نئين ڇاپي بابت ٻه اکر : جمهوري جدوجهد جي ياد گئلري
ڀٽي صاحب جو اهو نظريو دنياوي، روحاني ۽ سياسي زندگيءَ جي پيچيده ۽ مشڪل مرحلن کي طئي ڪرڻ ۾ مون کي به تمام گهڻو ڪم آيو آهي ۽ اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي وئي ته ادب جي جنت ان جي پڙهندڙن جي قدمن هيٺان هوندي آهي.آئون ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگي بدران ادب براءِ عوام جو قائل آهيان. آئون پنهنجي سمورن پڙهندڙن جو دل جي اٿاهه گهرائين سان شڪر گذار آهيان، جن جي دلچسپيءَ جي ڪري ئي منهنجي هن ڪتاب”ذڪر زندان جو“ جو هيءُ نئون ايڊيشن شايع ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي.
ڀُٽي صاحب جي نظرين جي روشن رستن تي سفر ڪندڙ اسان سڀئي اهو چڱي طرح سمجهي چڪا آهيون ته قيد و بند جو صعوبتون ۽ ڪتاب اسان جي نظرياتي عقيدي جو بنيادي عنصر آهن. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جيل ۾ ويهي ڪتاب لکيا. جيل جي ڊيٿ سيل جي ناقابل فراموش تاريڪي پڻ ڀٽي صاحب جي عوام ۽ ڪتاب سان محبت کي گهٽائي نه سگهي. پيپلز پارٽي پاڪستان جي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي ڪتابن سان وابستگي ۽ عوام سان غير مشروط محبت انهيءَ جي سياسي طاقت جو ناقابل تسخير بنياد آهي، انهيءَ ڪري ئي مون پنهنجي جيل جي يادن کي قلمبند ڪري ڪتابي شڪل ۾ توهان آڏو پيش ڪري دراصل پنهنجي ليڊرن جي ئي پيروي ڪئي آهي.
منهنجون هيءُ يادون سياسي جدوجهد ۾ گذريل زندگيءَ جو عهدنامو پڻ آهن. يادون ڀلي تلخ ئي ڇونه هجن مون کي انهن جو تذڪرو سٺو ٿو لڳي. منهنجون هي يادون انهيءَ وقت جون يادون آهن، جڏهن مون کي تلخين کي برداشت ڪري سرور حاصل ٿيندو هو ۽ ڀٽائي، بلي شاهه، خواجه غلام فريد ۽ ٻين صوفين جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي عڪس مون کي بيخود ڪري ڇڏيو هو. هيءُ اهو ئي زمانو هو جڏهن مون منصور حلاج جي شاعري ۽ زندگي جي رنگن ۾ جهاتي پائڻ شروع ڪئي هئي. اهو عشق جو عجيب زمانو هو، جڏهن ظاهري محبوب جو ڪو تصور ئي نه هو. اهو ڏک ۽ عشق جو زمانو هو پر انهن تلخ لمحن ۾ به بيزاري ۽ پڇتاءُ جو ڪو لمحو به نه هو بلڪه اهو هڪ خاص قسم جي سرور ۽ سرمستيءَ جو عالم هو. منهنجو مثال سنبل جي وڻ وانگر آهي جيڪو پنهنجي ٻج کي ڪپهه ۾ لپيٽي هوا جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ته جيئن اهي اڏامي اڻ ڄاتل منزل تي رسن ۽ زمين کي ڇهي ڇانودار وڻ بڻجي وڃن. منهنجون سموريون سوچون ۽ يادون دراصل ڀٽي صاحب جي سياسي عقيدن جو ٻج ئي آهن جن کي آئون شاعري ۽ نثر جي لباس ۾ ويڙهي عوام جي سپرد ڪريان ٿو ته اهي جيئن ايندڙ موسمن ۾ جمهوري ۽ انساني قدرن جا وڏا وڻ بڻجي پنهنجا ٻج پري پري تائين پکيڙڻ جو سلسلو جاري رکي سگهن.
آئون سمجهندو هئس ته منهنجين يادن مٿان وقت جي دز چڙهي ويندي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن يادن مون کي پهرين کان وڌيڪ بي چين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شايد انهيءَ جو سبب اهو ئي آهي ته منهنجون هيءَ ساروڻيون اُن سفر سان وابستا آهن جيڪو اڃا به جاري و ساري آهي ۽ آئون انهيءَ کان ڪڏهن به الڳ نه ٿو ٿي سگهان. اهي يادون منهنجي لاءِ اهي محبت ڀريا خط آهن جن کي آئون اڄ به وهاڻي جي هيٺان رکي سمهندو آهيان. اهي يادون وقت، فاصلن، آمريت، سازشن ۽ سياسي تبصرن کان بي نياز آهن ۽ مجسم بڻجي هر روز ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي منهنجو رستو روڪي بيهي رهنديون آهن. منهنجو هينئر جڏهن به پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملاقات جو اتفاق ٿيندو آهي ته مون کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ آئون ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي يادن جي گئلري مان گذري رهيو هجان، جنهن جو هر لمحو مون کي پڪاري ائين چئي رهيو هجي ته جمهوريت جي نئين امڪان جو زمانو صورت پذير ٿيڻ وارو آهي.
مولا بخش چانڊيو
2016/06/14