ يونيورسٽي بند ٿيڻ بابت ايڊيٽوريل لکيو هو.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪراچيءَ جي اخبارن کي وڏي اهميت سان پڙهيو ويندو آهي. مون کي يقين آهي، ته شايد ئي ڪو اهڙو پڙهيل ڪڙهيل شخص پنڊيءَ يا اسلام آباد ۾ موجود هوندو، جنهن ان انگريزي اخبار جو ايڊيٽوريل نه پڙهيو هوندو، يا ان ايڊيٽوريل متعلق ذڪر نه ٻڌو هوندو.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ عام تاثر اهو آهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيل شاگرد ڇسا، ڏڏ، ۽ جاهل هوندا آهن. ان عام رايي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا سمورا شاگرد شامل سمجهيا وڃن ٿا. پوءِ ڀل ته اُهي شاگرد کڻي ان دور جا ڇونه هجن، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو جڳ ۾ نامياچار هوندو هو!
سنڌ جي شاگردن جي خذمت ۾ مون کي فقط ايترو عرض ڪرڻو آهي، ته يارو، ڏنڊي جي زور تي ڊگري حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڏنڊي جي زور تي نوڪري به حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر ڏنڊي جي زور تي زندگيءَ ۾ قدم قدم تي ايندڙ چٽا ڀيٽين ۾ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿي سگهجي. اڄوڪي دور جي سنڌي شاگرد کي اهو ٻڌي شايد اچرج نه ٿيندو. ته دنيا جي اڪثر يونيورسٽين ۽ ملڪن سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عزت کان مٿي ڪابه دولت نه آهي. مون کي سخت ارمان سان لکڻو پوي ٿو، ته سنڌ جي ساک، سنڌ جي عظمت ۽ سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دشمن سنڌ جو اڄوڪو شاگرد آهي (مان انهن شاگردن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان، جيڪي پاڻ پتوڙيندا آهن، ۽ نور نچوئي امتحانن جون تياريون ڪندا آهن).
1 2 جنوري 1975ع