شاعري

مُسافر وفائون

مُسافر هاليپوٽو، پنھنجي هر شعر ۾ شعور جي راھہ جو پانڌيئڙو نظر اچي ٿو ۽ وٽس وطن جو درد، محبوب جا ماڻا، لوڪَ جون محروميون، عورت جي مظلوميت، روايتي بيھودہ رسمون ۽ انھن ۾ پيڙجندڙ وجودن جا لقاءَ، بُک، بيروزگاري سميت ڪو اهڙو دُک درد ڪونھي، جيڪو مُسافر جي شعر کان گُٿو هجي. اِها هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جي نشاني آهي. مُسافر هاليپوٽي جي شاعريءَ جي اهم ڳالھہ لاڙ پَٽَ جي حُسناڪ ٻوليءَ سان گڏ سندس سادي، عام فھم ۽ موجودہ وقت جي مروِج ٻولي آهي، جيڪا عام سادڙي ڳوٺاڻي کي بہ سوَلائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي.

Title Cover of book مُسافر وفائون

مسافر سان منهنجا روحاني رشتا

مسافر سان منهنجا روحاني رشتا


محبتن جي هن مسافر سان منهنجا روحاني رشتا تمام گھڻا گھاٽا ۽ ازلي آهن. اُهي ناتا ان قدر گَھرا آهن جو اسان نه صرف ڏک سک هڪ ٻئي سان بي حجاب ٿي ونڊيندا آهيون،پر هر غميءَ خوشيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار آهيون.
غميءَ جي ڳالهه ايندي ئي اول اهو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري ٿو سمجهان، تازو منهنجي جاني ڀاءُ مسافر کي سندس جاني فرزند افضل جي ابدي وڇوڙي جيڪو گهاءُ ڏنو آهي، اُن کي مون به پنهنجي تن من ۾ اوتري گھرائيءَ سان محسوس ڪيو آهي ، منهنجو پيارو ڀائيٽو افضل نه صرف مسافر جي دنيا کي ويران ڪري ويو آهي پر اُهو يقين سان چوان ٿو ته سندس لاءِ منهنجي دل به ايتري ويران ۽ اداس آهي. شال رب پاڪ منهنجي جاني ڀاءُ مسافر کي پنهنجي پياري فرزند ۽ مون کي پنهنجي پياري ڀائيٽي افضل جي وڇوڙي جو غم سهڻ جي توفيق عطا فرمائي - آمين.
ڳالهيون ان جڙاءُ سان ڪجن اول ته هڪ شاعر جي حيثيت کان الڳ ٿي ڪري به منهنجا مسافر سان تمام ويجها ۽ اڻ ٽُٽ لاڳاپا آهن ۽ مسافر جي شخصيت مون کي منهنجي جاني ڀاءُ جيئان محبوب رهي آهي ۽ انشاءَ الله تاحيات رهندي !!
ان کان علاوه مسافر سان منهنجو جيڪو ٻيو ويجھڙو ۽ پختو روحاني رشتو آهي اُهو اِهو ته اسين ٻئي هڪ ٻئي جا همعصر شاعر آهيون اها خبر نه آهي ته مسافر جو اثر مون ۾ آهي يا منهنجو اثر مسافر ۾، پر جيتري قدر اسان جي پاڻ ۾ ويجهڙائپ آهي ته ان ۾ فرق صرف ايترو آهي جو مسافر جو اندازِ بيان پنهنجو آهي ۽ منهنجو پنهنجو آهي. مجاز ۾ مسافر وٽ پنهنجي محبوب جو عڪس ۽ ساڻس مخاطب ٿيڻ جو انداز ۽ لهجو پنهنجو آهي ۽ مون وٽ منهنجي محبوب جو عڪس ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز پنهنجو آهي. باقي سنڌ امڙ لاءِ اسان ٻنهي جي سوچ لوچ ۽ منزل هڪڙي آهي اهو شايد اسان جي روحاني رشتي جي گھرائي جو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جا خيال به هڪ ٻئي سان ايتري ويجهڙائپ رکن ٿا.
مسافر جو وفائون واقعي به مسافر رهيون آهن. مسافر پنهنجي ذات جي خول ۾ ڪڏهن به نه آهي رهيو، مون هن کي هميشه مون ۾ سمايل محسوس ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح هن کي ٻين ۾ به سمايل ڏٺو اٿم. مسافر سچاين جو وسيع سفر طئي ڪندي اُتر کان لاڙ ۽ ڪاڇي کان ڪجلاسر، ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين جيڪي محبتن جا نقش سنڌ امڙ جي نقشي جيئان پنهنجي شاعريءَ ۾ چِٽيا آهن، انهن ۾ وفائن جا اهڙا ته اجرڪي پَورَ ڀريا اٿس، جيڪي سندس روحاني رنگ جيئان پڪا، پُختا، چِٽا ۽ ڪڏهن به نه مٽجندڙ آهن.
مسافر جي شاعري لاڙ جي ٽُڪ واري رليءَ جيان خوبصورت ۽ رنگين آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي انيڪ ٻرندڙ مسئلن تي سندس رُوحَ اُڇلون ڪنهن سامونڊي وير جيئان نظر اينديون آهن جيڪي سنڌ امڙ مٿان ٿيندڙ هر ڏاڍ جبر کي لوڙهي وڃڻ گُهرن ٿيون.
مسافر جون اکيون هميشه سنڌ امڙ جي مٿان امن جو سج اُڀرڻ جي اوسيئڙي ۾ رهيون آهن. مسافر پنهنجي لڙڪن سان سنڌ جي مٽيءَ کي آلو ڪري جيڪي اُميدون پوکيون آهن آئون يقيناً انهن جا سلا مورندي ڏسان پيو. اُهي ڏينهن دور نه آهن جو سندس شاعريءَ جو خواب پنهنجي فڪري ساڀيان ماڻيندو. آئون دعاڳو آهيان ته مسافر هميشه اهڙي دليري ۽ بي باڪي سان لکندو رهي - آمين.

تاج سنڌي