مُحبتن جا ڪجهه اکرَ
شاعريءَ سان محبت ڪندڙ مسافر
شاعري اندر جي اُڌمن جو اهو اظهار آهي جيڪو حساسيت جي حسناڪين منجهان فڪر پنڌ ڪندو، اندر جو عڪس ڏيکاريندو آهي ۽ اهڙو اظهار ذات سان خود شناسائي، آگاهي ۽ ادراڪ جا انيڪ در پڻ کولي ويندو آ. شاعراڻا احساس روح کي رمز جا اهڙا رنگ ارپي ويندا آهن، جن جي بدولت سوچ تفڪر جو اهڙو ته اهم احساس جنم وٺندو آهي جنهن سان اظهار جي انداز کي وجد جي سرمستي عطا ٿي پوندي آ. يقينن اهڙو الهامي انداز صرف سُچيت شاعرن کي نصيب ٿيندو آ.
سچ پڇو ته جذبن کي شاعراڻو شعور ڏيئي لفظن جي روح پرور رنگ کي ڪاغذ جي ڪئنواس تي لاهڻ، هڪ اهڙو من موهڻو عمل آهي جنهن سان روح جون بي قرار رولاڪيون پُرسڪون منزل تي رسي وينديون آهن ڇو ته زندگيءَ جي بي رحم حقيقت جو پنڌ جڏهن پير پٿون ڪرڻ لڳندو آ تڏهن لکڻ، پڙهڻ جو اهو عمل ذات جي ادراڪ کي خوبصورت خوابن جي تعبير جا خوشنما رنگ ڏيئي، انهيءَ سفر جي زخم زخم پيرن تي پُر عزم پَھو رکي وڃڻ جو هنر پڻ ڄاڻي وٺندو آ ۽ مسافر هاليپوٽو اهڙي هنر کان بخوبي واقفيت رکندڙ سنڌ جي اهڙن ٿورن شاعرن منجهان هڪ آهي جيڪي شاعريءَ کي محض شوق جي شعور منجهان ئي نه پر عشق جي اتساهه منجهان به تخليق ڪندا آهن.
مسافر هاليپوٽي جو غزل نئين نسل جي انهن ٿورن نمائده غزل گو شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن جي غزل ۾ جمالياتي سونهن سان گڏوگڏ مطالعاتي ذوق ۾ رچندڙ رمز جا رومانوي رنگ ۽ دور عصر جي حقيقت جون هولناڪ حڪايتون، لفظن منجهان بي باڪ انداز ۾ جھاتيون پائيندي نظر اينديون آهن. هو سوچ جا سرڪش ساگر وهائيندي چوي ٿو:
اسان جي يار ذهنن تي، سراسر سوڳ طاري آ،
وتئون کلندا بظاهر ٿا، اندر ۾ اشڪباري آ.
بڻيون بنجر صفا آهن، زمينون يار ذهنن جون
ڦٽن ٿا داغ جا ٿوهر، وصل جي واٽ واري آ.
اسان جي عشق جا سجدا، اجايا ڪون وڃڻا هن،
محبت سنڌ سان پنهنجي، صدين کان يار جاري آ.
رکي سر ساهه جي بازي، سدا ناتا نڀايا مون،
اڃا ڀي ٿو چوين ساجن، ’مسافر‘ ئي مياري آ.
مسافر جي غزل جو بي ساخته انداز هُن کي پنهنجي هم عصرن کان ممتاز ڪري ٿو. هن جي لفظن جي رواني بغير ڪنهن رڪاوٽ جي بندَ بندَ جي بامفهوم معنى بيان ڪرڻ جو ڏانءُ ڄاڻي ٿي. هو هڪ غزل ۾ عاجز ٿي عرض ڪري ٿو:
اسان جي يار خوابن کي ملي تعبير ڪاٿي آ ،
امرتا مان به ماڻيا ڪا اهڙي تقدير ڪاٿي آ ،
اوهان جو ڏوھ ناهي ڪو اسان جو ڀاڳ اهڙو آ ،
ڀلا تقدير جي آڏو هلي تدبير ڪاٿي آ ،
تقدير جيڪا ازل کان انسان پنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾ لکرايو آيو آ ۽ تدبير جيڪا هميشه حاصلات جي هَٺَ سان الجهندي رهي آ. مسافر مٿئين شعر ۾ ڪيڏي نه سادگي ۽ پرڪاريءَ سان تقدير ۽ تدبير جي متضاد معنى کي لفظن جو لبادو پارايو آ.
هن ڪتاب ۾ شامل هڪ ننڍي بحر جي خوبصورت غزل ۾ اندر جي اڌمن کي هيئن به اظهاريو اٿائين:
رڳو سکڻن دلاسن ۾
عمر گذري حجابن ۾
صفا الجهي پيو آهيان
سوالن جي جوابن ۾
اسان کي ماتِ آئي آ
حياتيءَ جي حسابن ۾
ويا ارمان رهجي سڀ
غزل بڻجي ڪتابن ۾
اُهي منظر ڪٿي آهن؟
پڙهيم جيڪي نصابن ۾
ڏنو ساقي گَڏي مون کي
زهر ڇا لئه شرابن ۾
مسافر هاليپوٽي جنهن ثابت قدميءَ سان غزل جي زمين تي پنهنجي تخليق جا گل پوکي رهيو آ، يقينن هو پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آبياريءَ سان ان پوک جي پنڌ ۾ مڃتا جي منزل جو اهو مٺو ميوو ضرور پائيندو جنهن جي هر شاعر تمنا ڪندو آهي.
حقيقت اها آهي ته شاعر پنهنجي ڏکن کي اظهار جي طاقت ۾ تبديل ڪري، پنهنجي لفظن کي لازوال سونهن بخشي ويندا آهن ۽ پوءِ اهڙا ئي امر لفظَ پڙهندڙن جي جيءَ ۾ جايون ڪري وٺندا آهن. مسافر جو غزل پڙهن واري جي دل ۾ جاءِ گهڙي وٺڻ جو هر هنر ڄاڻي ٿو. هن جي غزل ۾ تفڪر جي تنوار سان گڏو گڏ، حُجتي لفظن جو جڙاءُ موقع مهل جي مناسب سان درست تشبيھن ۽ دل آويز استعارن سميت مثبت انداز۾ منظر ڪشي ڪندي ملي ٿو. هو هڪ هنڌ پنهنجي لفظن جو جمال هيئن وکيري ٿو:
سدا دل صحن ۾ رهيا پيار آهن،
چرين چاهتن ڏي اڙيل ٻار آهن.
مريو يار ماڻهو مسافر وڃن ٿا،
مگر ڪونه مرندا ڪي ڪردار آهن.
هڪ ٻئي هنڌ هُو پنهنجي لفظن جي ذريعي حُجت هينئن به ڪري ٿو:
سزائون ڀلي ڏيو سزاوار آهيان،
ڪيا ڏوهه مون هن وفادار آهيان.
وطن جي مٽيءَ کي چيو ماءُ مون آ،
امڙ تو مٿان گهور سئو بار آهيان.
مسافر جو غزل هن دور جو اثرائتو اظهار آهي، پر هن کي پنهنجي غزل کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن کي مخصوص موضوعن سان گڏو گڏ تصوف، مزاحمت ۽ قومپرستيءَ تي قلم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن کي غزل کان سواءِ ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي. مسافر جا غزل گھڻو تڻو مجازي محبت تي چيل آهن. هن کي اڃان ٻين موضوعن تي به طبع آزمائي ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي.
هونئن ته عشق مجازي اهڙو سفر آهي جيڪو عشق حقيقيءَ ڏانهن پنڌ ڪرائيندو آهي. مسافر پنهنجي زندگي ۾ تمام گھڻا ڏک ڏٺا جيڪي هن جي تخليق منجهان نروار نظر اچن ٿا، پر اولاد جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک يقينن سڀني ڏکن تي ڀاري نظر ايندو آ ۽ يقينن اهڙو ڏک اندر ۾ سوز گداز ڀرڻ سان گڏو گڏ صبر کي ساٿي بڻائي ويندو آ، اهڙا ڏک بردباريءَ سيکارڻ سان گڏوگڏ دل کي درويش به بڻائي ويندا آهن. مسافر ڏک جي ان انتهائي مقام کي شاعراڻي ڪيفيت سان هيئن بيان ڪري ٿو:
تنهنجا منهنجا سڏڪا ساڳيا،
سورن جهڙا سپنا ساڳيا.
لڙڪن پاڻي ساڳيو آهي،
ڳلڙن تي هن رستا ساڳيا.
ڏات به ڏائڻ ڏنگ هڻي ٿي،
جهيرون جهيرون جذبا ساڳيا.
تو مان تنهنجي جان ڪڍي ويو،
آهه ڇڏي ويو هڏڙا ساڳيا.
يار اسير به افضل ساڳيو،
سڄڻن ڀوڳيا صدما ساڳيا.
هاڻي آهن يار اسان وٽ،
يادون خالي هٿڙا ساڳيا.
هار ’مسافر‘ آثم جي ٿي،
جڳ ۾ آهيون جيئرا ساڳيا.
مسافر جو غزل زندگيءَ جي انهن تلخ و شيرين ڪيفيتن جو غماز آهي، جنهن جي زير اثر ماڻهوءَ جي زندگي ڪڏهن سکن جي سيج سمان ٿي پوندي آ ۽ ڪڏهن ڏکن جي ڏوجھرن ۾ ڦاسي پوندي آ. هو اهڙن وارتائن جو اظهار هن ريت به ڪري ٿو:
ڀڄي ڀروسا ٿي پيا ڀور آهن،
ڏٺا دل ڏکن جا وڏا دور آهن.
ڪٿان هاڻي انصاف ملندو نه يارو،
چڱا مڙس چونڊيا ويا چور آهن.
ڪربلا جي واقعي کي ساري مسافر جو غزل هن طرح ماتمي ويس اوڍي ٿو:
ڪيان ڇو ڏيک جا ماتم، اندر سارو ته ڪربل آ،
اهو منظر سڄو سارو اکين آڏو ته هر پل آ.
ڪري ڪهڙا ڪري ماتم مسافر کي ٻڌائي ڪو،
لڳي ٿس باهه سيني ۾ پيو روئيندو هو پل پل آ.
مسافر هاليپوٽو جو پهريون مجموعو ’مسافر وفائون‘ يقينن باشعور پڙهندڙن جي ذوق جي تسڪين ڪندو. نيڪ خواهشات سان گڏ ’پنهنجي غزل‘ جا ڪجهه شعر هُن جي نالي ڪندس:
وِکَ وِکَ خدشا اٽڪيا هاڻي!
ٿڪجي جذبا ڀٽڪيا هاڻي!
جيون جو ڇا حاصل آهي؟
درد اکين مان مرڪيا هاڻي!
پيار گهٽي ڪا بند گَلِي هئي،
دل جا صدما سهڪيا هاڻي!
دشمن ڏي پيا هٿ وڌايون،
دوست سمورا پرکيا هاڻي!
مرڪون مستيون سڀ مرجهايون،
بي ڪَل جذبا سڏڪيا هاڻي!
سيما عباسي
ڪراچي
10 مارچ 2019ع