شاعري

مُسافر وفائون

مُسافر هاليپوٽو، پنھنجي هر شعر ۾ شعور جي راھہ جو پانڌيئڙو نظر اچي ٿو ۽ وٽس وطن جو درد، محبوب جا ماڻا، لوڪَ جون محروميون، عورت جي مظلوميت، روايتي بيھودہ رسمون ۽ انھن ۾ پيڙجندڙ وجودن جا لقاءَ، بُک، بيروزگاري سميت ڪو اهڙو دُک درد ڪونھي، جيڪو مُسافر جي شعر کان گُٿو هجي. اِها هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جي نشاني آهي. مُسافر هاليپوٽي جي شاعريءَ جي اهم ڳالھہ لاڙ پَٽَ جي حُسناڪ ٻوليءَ سان گڏ سندس سادي، عام فھم ۽ موجودہ وقت جي مروِج ٻولي آهي، جيڪا عام سادڙي ڳوٺاڻي کي بہ سوَلائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي.

Title Cover of book مُسافر وفائون

مُهاڳ : شاعريءَ جي ميدان جو مسافر..!!

مُهاڳ : شاعريءَ جي ميدان جو مسافر..!!


زندگي پنهنجي اصل منزل ڏانهن مسافريءَ جو ٻيو نالو آهي، اهڙو سفر جنهن جي منزل آخرڪار اتي ئي آهي جتي جيڪو ويو اتان نه موٽيو نه ئي وري خبر آندائين، ڀٽائي سرڪار چواڻي ’نڪو خبر نه خواب نڪو اوٺي آئيو‘ جي فلسفي تي هلندي ئي گذري ٿي. خواب به هڪ مسافري آهي دماغ جي جيڪا منٽن ۾ ڪوهين ڏور هلي ويندي آهي ۽ ان جو انت اک کلڻ سان ئي ٿيندو آهي. اهڙي ئي مسافري محبتن جي به آهي، جي اها محبت نالي ڪا شئي نه هجي ها ته نڪو هي جهان هجي ها نه ئي هن کي پنهنجو پاڻ هجڻ جو موقعو ملي ها نه ئي ان جي جستجو ۾ گهڻن کي ريگزار رلڻا پون ها. ها، اها محبت ئي آهي جنهن پنهنجا جوهر آڙاهه ۾ به ڏيکاريا ته نيل نديءَ ۾ رستا پار ڪندي به پورا ڪيا، ته وري محبت سخت پٿريلي زمين ۽ تپندڙ رڃ ۾ به پهتي ۽ سرخرو ٿي.
اها محبت ئي آهي جنهن ڀنڀوران سفر شروع ڪيو، اها ئي محبت آهي جنهن مهراڻ جي بدمست ڇولين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ اها به محبت جي انتها آهي جو ڇُلندڙ سمنڊ ڪناري تي ويهي، اکين سامهون ٻيڙائتن کي ويندي ڏسي به انهن جي ورڻ جي انتظار ۾ تڙَ تي ونجَهه جيئن خاموش زندگي گذاري گذاري، ڏياري اچڻ کان ٿورو اڳ ئي پنهنجي سفر جي انتها تي پهچي چوي ٿي، ’ماءِ سامونڊي آئيا.‘
اها به ته محبت آهي جنهن ڪينجهر جي داستان کي امر بڻايو، ها محبت جي مسافري به عجيب آهي، عجيب به اهڙي تهڙي..! اها به ته محبت آهي جنهن ۾ کاري جا کيڙائُو، موکيءَ جي ميخاني تي پهچي چون ٿا ته، ’پروڪو ئي پِيار، هاڻوڪي ۾ حال ڪونهي ڪو.‘ اها به ته محبت جي مسافري آهي جو پنهنجي پاڻ جي ڳولا ۾ ڪيترو اڳتي نڪري صرف ايترو چوي ٿو، ’مون کي ته منهنجي ڳولا آهي اوهان ڪنهن کي ٿا ڳوليو.‘
قلم به هڪ مسافر آهي ان جي مسافت، ڪاغذ جي اڻ کٽ ميدان تي الائي ڪٿان ڪٿان ٿيندِي ٿيندِي ۽ هلندي رهي ٿي. قلم جي اڻ کٽ سفر ۾ جي شاعريءَ جي سونهن ديويءَ جو عشق ٿيو وڃي ته محبتن جون مسافتون، ماتليءَ کان ٿيندي ڪتاب پنن تائين پهچن ٿيون ۽ پنهنجو پورو جوڀن پنهنجو پورو جلوو ڏيکارين ٿيون، جنهن ۾ سرجيندڙ جي پنهنجي ئي زندگيءَ جا اولڙا ائين ٿا ڀاسن ڄڻ ته هي سڀني جو درد ساڳيو آهي، ها هونئن به ته درد جو ذائقو دنيا ۾ هڪجهڙو ئي ته آهي. سندس هي شعر ته ڏسو:
اميدن جي پُٺارڪ ۾ ، ٽُٽل ڪي خواب ئي آهن،
اوهان جي نينهن جا مون وٽ اهي تحفا بچيا آهن.
-
يزيدي دور ڏي ٿورو وڃو، ذهنن کي موٽائي!
اهي ساڳيا ستم آهن اُها دردن جي دلدل آ.
جڏهن اتر واءُ ۾ سندس جهوپڙي ڪکائين گھر جي وٿين مان سيرون سيرون ڪندي ايندڙ روشنيءَ سان گڏ ساهه سڪائيندڙ ۽ جان ڏڪائيندڙ سردي موڪلي ٿي ته ان وقت هن جي قلم مان جيڪي آڙاهه نڪرن ٿا سي سچ ته مچَ جو ڪم ڪن ٿا جنهن تي ويهي هُو ۽ هن جي ڏات ديوي هٿ سيڪين ٿا ۽ انهي تپش احساس توهان هنن سٽن مان حاصل ڪري سگهو ٿا، سندس ٻيو شعر ڏسو:
حنا جا رنگ زخمي هِن، ڳلن جا ڳوٺ ڳوڙهن ۾،
وفائن جون ڪجن ڪنهن کان پڇائون شهر تنهنجي ۾.
هر علائقو پنهنجي پنهنجي تاريخ ۽ تاريخ سان گڏ پنهنجو حسن رکي ٿو، اهڙي حسن کي صرف حساس دل ماڻهو ئي پرکي ڏسي سگهن ٿا ۽ دنيا جي آڏو پنهنجي شاعري وسيلي ئي پکيڙي سگھن ٿا سندس غزل جي هن بند کي توهان ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو اهو توهان تي ڇڏيل آهي:
متان ڀُلجي ڪڏهن ڪانئر کڻي ميري نظر هن ڏي،
سنڌي جوڌا جگر آهيون الئي ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
تنهنجين ناپاڪ ڳالهين کي مسافر سمجهي ويا آهيون،
نه هر گز بي خبر آهيون الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
سرنهن جو ڦولارجڻ، سورج مکيءَ جا ڦُول، ڪڻڪ جا سنگَ ۽ محبت مان ڀريل آرس جهڙي اوت کي ڪير سوچي سمجهي سگهيو آهي، جي ڪنهن سمڌو آهي ته اهو ئي آهي هڪ حساس ذهن رکندڙ ڏات ڌڻي. سندس حساسيت جي چاشني هن شعر ۾ ڪيڏو نه شدَ مدَ سان اڀري بيٺي آهي ۽ پاڻ هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿي:
عشق اڻموٽ ۾ دل وڍي آ مگر،
بادشاهي حُسن جي سلامت رهي.
هُو سلامتيءَ جو نوڪر عبدالسلام ئي آهي، جنهن کي جڏهن پنهنجي وجود جي ٽڪري جي ڌار ٿيڻ جو، قاتل ذائقي واري جدائيءَ جو پاڻي ملي ٿو ته هن جي ڏات ديوي اڃان وڌيڪ نروار ٿئي ٿي ۽ هن جي آهُن ۽ دانهُن جي اثر کي وڌيڪ اثرائتو ڪري ٿي. سندس جدائيءَ ۾ لکيل هن بند کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪندئو:
ضبط جا هي بند اڏجن ڪيترا،
ڪربلا ئي ڪربلا آ زندگي.
درد ڌرتي فڪر فاقه روح رت!
روز هڪڙي ٻي سزا آ زندگي.
-
يار افضل تون ته هليو دور وئين،
مات منهنجي تو سوا آ زندگي.
هُو صرف ماتليءَ کان ماتليءَ تائين يا سندس ذات ڀائين تائين جو ڪو اولڙو نه آهي، هن جي اک ته انتهائي پري تائين نه صرف ڏسي سگهي ٿي بلڪه انتهائي چِٽو ڏسي سگهي ٿي، هن جو قلم انهي ڏٺل عڪس کي ڪيئن شعر جي گرفت ۾ آڻي ٿو ان جو مزو توهان به وٺو:
سٽ نارائڻ تنهنجي ٿيندي!
پوري سي پرڪار ڏسون ٿا.
هُو باخبر قلمڪار آهي، جڏهن قلمڪار باخبر هوندو ته سمجهو هن جيڪا راهه ورتي آهي اها ٺلهي مسافري ڪونهي نه ئي اجايو ڪو ڪيل پنڌ آهي. هو پوپٽ جي درد کي به سمجھي ٿو ته ديش دروهين طرفان لڳل راتاهَن جي تاريخ کان به واقف آهي، هو ڪرشن رنگ ساٿي جڏهن پڙهي ٿو ته لڳي ٿو هن جي اندر جا الاءُ اسپيڪرمان ٿيندا ڪچهريءَ کي گرمائين ٿا. هُو سدائين محبتن جو مسافر رهيو آهي. هن جي اک ڪنڊ تان ڳوڙهو سڪڻ جو نالو نٿو وٺي. ڀٽائيءَ جي سٽ، ’پِٽَڻ واريون پڌريون.‘ جو جيئرو جاڳندو روپ آهي. سندس شاعري جتي نون لکندڙن کي نوان دڳ ڏيکاري ٿي، اتي هن جا غزل ان ڀٽڪيل ٻيڙيءَ لاءِ لائٽ هائوس جو ڪم ڪن ٿا جنهن جي روشني جي آڌار، طوفانن ۾ اٽڪيل ٻيڙا پنهنجي منزل تي مسافرن سميت ڪناري لڳن ٿا. سندس هي سٽون ته انهن جي جيئري جاڳندي تصوير لڳن ٿيون:
اوهين تاريخ ورجائي مون کي منصور جيئن ماريو،
مسافر ڇو سچائي جا اکر تو هي چيا آهن.
هُو زندگيءَ جي اوکين گهڙين ۾ به پهاڙ جيان اڏول رهيو آهي ۽ رهندو باقي سور جون سٽون ته جبلن مان لاوا ٿي نڪرندي به ڏٺيون ويون آهن، انهن جبلن جهڙو سخت سينو به چيريو آهي. هي مسافر ته ڪيڏو نفيس ۽ نازڪ مزاج آهي پوءِ به ته مهاڏو اٽڪائي ٿو. سندس ڪيل پورهيو توهان جي هٿن تائين پهچندي ۽ اوهان جي خيالن جي ڪسوٽي تي پرکجندي اڃان وڌيڪ نکري پوندو. البته ڪٿي ڪٿي ائين به ڀاسي ٿو ته هن تڪڙ ڪئي آهي، زمين جي چونڊ جي يا ڪنهن فصل پوکڻ جي. غزل، جنهن زمين مان ڦٽي ٿو ان کي تڪڙ ڪلراٺو ڪري ٿي. هڪ اڌ دڙي اگر پوري سئو ايڪڙ ۾ ڪلراٺي آهي ته اتي به سونف پوکي سگهجن ٿا.
آئون ته صرف ايترو ئي چوندس ته مون محبتن مان ’مسافر وفائون‘ کي جيئن پنهنجي اک سان ڏٺو آهي جيتوڻيڪ منهنجي نظر ايتري تيز نه آهي پر مونکي انهي پوري ڪتاب ۾ واضح ٿيل عڪس، اولڙا، وڙهندڙ ڪردار ئي نظر آيا آهن. وفائون جڏهن مسافريءَ تي نڪرنديون آهن يا هونديون آهن ته اتي ’مسافر وفائون‘ جهڙا ڪتاب ئي تخليق ٿيندا آهن ۽ ان کي پڙهندڙ به توهان جهڙا تيز نظر ۽ سچ کي پرکيندڙ ملندا آهن. مون ته بس پنهنجي وت ۽ وس جي ڳالهه ڪئي آهي.

نسيم بلوچ