شاعري

مُسافر وفائون

مُسافر هاليپوٽو، پنھنجي هر شعر ۾ شعور جي راھہ جو پانڌيئڙو نظر اچي ٿو ۽ وٽس وطن جو درد، محبوب جا ماڻا، لوڪَ جون محروميون، عورت جي مظلوميت، روايتي بيھودہ رسمون ۽ انھن ۾ پيڙجندڙ وجودن جا لقاءَ، بُک، بيروزگاري سميت ڪو اهڙو دُک درد ڪونھي، جيڪو مُسافر جي شعر کان گُٿو هجي. اِها هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جي نشاني آهي. مُسافر هاليپوٽي جي شاعريءَ جي اهم ڳالھہ لاڙ پَٽَ جي حُسناڪ ٻوليءَ سان گڏ سندس سادي، عام فھم ۽ موجودہ وقت جي مروِج ٻولي آهي، جيڪا عام سادڙي ڳوٺاڻي کي بہ سوَلائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي.

Title Cover of book مُسافر وفائون

عجب حال آهي اسان جي شهر جو،

عجب حال آهي اسان جي شهر جو،
سڄو ڏيک آ ڄڻ پراڻي کنڊر جو.
قتل روز رهزن ڪَرائِن هتي ٿا،
نڪو ڊپ اٿن ڪو قيامت حشر جو.
ڪفن کان سواءِ دفن لاش ٿي ويو،
الا ڪنهن نه ڄاتو قصو ان قبر جو.
عبادت چوين يا چوين يار پوڄا،
اهو فرق آهي اوهان جي نظر جو.
نڪو رام ڄاڻين نه رحمان کي تون،
اثر تو اجايو رکيو آ اکر جو.
نه سمجهيو ڪڏهن ٿَئِي انا جي چڪر ۾،
سبق ماڻهپو آهه مسجد مندر جو.
وڃائي نه حاصل ڪرڻ تو سکيو آ،
رڳو ڪم سدائين ڪيو تو ڪسر جو.
سِڪڻ ۾ سچائي اٿئي جي نه شامل،
وڄائي نه واڄو پرينءَ جي پچر جو.
’مسافر‘ نٿو جي وفادار بڻجي،
ڪهڙو فائدو پوءِ اوهان سان سفر جو.