آزاديءَ جو اٺاويهون سال
ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبليءَ آڏو تقرير ڪندي، 11 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم هڪ هنڌ چيو هو:
”مان اهو نه ٿو چوان ته ٻيا ملڪ اِن لعنت کان ڪي بچيل آهن. پر، مان سمجهان ٿو اسان جي حالت ان سلسلي ۾ سڀني کان خراب آهي، ۽ اها لعنت آهي بدعنوانيءَ ۽ رشوت جي. اسان کي ان لعنت جي پاڙ پٽڻي آهي“
اسان جي آزاديءَ کي سڄا سمورا 28 سال گذري ويا آهن. اسين رشوت ۽ بدعنوانيءَ جي پاڙ پٽي نه سگهيا آهيون. اسين هاڪيءَ جو عالمي اعزاز هارائي، رشوت ۽ بدعنوانيءَ جو عالمي اعزاز حاصل ڪري رهيا آهيون. اسين جيئڻ لاءِ رشوت ڏيندا آهيون. مرڻ لاءِ رشوت ڏيندا آهيون. مان بدعنوان ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جو ميمبر آهيان!
ساڳئي تقرير ۾ قائداعظم چيو هو.
”بليڪ مارڪيٽنگ اسان لاءِ ٻي لعنت آهي.“
مان قائداعظم جي جملي سان انحراف جي گستاخي ڪري نه ٿو سگهان. 28 سالن جي آزاديءَ ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ڪيترن ماڻهن لاءِ رنگين مارڪيٽ کولي ڇڏيا آهن. اها ٻئي ڳالهه آهي، ته رنگين مارڪيٽن ۾ ڳاڙهو رنگ چاڪيواڙي جي مزور جي رت جو آهي. اهو رنگ چترال جي مزور جي رت جو رنگ آهي. اهو رنگ مريءَ ۽ سوات جي هوٽلن ۽ ڊاڪ بنگلن ۾ بک ۽ افلاس سبب وڪامي ويل نينگرين جو آهي!
اسان جي ملڪ ۾ بليڪ مارڪيٽ هينئر اوپن مارڪيٽ جي صورت وٺي رهيو آهي. اسين بليڪ جي کنڊ کائي ذيابيطس جا مريض ٿي پيا آهيون. ذيابيطس کي روڪڻ لاءِ اسين ڊايابٽيز جي گورين بدران چاڪ ۽ چن جون گوريون کائي رهيا آهيون، ۽ انسولين جي انجيڪشن بدران ڊسٽل واٽر جون سيون هڻائي رهيا آهيون.
ساڳئي افتتاحي تقرير ۾ قائداعظم هڪ هنڌ چيو هو.
”ڪيترين ئي چڱاين ۽ براين سان گڏ اسان کي ٺڳي ۽ ڪپت (Robbery) ۽ پنهنجي کي ورسائڻ(Nepotism) ورثي ۾ مليو آهي. ان برائي کي سختيءَ سان چٿڻو آهي.“
ان برائيءَ کي اسين چٿي نه سگهيا آهيون. ان لاءِ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو چٿڻ لاءِ جڏهن همام دستي جو بندوبست ڪيو ويو، تڏهن هڪ دفعي همام مليو، ته دستو نه مليو. ۽ ٻئي دفعي دستو مليو ته همام نه مليو. ٽئين دفعي جڏهن همام دستو مڪمل مليو تڏهن چٿڻ لاءِ هٿ نه مليو. ۽ جڏهن هٿ مليو، تڏهن اهو هٿ اڌ رنگ ۾ ورتل هو. هونءَ نه ته اسين قائداعظم جي حڪم جي پيروي ضرور ڪريون ها. ڇا ڪريون، مجبور آهيون. هينئر اقربا پروريءَ ۽ ٺڳيءَ کي چٿڻ ويٺاسين، ته سموري قوم کي چٿي رکنداسين. نيٺ به ته آزاديءَ کي 28 سال گذري ويا آهن!
ون - يونٽ جا ڳجها ورڪر اسان کي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي معاملي ۾ مارڻ لاءِ قائداعظم جي تقريرن جا حوالا ڏيندا آهن. اتفاق سان اسان به قائداعظم جون ڪجهه تقريرون پڙهي ورتيون آهن. ان ۾ اسان جو ڏوهه ناهي. سمورو ڏوهه پبلشرن جو آهي، جيڪي قائداعظم جي باري ۾ هزارين ڪتاب ڇپائي رهيا آهن. سمورو ڏوهه لائبريرين جو آهي، جيڪي کوجنا لاءِ مواد ميسر ڪري رهيون آهن.
قائداعظم ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڏاڍيءَ عزت سان ڏسندو هو. ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن اول 1936ع ۾ ۽ پوءِ 1946ع وارين چونڊن ۾ مسلمانن جي لاءِ ڏينهن رات ورڪ ڪيو. پاڪستان جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙيو. قائداعظم جي فرمان تي هنن ساهه قربان ڪيو. ڪنهن به طرف کان ڏسجي، ته پاڪستان جي قيام ۾ ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن تمام اهم، ۽ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو.
۽ پوءِ، اهي ڊاڪا يونيورسٽي جا ئي شاگرد هئا، جن پاڪستان جي خلاف بنگلاديش تحريڪ کي زور وٺايو. بنگلاديش جي قيام ۽ پاڪستان جي ڊاهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، ۽ نيٺ بنگلاديش کي وجود ۾ آڻي ڏيکاريو.
ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن ائين ڇو ڪيو؟ جنهن پاڪستان لاءِ هنن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو، ان پاڪستان کي ڊاهڻ لاءِ هنن جان جي بازي ڇو لڳائي ڇڏي؟
ان سلسلي ۾ مون وٽ ڪجهه سوال آهن، جن جا جواب واضح آهن، تنهن ڪري هتي لکڻ ضروري ناهن.
1 - ائين ته ناهي، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي معاملي ۾ حڪومت ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي؟
2 - ائين ته ناهي، سندن اقتصادي وسيلن تي ٺڳن ۽ ڪپتين قبضو ڪري ورتو هو؟
3 - ائين ته ناهي، سياسي لاهين چاڙهين ۾ اسلام جي مقدس نالي کي استعمال ڪري کين جائز حقن کان محروم ڪيو ويو آهي؟
4 - جڏهن به هنن حقن لاءِ آواز اٿاريو، تڏهن کين غدار ۽ هندستان جو ايجنٽ سڏيو ويو؟
5 - ائين ته ناهي، امپيريل ڪامورا، بنگالين کي سندن قد بت ۽ رنگ روپ سبب پاڪستان جا ٽئين درجي جا شهري ليکڻ لڳا هئا؟
اهڙا هزارين سوال ذهن ۾ آهن. هرهڪ ذهن ۾ آهن، جن لاءِ جواب ضروري ناهن.
اسين ازل کان تاريخ جا دشمن آهيون. اسان جي آزاديءَ کي اڄ28 سال گذري ويا آهن. اسين ڀڄي ڀري وري ٺهي رهيا آهيون. پر تاريخ سان دشمنيءَ جو جذبو اسان جو ساڳيو آهي. تاريخ جي تلخ سبقن کي وسارڻ ۽ تاريخي غلطين کي ورجائڻ اسان جو دلچسپ مشغلو آهي!
14 آگسٽ 1975ع
______
ڊي پي آر- ڊفينس آف پاڪستان رولز