نئون نڪورو آئين
گذريل هفتي جيڪو آئين ڏنو ويو آهي، تنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اسلامي آهي، ۽ جمهوري به آهي. آئين جو جشن ملهايو ويو. بينڊ باجا، ۽ دهل وڳا. اخبارن خاص نمبر ڪڍيا. آئين جي سلسلي ۾ اخبارن جيڪي خاص نمبر ڪڍيا، اُهي اشتهارن سان ڀريل هئا. اشتهار ڏاڍا مزيدار ۽ چرچائي هئا. گهڻا ماڻهو اشتهارن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن. مان سڀ کان اڳ اخبار ۾ اشتهار پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ خبرون ۽ پوءِ ايڊيٽوريل.
آئين جي سلسلي ۾ شايع ٿيل خاص ايڊيشنز ۾ اخبارن کي هن طرح جا اشتهار مليا، جيڪي هنن شايع ڪيا –
اشتهار 1 : (هڪ هوٽل پاران)
”جمهوري ۽ اسلامي آئين مبارڪ. اسلامي آئين جي خوشيءَ ۾ اڄ رات اسان جي هوٽل ۾ هوش اڏائيندڙ البيلين ۽ الهڙ جوانين جا رقص ڏسو.“
اشتهار 2 : (پاران - پاڻ سمجهو!)
”ملڪ کي وفاقي، جمهوري ۽ اسلامي آئين ملڻ جي خوشيءَ ۾ جشن ۾ شامل ٿيو، ۽ بليڪ ڊاگ واٽ 69، ۽ جاني واڪر اسٽل گوئنگ اسٽرانگ جا چشڪا وٺو.“
اشتهار 3 : (هڪ هوٽل پاران)
”آئين مبارڪ - دستور مبارڪ. اسان هن مبارڪ موقعي تي خاص بفي ڊنر جو اهتمام ڪيو آهي، جنهن ۾ سٺ طعام پيش ڪيا ويندا. في ماڻهو پنجاهه رپيا ايڪسائيز ڊيوٽي ڏهه سيڪڙو جدا.“
(ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان دنيا جي غريب ملڪن مان هڪ آهي).
1 2 اپريل 1973ع
____
1973 ع جا پنجاهه روپيا اڄ ڪلهه جي اڍائي هزار روپين برابر هوندا هئا.