شاعر پاران
مان جو ئي آهيان، سو ئي آهيان
مون ادنى خادم جو پهريون ادبي پورهيو ’مسافر وفائون‘ جي روپ ۾ اوهان تائين پهتو آهي. جنهن ۾ پنهنجي پاران ۾ پهريان ته ڪجهه تفصيل لکڻ جي ڪوشش هئي ته جئين انهن ’مسافر وفائن‘ جي سفر ۾ ڪيل پنڌن ۾ رتورت ٿيل جذبن ۽ احساسن جا ڪجهه نشان اوهان کي به پسائجن پر طبيعت جي ناسازگيءَ ۾ اهو ممڪن نه رهيو.
ماءُ پي کي نڀاڳو ٻار به مٺو هجي ٿو. ائين ئي هر تخليقڪار کي پنهنجي تخليق تمام ڀلي لڳندي آهي ان تخليق جو فيصلو صحيح معنى ۾ سٺا پڙهندڙ ئي ڪري سگھندا آهن. انڪري آئون به پنهنجو ڪچو ڦڪو ادبي پورهيو، توهان باشعور سڄڻن جي هٿن، اکين ۽ ذهنن تائين پهچائي، پنهنجي تخليق تي اوهان جي فيصلن ۽ راين جو منتظر ٿو رهان.
پنهنجي باري ۾ بس ايترو ئي لکندس ته آئون نج ٻهراڙيءَ جو سادڙو ماڻهو آهيان. منهنجي پوري خاندان جو علم ۽ادب سان ڪو به رشتو نه آهي. پنهنجي پوري خاندان ۾ گهڻو پڙهيل آئون ئي آهيان، سو به انٽر جي هڪڙي سبجيڪٽ ۾ فيل آهيان. وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي رڪارڊ ۾ 1921ع جا رجسٽر پيل ڏٺا هئم، پر هي سٽون لکجڻ تائين سوا سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ مان رڳو هڪڙو ماڻهو پوليس جو سپاهي بڻجي سگهيو آهي.
هن ترقي يافته ۽ روشن دور جا اسان اهي ترقي پسند جاهل آهيون جيڪي اڄ به سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي غلاميءَ جا طوق پنهنجي ڳچين ۾ وجهي فخر محسوس ٿا ڪريون. اسان جو ڳوٺ اڄ به مڪمل اونداهين ۾ ٻڏل آهي.جياپي جي هر بنيادي سهولت کان محروم منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو اڄ به جنن ڀوتن جي چڪرن ۾ ڦاسي سيدن ۽ پيرن فقيرن جي تعويذن ۽ چٺين ۾ زندگي گذارين ٿا. بس ڪوڙين انائن ۽ منافقين جي پاسداري ڪندي، منهنجا پنهنجا وڏو فخر محسوس ڪندا آهن.
منهنجو شاعر ٿيڻ هتي ماڻهن کي بلڪل به پسند ناهي. آئون انهن جي نظر ۾ صفا واندو، بيڪار ۽ فضول ماڻهو آهيان. اهڙي ماحول ۾ رهندڙ ’عبدالسلام هاليپوٽو‘ اڄ ’مسافر هاليپوٽو‘ بڻجي، انهن آڏو بيٺل آهي. اهو سڄو ڪٺن سفر ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ ۽ ايذائيندڙ گذريو هوندو، اهو اوهان منهنجي شاعري پڙهي، تصورن ۾ سوچي ڏسجو.
مون ڏات جي ڏيهه ۾ 1989ع کان پيرڙا کنيا. نه ڪو ٻُڌڻ وارو هو نه ڪو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو هو. اندر جون اذيتون ۽ من جي ولوڙ هئي، جيڪا قلم جي نوڪ سان چنبڙي، ڪاپين جا پنا ڪارا ڪرائيندي رهي هئي. 1996ع ۾ پنهنجو پهريون غزل ’عبرت‘ اخبار جي ’ادبي صفحي‘ ۾ ڇپيو هو، اُهو ئي غزل منهنجي پهرين تخليق هو. سمجهو ته اها تخليق منهنجي تحت الشعور جو معجزو هئي، ڇو ته ان غزل ۾ سنڌوءَ جي ڪنارن تي مليل محبوبا جي جدائيءَ جا عڪس چِٽيل هئا ۽ ان تخليق سرجڻ تائين آئون صرف هڪ ڳوٺاڻو سادڙو موڳو ڇوڪرو هئس، جنهن سنڌوءَ جا ڪنارا ته ڇا پنهنجي آسپاس جا شهر به ڪونه ڏٺا هئا.
مون کي ننڍپڻ کان ئي ڪوڙ ۽ منافقين کان سخت نفرت هوندي هئي، پر جيئن وقت گذرندو ويو، شعور جوان ٿيندو ويو تيئن انا پرستيون، حسد، ساڙ ۽ تعصب ملندا رهيا، سماجي اڻ برابري ۽ تعصب پڻي اندر کي جنجهوڙي ۽ ولوڙي رکيو، اهو ئي سبب هو جو ڏات مون تي مينهن جي اوهيرن جيئان برسندي رهي. سو به بغير ڪنهن استاد جي اصلاح جي. بس ڏات ۽ ڏات هئي، ان ۾ منهنجي علم ۽ ڏانءُ جو ڪو به ڪمال نه هو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي من ڀاونائن کي سمجھڻ وارا صرف ٽي ماڻهو هئا. هڪ بابا، ٻي امان ۽ ٽيون منهنجي ننڍپڻ جو دوست شاهد علي هاليپوٽو. رحمدل ۽ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ شاهد هاليپوٽو، منهنجي ڳوٺ جي وڏيري جو وڏو پٽ آهي. پاڻ اڄ ڊاڪٽريءَ جهڙي معتبر پيشي سان واڳيل آهي مون کي سندس ڪيل سمورا وڙ ياد آهن. منهنجي زندگيءَ جي آخري دم تائين آئون سندس قرب جو قرضي رهندس.
مون شاعريءَ جي سفر جو مسافر ٿي سدائين سچائيءَ جا زهر پيتا آهن. سچ جي انهن زهرن کي پيئندي مئو نه کڻي آهيان پر مري وڃڻ جي ڏک کان به گھڻيون اذيتون ڀوڳي چڪو آهيان. هڪ آئل ڪمپنيءَ ۾ سيفٽي سپروائزر طور ڪم ڪندو هئس، سڄي ڪمپني ۾ نوَي ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جن ۾ سنڌي صرف 13 ڄڻا هئاسين. هڪ هيلپر ڇوڪرو جنهن جو تعلق چانڊيا ذات سان هو، سو روزانو صبح جو دير سان پهچندو هو، جنهن ڪري روز ڪمپنيءَ جو جي ايم کيس چڱي خاصي جُٺ ڪندو هو، سو ڇوڪرو روز ٻانهون ٻڌي کيس چوندو هو ته، ”سائين پهرين گاڏي ۾ نڪرندو آهيان اها ئي هن ٽائم تي ٿي پهچائي.“ پوءِ به اهو جِ ايم ان جي مجبوريءَ کي سمجھڻ جي نه ڪندو هو ۽ هر روز سڄي سڄي اسٽاف جي اڳيان ان معصوم جي بيعزتي ڪرڻ ان جو معمول هيو. ائين ئي هڪ ڏينهن اسان کي ڪمپنيءَ جي ٽيم سان گڏ ٽنڊو محمد خان ورڪشاپ کان گولاڙچي احمد راڄو کان به اڳيان زيرو پوائنٽ تي وڃڻو هو، سو ان ڏينهن به اهو هيلپر ڇوڪرو اها ئي دير ڪري پهتو. ان تي جي ايم صاحب بي ادبيءَ جون حدون وڃي لتاڙيون هيون باقاعده ماءُ ۽ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ لڳو هو. ڏٺم ته ان مهل ان ڇوڪري جون اکيون ڀنل هيون ۽ چپن ۾ رڦڻي هئس، اهو منظر ڏسي مون کي ڄڻ باهه وڪوڙي وئي هئي. سوچيم ته اسان جا حق اسان جا وسيلا اسان پوءِ به ڪيئن نه يتيم ڇورڙن جيان ماڻهن جون گاريون سهي رهيا آهون. نيٺ اندر جي باهه ڀڙڪو ڏئي چپن تي اچي ويئي هئي، ”سر اسان ورڪر سڀ اوهان جا ٻچا آهيون، ان ڪري اوهان کي هن ورڪر سان ادب ۽ اخلاق سان ڳالهائڻ کپي.“
جنهن تي جي ايم صاحب بُکئي شينهن جيان گجگوڙ ڪري مون ڏانهن وريو ۽ مون کي ڪالر مان جهلي چيائين، ”مون کي خبر آهي ته اوهان ڪهڙي زبان سمجهندا آهيو. ان ڪري مون کي اها ٻولي ڳالهائڻي پئجي وئي.“
سندس اهڙا جملا مون تي وڄ بڻجي ڪريا هئا چيومانس، ”سر اوهان جو اهو لهجو انتهائي خطرناڪ آهي مهرباني ڪري ائين نه ڪيو.“
ان تي باهه مان ڳاڙهو پِيلو ٿي چيائين، ”پوءِ ڀلا اوهان ئي کڻي مون کي ڪجهه سيکاريو.“ ان تي مون خاموشي بهتر سمجهي پر هُو اڳتي وڌي آيو ۽ آڱر منهنجي ڄاڙيءَ کان ڏئي، اهو ئي جملو ورجائيندو رهيو ته، ”سمجهايو نه اوهان ڪجهه مون کي.“ آئون پوئتي هٽندو پئي ويس ته هُو شيطانيت سان مون کي هيسيندو هارائيندو، پوئتي ڌڪيندو ويو، پويان لوهه جو ڪنٽينر هو. آئون وڃي ان سان ٽڪرايس پر هن جي گندي زبانَ ۾ ساڳيا گندا لفظ تيرَ بڻي اندر ۾ لڳندا رهيا ۽ نيٺ منهنجي صبر جا بند ٽُٽي پيا، ڪڇ ۾ کنيل ٿلهو متارو فائل پاسي ۾ پيل اسٽول تي رکي، ٻه قدم پوئتي هٽي، پنهنجي پوري قوَت سان ٻه زوردار چماٽون جي ايم جي ڳاڙهن ڳلن تي وهائي ڪڍيم. جنهن سان اتي بيٺل سڄي ٽيم تي عجيب سڪتو طاري ٿي ويو ۽ مون پنهنجي ٽيم کي وين ۾ ويهڻ جو چيو. ساڳيو فائل ڪڇ ۾ ڪري وين ڏانهن وڌي ويس. خوف جو اهو عالم هو جو ٽنڊو محمد خان پوائنٽ تائين وين ۾ ڄڻ ماڻهو ئي ڪونه هو. ڇا ته حيرت جو مقام هو. شام پنجين بجي تائين ڊيوٽي ڪري واپس ٽندو محمد خان پهتاسون. آئون پنهنجي بائيڪ ڪاهي گهر روانو ٿي ويس. ٻئي ڏينهن جو صبح جو ڪال آئي، ”اسان اوهان کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي.“ اهڙي طرح آئون پنهنجو روزگار وڃائي بيروزگار ٿي ويهي رهيس، پر ان ڳالهه جو مون کي ڪو به پڇتاءُ ڪوبه ڏک ڪونه ٿيو هو، ڇو ته سچائيءَ جو ڪنڌ جهڪائي جيئڻ کان مرڻ سئو دفعا ڀلو سمجهندو آهيان، پر وڏو ارمان ان گهڙيءَ ٿيم جڏهن خبر پئي ته اهو هيلپر ڇوڪرو، ان ئي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. پاڻ ان کي ترقي ڏئي ويلڊر جو هيلپر ڪيو ويو.
سچاين جا اهڙا ڪيترائي زهر ڪڏهن پنهنجن هٿان پيئڻ لاءِ مليا ته ڪڏهن پراون هٿان مليا پر مُرڪي پي ويس. اهڙن وقتن ۾ اها شاعري ئي هئي، جنهن مون کي جيئڻ جون آٿتون ڏنيون. مون زندگيءَ جي ڏکن ۽ اذيتن سان ايترو ته جهيڙو آهي، اڄ لکڻ ويٺو آهيان ڪجهه اهڙيون من ڀاونائون ذهن تي تري آيون آهن جن کي پنن جي بي جان ٽڪرن تي اتارڻ لاءِ لڙڪن جا درياءَ جهاڳڻا پوندا، ڪڏهن رشتن ۾ ويساهه گهاتين رت رئاڙيو، ڪڏهن ماڻهن جي منافقين ماريو، ڪڏهن دوستن جي روَين اندر ۾ آريون وڌيون، ڪڏهن غربت جي گهاڻي ۾ پاڻ کي پيڙهبو محسوس ڪيم، پوءِ به جيئڻ جون سڀ حسرتون جوان ئي رهيون اٿم. پنهنجي ازدواجي زندگي پنهنجي والدين جي خوشين سان سلهاڙي ڇڏيم. پنهنجي مامي جي ڌيءَ سان لانئون لڌم، جنهن مون ڀٽڪيل مسافر جي زندگي ۾ خوشين جا چنڊ اڀاري ڇڏيا. مون کي آلله رب العزت ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جي اولاد سان نوازيو. وڏو احمد علي، ان کان پوءِ ڌيءَ سونهن راڻي ۽ ان کان پوءِ منهنجي روح جو رانديڪڙو منهنجو پيارو افضل جاني.
هونئن ته زندگيءَ جا سڀ ڏک ’ڏنا جي ڏاتار سي جهولي پائي مون جهليا‘ جي آڌار اندر ۾ اوتيندو رهيس، پر جڏهن اوچتو افضل جانيءَ کي بخار ٿي پيو. صبح ۽ شام ڊاڪٽرن جا چڪر ڪٽيم، پر ڪٿان به ڪا شفا نه ملي نيٺ اوچتو صبح جو نوين وڳي ڌاري بي رحم بخار منهنجي افضل کي گهڻو تنگ ڪري وڌو ۽ کيس جهٽڪا اچڻ شروع ٿي ويا. آئون ۽ ڀاءُ محبت ان پل ئي افضل جانيءَ کي موٽر سائيڪل تي کڻي ڦلڪارا شهر طرف روانا ٿياسين، رستي جا کڏا کوٻا ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيا. رستي ۾ ڀاءُ محبت جو گهٽيل سڏڪو ڪنن تائين پهتو ته، ”ادا گاڏي تيز هلاءِ...“
پهريون ڀيرو مون کي کرين نما ان رستي تي گاڏي وڏي اسپيڊ سان هلائي هئي ڦلڪارا پهتاسون، جتي ڊاڪٽرن ٽنڊو محمد خان وڃڻ لاءِ چيو. ميمڻ اسپتال ۾ منهنجي دوست ۽ ڳوٺائي ڊاڪٽر شاهد جي معرفت بهترين علاج ته ٿيو پر انهن حيدرآباد وڃڻ جو چيو.. بهرحال دوستو درد جو داستان به لکڻ کان گهڻو آهي.لکندي لکندي هانو ڇڄي رهيو اٿم. ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد پهتاسون. ملڪه ايلزبيٿ اسپتال ۾ ڊاڪٽر فاروق ميمڻ معرفت پهتاسون، انهي سڄي ڊڪ ڊوڙ ۾ ڊاڪٽر شاهد جا پل پل ڪيل ڀيرا سندس ڏنل آٿتون وساريان ايترو مسافر اڻاسي ناهي!!
سوين حيلا هلاياسين پر ڦڪين کي فرق جو امر نه هو سو نه ٿيو. ان دوران سوشل ميڊيا فيسبوڪ تي ڇڏيل پوسٽ پڙهي، هند سنڌ جي ڀائرن ۽ ڀينرن جون دعائون به ياد اٿم، حيدرآباد کان ڊاڪٽرن ڪراچي وڃڻ لاءِ چيو اها گهڙي اهو پل، ذهن جي اسڪرين تي اهڙو ته چٽجي ويو آهي جو هڪ پل به وساري نه پيو سگهان. بيهوشيءَ جي حالت ۾ جانيءَ جي کليل اکين ۾ جيڪي سوال هئا جيڪي ميارون هيون.. تن جا جواب آئون کيس ڏيئي نه سگھيس. ۽ ان معصوم کي ان مرض جي منهن مان ڪڍي نه سگھيس. سندس معصوم سوالن ۽ معصوم لڙڪن کي ساڻن گڏ وٺي اچڻ ۾ ناڪام ٿي ويس ۽ ڪراچي مان سڀ ڪجهه هارائي ڳوٺ پهتس.
يارهين محرم جو صبح هو، جو افضل مون کان منهن موڙي ان پار هليو ويو، جتان اڄ تائين ڪوبه واپس ناهي وريو ... مٿي لکيو اٿم ته، ’ڏنا جي ڏاتار سي جهوليءَ پائي مون جهليا.‘ جي آڌار ته گهڻو ڪجهه سهي ويس، پر جڏهن ’مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.‘ جو ڏک مليو ته ان مون کي صفا ٽوڙي مروڙي وڌو. جيءُ جُهري پيو اٿم سچ پچ ته ڪو اهڙو پل ناهي گذريو، جنهن ۾ افضل جون اکيون اکين سامهون ناهن آيون. مون سان ڏک ونڊڻ لاءِ ادب جي دنيا جا تمام گهڻا دوست مون وٽ پهتا هئا، پر جن سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي ذات جون ٻانهون روائي، مون کي آٿتن جا ڀاڪر وڌا، تن ڄڻ مون ناچيز کي رِيءَ ناڻي خريد ڪري ڇڏيو. تن ڏينهن ۾ منهنجي حالت صفا رحم جوڳي هئي، ڪافي دوست آيا مون کي ڳَلَي لائي آٿتون ڏنائون. پيارو دوست تاج سنڌي منهنجي حالت تي ڏاڍو فڪرمند ٿي پيو. نيٺ افضل جانيءَ جي ٽيجهي تي آيو ۽ منهنجي ڊائري گهريائين. پڇيومانس، ”ادا ڊائريءَ کي ڇا ٿو ڪرين؟“
چيائين، ”تنهنجو مواد ڪمپوز ٿا ڪيون، تنهنجو ڪتاب ٿا آڻيون.“
بس ائين ئي دوستن جي محبتن سان منهنجو پهريون ادبي پورهيو ڪتاب جي شڪل ۾ اچڻ جي منزل تي اچي پهتو. سڀ کان پهريان ٿورائتو آهيان ادا تاج سنڌيءَ جو، جنهن منهنجي وکريل وجود جي درد کي ايترو گَھِرائيءَ سان محسوس ڪيو ۽ درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندڙ هڪ مسافر کي هڪ نئين ماڳ ڏانهن موڙيو ته جيئن آئون درد جي ڪڙاڻ کي آهستي آهستي پاڻ ۾ برداشت ڪيان. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪتاب جو مسودو ڪمپوز ٿي پهرئين پروف لاءِ مون کي ڏنو ويو، جنهن بعد ڪتاب جو مسودو مهاڳ لاءِ سنڌ جي نامور شاعر ’مان، موکي ۽ مڪلي‘، ’خوابن جو لانگ مارچ‘ ۽ ’مرڪ مهانگي نه ٿئي‘ جهڙا انمول ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيندڙ محترم سائين نسيم بلوچ وٽ پهتو، جنهن جي محبتن جي ميٺاج، اندر ۾ اوتيل سمورن دردن جي ڪڙاڻ کي گهڻي حد تائين ماٺو ڪيو. بندو سندس بي مثال محبتن جو آخري دم تائين قرضدار رهندو.
اتان ئي ڪتاب جو مسودو سنڌي ادب جي آسمان تي روشن چنڊ جيان چمڪندڙ شاعره منهنجي پياري ڀيڻ سيما عباسيءَ وٽ پهتو، جنهن پڻ هن ناچيز جي ڪچي ڦڪي شاعريءَ تي پنهنجا قيمتي ويچار ونڊيا آهن. پياري دوست اعظم ڀٽيءَ هن ادنى ادبي خادم جو تعارف ڏاڍي سهڻي انداز سان لکي، مون تي پنهنجون نوازشون ڪيون آهن. انهن مڙني معزز انسانن جو آئون دل سان شڪر گذار آهيان، جن مون ناچيز تي ايڏا وڏا وڙ ڪيا آهن. سنڌ جي نامور شاعره ادي سيما عباسيءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن مون سان ڪتاب جي ڇپائڻ ۾ مالي سهڪار پڻ ڪيو آهي. آخر ۾ بس اهو ئي چوندس ته خدا ڪري مون ناچيز جون هي سچايون تاريخ جي ورقن جو ڪرم ماڻين. ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ کان ضرور نوازجو.
آئون اهو ئي ساڳيو سچ جي اڙانگين راهن جو مسافر:
مُسافر هاليپوٽو
03462821758
ڳوٺ حاجي راهُو هاليپوٽو
ماتلي
24.4.2019