آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

ايم آر ڊي جي شروعات: جيل جي تياري يا ڀلي پار جي سنبت!

(12- سيپٽمبر 1983ع)
20- آگسٽ 1983ع جي رات منير وٽ رهيس، ڊپ هو ته متان گرفتاريءَ کان اڳ ئي نه گرفتار ڪري وڃن. سڄي رات بارش پي پئي. صبح جو تيار ٿي ڪورٽ روانا ٿياسين. منير وڪالت جي ڪپڙن ۾ هو. آءٌ منير سان موٽر سائيڪل تي ۽ اسان جي اڳيان مون وارو سالو اختر پنهنجي موٽر سائيڪل تي پئي هليو. ڪورٽ وٽ پهتاسين ته سڄي ڪورٽ کي ڪڙو چڙهيل هو. پوئين در تي پوليس گهٽ هئي، اتان گهڙياسين. اختر ته نڪري ويو، پوليس واري جو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ پئجي ويو. چيائين بيهو ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ مون تڪڙ ڪندي چيس ”ڇڏ ڇڏ، ڪورٽ ۾ دير پئي ٿئي.“ مون در جي پاسي واري ڪورٽ ڏانهن اشارو ڪيو، در جي پاسي ۾ سيکاٽ ۽ مٽياريءَ جي ACM جي ڪورٽ هئي ۽ منير کي به ڪارو ڪوٽ پيل هو، سو اعتبار اچي ويس ۽ اسان مان کڻي هٿ ڪڍيائين ۽ اسين ڪورٽ مان اندران ئي، بار روم جي سامهون اچي نروار ٿياسين. بار روم وٽ ماڻهن جو ميڙ اُتي به پوليس جي سخت پهري ۾ هو. اسان کي ڏسي، دوستن نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا. خانصاحب الاهي بخش ۽ شڪيل پٺاڻ اڳئي پهتل هئا، رڳو منهنجو انتظار هو. ايتري ۾ خليق شيرواني اچي ڀاڪر پاتو. ڪن ۾ چيائين ڪٿان آيا آهيو، اسان ته پوليس جو وڏو بندوبست ڪيو هو؟ SDM ۽ DSP موجود هئا. SDM چيو ”جلدي ڪريو، گرفتاري ڏيو.“ دوستن وڏو گوڙ ڪيو ته جيسين تقريرون نه ٿينديون تيسين گرفتاري ڪو نه ڏبي. تقريرون ٿيون ۽ اسان کي پوليس گهيري ۾ وٺي، ڪاري گاڏي ۾ چاڙهيو. چڙهڻ مهل، پوئتي ڏسي دوستن يارن کي سلام ڪيم. موڪلائيندڙن ۾ بابا، ماما، ننڍا ڀائر، پيارا دوست ۽ جمهوريت جا پروانا بيٺا هئا. مون موڪلائي اندر وڃڻ جي ڪئي ته پويان سڏ ٿيو، ڏٺم ته حاجي غلام نبي ساند کي پوليس ٻانهن مان جهليو پوئتي پئي هٽايو. پڇيم خير ته آهي؟ حاجي غلام نبي پيار مان اهڙي منٿ واري انداز ۾ پاڻ سان وٺي هلڻ لاءِ چيو ڄڻ اسين ميڙي ۾ پئي وياسين. مون سپاهيءَ کي چيو ”ادا انهيءَ کي به وٺي هلو، اهو ساٿي به گرفتاري ڏئي رهيو آهي“. پوليس جي گاڏي هلي، پر ٿوري دير هلي بيهي رهي ۽ اسان کي لهڻ جو حڪم ٿيو، لٿاسين ته حيدرآباد جي پوليس لائين هئي. بئنچن تي ويٺاسين، ٿوري دير ۾ SDM ۽ DSP پڄي ويا. دوستن جي نالن ۽ ضروري معلومات کي رڪارڊ ڪري اسان کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو. اسان کي وري به گاڏي ۾ ويهاري اچي سينٽرل جيل لاٿئون. اٽڪل 2 وڳي جو وقت هو. وڏو در اڪري اندر ٿياسين ته اڳ ڏٺل چهرن تي نظر پئي. سپرنٽنڊنٽ نواز، جيلر عبدالحئي قريشي ۽ ٻيا سپاهي بيٺا هئا. تلاشي ٿي، ضروري لکپڙهه ڪئي وئي. اسان کي اندر وٺي هليا. اندريون در اڪاري کاٻي هلڻ جو چيائون، خبر پئي ته ڪاري فئڪٽري وٺيو ٿا هلن، اڳئي آيل سياسي قيدي اُتي آهن.
پراڻي بي ڪلاس، بند وارڊ، ڦاسي گھاٽ کان ٿورو اڳتي وڏي گيٽ مان نڪري ساڄي پاسي ٻيو وڏو گيٽ پار ڪيوسين ته سامهون نهايت قربدار، زندهه دل شخصيت تي نظر پئي. ٻانهون کُنجيل، هٿ ۾ لوٽو. مون کي ڏسي هڪل ڪري چيائين: ”مڙئي خير آهي، پنهنجي ڳالهه آهي“ اهو تڪيه ڪلام ظفر لغاري صاحب جو آهي. ظفر صاحب وڏي پيار سان مليو، سندس آواز تي پريان بيٺل محترم پير مظهرالحق به اسان کي ڏٺو، پير صاحب به نماز جي تياريءَ ۾ هو، تنهن به وڏي واڪي ڀليڪار ڪئي ۽ پوءِ سڀني بئرڪن مان تاڙيون وڄڻ لڳيون. خبر پئي ته اهي تاڙيون هر نئين ايندڙ دوست جو ڀليڪار آهن. وارڊ ۾ دوست وڏي پيار سان مليا، قادري ۽ ضياءَ سومرو ته منهنجا پراڻا يار آهن اهي به اڳئي ويٺا هئا، تن کان علاوه محترم عاشق جتوئي، حاجي محمد صديق شورو، عبدالحڪيم سيهڙ (مورو)، حاجي غلام نبي ميمڻ (مورو) ڪامريڊ پيرل خان کوسو (ميهڙ)، احمد علي عباسي (مورو)، خالد گهلو (دادو) ۽ ٻيا به ڪيئي دوست مليا. اڳي موجود دوستن ۾ وڏي اڪثريت دادو وارن جي هئي. پڄڻ شرط خوش خير عافيت بعد تواضع ڪئي ويئي، چانهه، بڪسٽ ۽ فروٽ کڻي آيا. حالن احوالن کانپوءِ اسان به پنهنجون پاٿاريون وڌيون. مون ۽ منير، قادريءَ جي سيراندي هنڌ وڇايو. موري وارن دوستن لاءِ ته پابنديءَ سان موري ويندو هئس، هتي ته خدا ملايا، سو پري ڪٿي ٿي ٿياسين.
بئرڪ وڏي هئي. بئرڪ جي اوڀر ۾ پير مظهر، پيرل خان کوسو ۽ دادو جا ورڪر دوست هئا. اولهه پاسي عاشق جتوئي، حاجي صديق شورو، ظفر صاحب ۽ موري جا دوست رهيل هئا. هنن دوستن جي مٿان 3 پنکا لڳل هئا، باقي سڄي بئرڪ ۾ پنکو ڪو نه هو. خبر پئي ته 14 تاريخ مير اعجاز، مير ممتاز، مير مشتاق، سيد اميد علي شاهه (ٽنڊوالهيار) پير آفتاب شاهه جيلاني، سيد روشن علي شاهه (ٽنڊو قيصر) گرفتار ٿي هن وارڊ ۾ آيا هئا، انهن صاحبن وڏا خرچ ڪري هي پنکا هڻايا هئا. ڀتو آيو ته خبر پئي ته رڳو پاٿاريون جدا ڪونهن پر دسترخوان به ڌار هئا. دسترخوان ٻه لڳا. اولهه پاسي ٽفنس جا ڍير لڳي ويا ۽ اوڀر وارن يارن ڀتو وٺي کاڌو. ٻئي ڏينهن پير مظهرالحق ۽ مون ڪوشش ڪري هڪڙو دسترخوان ڪرايو. هڪڙو دسترخوان تيسين قائم رهيو جيسين بئرڪ پنهنجي مهمانن سان ٽمٽار ٿي وئي، پوءِ ته گڏجي ماني کائڻ مشڪل هو، مڙس مڙس سان گڏيو پيو هو. رات جو اٿڻ مهل ته پير سنڀالي کڻڻو پوندو هو ته متان ڪنهن تي اچي نه وڃي ۽ رڙ ڪري نه اٿي پوي. سڀئي سوڙهه ۾ ستا پيا هئا. ماڻهو کنهڻ پاڻ کي چاهي ته ڀر وارو رڙ ڪري ته ڇا پيو ڪرين؟ دوست وڌيا، انهيءَ دوران ملڪ لعل خان، حسين شاهه بخاري، غازي صلاح الدين به هن بئرڪ ۾ اچي ويا. ملڪ صاحب پهل ڪئي. صلاح ڪري سکين ستابن دوستن پئسا گڏ ڪري سڀني سياسي دوستن جي ماني جو بندوبست ڪيو. انهيءَ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي. ضياءَ سومرو (مورو) ۽ ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو بورچيخانو هلائڻ لاءِ ذميدار ٿيا. اهي دوست جيل وارن کان ڪچو راشن وٺي، انهيءَ ۾ پنهنجن پئسن مان گهرايل سامان وجهي مانيءَ کي بهتر ڪري دوستن کي ڏيندا هئا. ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو بهادر ۽ اڻورچ سياسي اڳواڻ آهي. جيل به وڏي همت سان گهاري رهيو آهي ته دوستن جي خدمت به محنت سان ڪري رهيو آهي. ڪامريڊ تقرير جو به بادشاهه آهي. اسين آياسين ته ڪچهري به هڪڙي ڪئي سون. اڳ ۾ هرڪو پنهنجي منهن پيو هوندو هو. اسان پهرين رات ئي گهڙي کن لاءِ سڀني دوستن جي هڪڙي ڪچهري ڪرائي. انهيءَ ڪچهري ۾ گيت، چرچا، سياسي خبرون هونديون هيون، ظفر خان لغاري جا چرچا ته سڄي بئرڪ کي کلائي ساڻو ڪري ڇڏيندا هئا. ظفر خان روز رات جو سمهڻ مهل پاڻ تي تلاوت ڪرائيندو هو، ڪچهري ڪري ظفر صاحب ماٺ ڪري ڪنڌ هيٺ ڪري، نمي ذري گهٽ وڃي گوڏن سان لڳندو هو، سمجهي ويندا هئاسين ته ظفر صاحب جي ڪچهري پوري ٿي هاڻ سمهڻ جي ڪريو. ظفر صاحب پنهنجي پوزيشن ورتي ته دوست غلام نبي رند به اچي ظفر صاحب جو پاسو وٺندو ۽ ظفر صاحب تي تلاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو، گهڻو ڪري رات جو ظفر صاحب تي ياسين شريف پڙهبي هئي. اهو سلسلو تيسين جاري رهيو جيسين دوستن جو ”بي“ ڪلاس ٿي ويو. بئرڪ به ڀرجي وئي ۽ اهي اهم دوست هن وارڊ مان بي ڪلاس ويا. ظفر صاحب وارا ته نماز پابنديءَ سان پڙهندا هئا پر دوست وڌيا ته باقاعده جماعت جو بندوبست ڪرايائون. غلام نبي رند امامت ڪندو هو، ڏاڍي پياري تلاوت ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن عشاءَ جي نماز ۾ اهڙي دعا گهريائين جو سڀ نمازي هئا اوڇنگارن ۾. اسين پري ويٺا هئاسين، چيوسين ته ”حافظ کي جهليو متان ڪنهن جو هانو نه ڦاٽي پوي.“ تحريڪ زور هئي. روز پوليس مقابلن ۽ شهادتن جون خبرون پئي پيون، تقريباً روز غائبانه جنازي نمازون پئي ٿيون. الائي ڪنهن صلاح ڏني ته ”ٻانگون ڏيو ته مصيبت ٽري“ رات جو دوستن ٻانگون ڏنيون. ملڪ صاحب ٻانگ ڏني ته اڌ ۾ ڀُلجي پيو، پوءِ پاڻ ٻانگ ڪو نه ڏيندو هو پر پنهنجي واري تي منير کي چوندو هو ”او منير پُتر، اٺ آذان دي.“ منير آذان جي شروعات ايڏي درد مان ڪندو هو ڄڻ ڪنهن ڪنڌ تي ڪاتي رکي اٿس.
سينٽرل جيل اڳ ۾ به آيو آهيان پر اوچتو، هن دفعي ته باقاعده پروگرام سان اچڻ ٿيو آهي. جيل جي تياري ايئن پئي ٿي ڄڻ حج جي سنبت. تحريڪ جو اعلان ٿيو ته اسان جي وٺ وٺان تيز کان تيز تر ٿي وئي. سو پڪ هئي ته جيل ياترا ضرور ٿيندي. الاهي بخش قائم خاني جي گهران بينظير صاحبه جي سالگرهه ڪري موٽياسين ته ملڪ صاحب جي بنگلي تي اچي ويٺاسين. ڪچهري ۾ مولانا احترام، محترم فاضل راهو، ملڪ صاحب، خانصاحب، حسين شاهه، غازي ۽ آءٌ هئاسين. ڳالهين ۾ جيل جو تذڪرو ايئن نڪتو جو مولانا احترام چيو ”جيلن کي ياد ۽ پسند ايئن پيا ڪيو ڄڻ هني مون يا پڪنڪ ملهائڻ لاءِ هوٽلون پيا پسند ڪيو.“ سو هتي پڄي اهڙو سڪون مليو آهي ڄڻ وڏي مسافري ڪري منزل تي پهتا هجون. هو به ايئن تحريڪ جي آغاز کان ئي ڊوڙ ۾ هئاسين. دوستن سان رابطي ۽ گرفتارين واري سلسلي کي منظم هلائڻ لاءِ به پئي ڊوڙياسين ته پوليس به پئي ڊوڙايو. 14 آگسٽ تي حسين شاهه ۽ غازي ته مخدوم صاحب وارن سان گڏ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. پوئتي جي ذميداري ملڪ صاحب، خانصاحب، شڪيل ۽ مون تي هئي. آءٌ ضلعي ايم آر ڊي جو سيڪريٽري هئس، سو خفو ٻه رتيون وڌيڪ هو. 14 آگسٽ واري ڏينهن گرفتارين کان پوءِ پوليس وڏي سختي ڪئي. پوليس زور لاتو ته گرفتار ٿيل ٻاهر جلوس جي شڪل ۾ نه نڪرن، پر ماڻهن وڏي جوش جو مظاهرو ڪري جلوس ٻاهر ڪڍيو. انهيءَ گوڙ ۾ اسان کسڪڻ جي ڪئي، پر ڪي پوليس وارا اسان تي به اک رکيو ويٺا هئا. اسين ٻاهر نڪري ريڊيو پاڪستان ڏانهن ڀڳاسين ته پوسٽ آفيس وٽ پوليس پنهنجي گاڏي اڳيان ڪري رستو روڪي ڇڏيو. اسان واري گاڏيءَ جي اڳيان فاضل صاحب جي گاڏي هئي، سو فاضل صاحب پوليس جي منهن ۾ اچي ويو ۽ ملڪ صاحب تڪڙ ۾ گاڏي پوئتي ڪري اسان کي بچائي ويو. ان ڏينهن کان 20 آگسٽ تائين تاريخي رولڙي ۾ هئاسين. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. لڪي ڇپي ملڪ صاحب جي گهر پهتاسين. سنگتي پاڻ سان صحافي دوستن کي کڻي آيا. ڳالهه ٻولهه ڪندي خبر پئي ته ڌڻين کي خبر پئجي وئي آهي ۽ سندن هڪڙي موٽر سائيڪل اچي بنگلي تي پهتي آهي. وٺي ڀڳاسين، چئنل وٺي ٽنڊي الهيار، اتي دوستن سان ملياسين. سائين اميد علي شاهه رضويءَ جي ڳوٺ ان سان ملاقات ڪري گرفتاري جو پروگرام ٺاهيوسين. اتان شيخ ڀرڪئي کان ٽنڊي محمد خان پهتاسين. خبر پئي ته ڪجهه دوستن کي گرفتار ڪري هوسڙي ٿاڻي تي آندو اٿن. ٽنڊي ۾ سيد محسن شاهه جي بنگلي تي گڏجاڻي ڪئي سون. دوستن سان به ملندا هئاسين ته صبح جو ساٿين جون گرفتاريون به ڏسندا هئاسين. اهي سڀ راتيون مينهن به ڏاڍا پيا.
18 تاريخ سڀني صلاح ڪئي ته رُليا به ڪافي آهيون ته مينهن به پيا پون، هلو ته لڪي ڇپي گهران چڪر هڻي اچون. اها به صلاح بيٺي ته ملڪ صاحب وري به سڀني سان رابطو ڪندو، جيڪڏهن نه ته سڀڪو پنهنجي مڙسيءَ سان پاڻ بچائي 20 تاريخ ڪورٽ ۾ اچي. صلاح موجب پهرين مون کي صدر ۾ لاٿائون، پوءِ ويا لطيف آباد. سڀئي لطيف آباد جا هئا. شڪيل جي گهر وڃي کيس لاٿائون ته شڪيل لاءِ بيٺل پوليس به تڪڙ ڪري ظاهر ٿي پئي ۽ ملڪ صاحب وارا وٺي ڀڳا. وري آيا پنهنجي عارضي پناهگاهه تي. ملڪ صاحب پناهه گاهه تان هڪڙو همراهه موڪليو ته وڃي سندس گهران خبرچار وٺي اچي. اهو همراهه ملڪ صاحب جي گهر پهتو ته اتي سول ڊريس ۾ موجود نگرانن وڏي اٽڪل سان هن کان ملڪ صاحب جي خيريت معلوم ڪئي. ملڪ صاحب جو موڪليل همراهه، سادو سودو بزرگ، خالص گهريلو ملازم هو، تنهن کي حقيقت جي ته خبر ئي ڪو نه هئي ته گهر ۾ مهمان آهن يا پوليس وارا، تنهن ٻڌائي ڇڏين ته ”ملڪ صاحب فلاڻي همراهه جي گهر ۾ بلڪل خيريت سان آهي ۽ مون کي موڪليو اٿس ته گهر جي خبر وٺي اچان“ . پوءِ ته دير ئي ڪو نه ٿي، پوليس وڃي اسان جي اشراف ميزبان جي در تي پهتي، ميزبان چيس ”برابر ملڪ صاحب مون وٽ آهي. گهر ۾ داخل نه ٿيو ملڪ صاحب کي وٺي ٿو اچان.“ ميزبان جي ڳالهه اثر ڪيو پوليس گهر ۾ ڪو نه وئي، ملڪ صاحب ٻاهر نڪري آيو. اهڙي طرح شڪيل ۽ خانصاحب کنڀجڻ کان بچي ويا.
19 تاريخ جون گرفتاريون جامع مسجد صدر وٽان ڏيڻيون هيون، (ڪورٽ ۾ گرفتاريون ڏيڻ بند ٿي ويون، سختي وڌي تنهن ڪري مختلف جاين تي گرفتاريون پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٽنڊي ولي محمد ۽ سول اسپتال وٽ به گرفتاريون پيش ڪيون ويون) آءٌ جامع مسجد جي سامهون ئي لڪل هئس، اتان گرفتارين جو منظر پئي ڏٺم. رات جو منير کي ماڻهو موڪليم، پروگرام ٺاهيوسين ملڻ جو ۽ گڏجي رهڻ جو. رات جو دير سان اختر سان هنڊا تي چڙهي مقرر جاءِ تي منير سان گڏيس. صبح جو ڪورٽ پهتاسين ته خبر پئي ته ملڪ صاحب گرفتار ٿي ويو آهي، باقي سنگت پڻ گرفتاري ڏني.
گرفتار ٿي جيل پهتا آهيون ته ٿَڪ ڀڄي پيو آهي، هڪڙي ڊوڙ ختم ٿي آهي ته ٻيو جيل ۾ موجود دوستن جو ميڙو، جوش جذبو. سڄي سنڌ مان تحريڪ جي زور جون خبرون، سڀني ڳالهين همت وڌائي ٿڪ لاهي ڇڏيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ۽ ايم آر ڊي جي هيٺين سطح تائين تنظيم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته سڄي سنڌ جا دورا ڪياسين، خصوصاً حيدرآباد ڊويزن جي ته هر شهر ۾ وياسين. ماڻهن جو جذبو حيران ڪندڙ هو، پر ذميداري کڻڻ وارا پريشان هئا. گڏجاڻيون ڪرڻ مشڪل هيون، ڪنهن ڪنهن شهر ۾ ته بار بار وڃڻو پيو تنظيم قائم ڪرڻ لاءِ. ماڻهو ته آتا هئا جنرل ضياءَ کان قائد شهيد جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ پر ”ليڊرن“ لنوايو پئي، کين پڪ ڪو نه هئي ته ڪو تحريڪ زور وٺندي يا ڪامياب ٿيندي. وڏي محنت ۽ مشڪل هئي تنظيم قائم ڪرڻ ۽ تحريڪ کي منظم هلائڻ لاءِ ذميداري کڻڻ پر پوءِ ”لوگ آتي گئي کاروان بنتا گيا.“
سينٽرل جيل ۾ هي ٻيو دفعو آيو آهيان. هن کان اڳ ۾ آڪٽوبر 1981ع ۾ آيو هئس. نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان هڪ ميجر زيادتي ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا. انهيءَ احتجاج جو زور ڄامشوري ۾ هو. 8 آڪٽوبر تي ڄامشوري ۾ وڏو جلوس نڪتو، انهي جلوس جي نتيجي ۾ هڪ فوجي سپاهي مارجي ويو. ڏهين الائي ٻارهين آڪٽوبر تي آءٌ شهر مان ٿيو گهر پئي آيس. رستي ۾ ماما منظور پٺاڻ جي دڪان تي ٿوري دير ويهي گهر آيس. ماما منظور ڏسندو آهي ته سڏي ڀٽي صاحب ۽ پارٽي جون خبرون ضرور ڪندو آهي. گهر اچي ماني جا ٻه ٽي گرهه مس کاڌم ته ٻار ڊوڙندوآيو، چئي: جلدي گهر مان نڪري ڪٿي لڪ، تون دڪان تان اٿئين ته پوليس اچي وئي ۽ تنهنجو پڇي ويئي.“ مون سوچيو، ڄامشوري واري جلوس ۽ جلسي سان منهنجو ته واسطو ڪو نه هو، پوءِ پوليس ڇو ٿي گرفتار ڪري؟ خير، ماني ڇڏي تڪڙ ۾ وڃي مختار جي گهر پهتس، اتي موليڏنو راڄپر به ويٺو هو. حال احوال ڪيم. موليڏني ڀوڳن ۾ چيو ”اسان جي جند مس ڇٽي آهي، لڪي اچي ويٺو آهيان ته تون به هتي لڪڻ آيو آهين، هتان ٻَڌئين ته اسين وري به کنڀجي وينداسين.“ شام جو اتان اٿي صدر ۾ علي احمد خان نظاماڻيءَ جي جاءِ تي آيس، نيت اها هئم ته سڀاڻي ڪراچي ۾ چاچي شاهنواز خان جوڻيجي جي شنوائي آهي، ڪو وڃي ته مون کي به وٺيو وڃي. رئيس وٽ پهتس ته هڪڙو پوليس انسپيڪٽر به ويٺو هو، رئيس سان ڪچهري ڪندي رئيس کي ٻاهر وٺي وڃي ساڻس ڪجهه ڳالهايائين. رئيس مون کي سڏ ڪيو، دل ۾ چيم خير ڪونهي. رئيس چيو ”انسپيڪٽر توسان ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو!“ چيم ”هتي ئي ڳالهائي.“ چيائين ته ”توکي گهڙي لاءِ وٺي وڃڻ ٿو چاهي.“ چيم ڳالهائي ڪو نه ٿو، ٻڌيم ٿو، موڪل ڏي ته هتان ئي کسڪان.“ ايتري ۾ انسپيڪٽر صاحب اچي نڪتو. رئيس چيس ته هن جو خيال آهي ته تون هن کي گرفتار ڪندين. انسپيڪٽر يڪدم هڪڙو هٿ مٿي تي رکي چيو ”هي ساک آهي، ڀاڙيو ڪو نه آهيان جو يارن جي جاءِ جي بيعزتي ڪريان، ٻڌڻو هوندو ته جايون ٻيون به گهڻيون.“رئيس کي پڪ ٿي وئي ته منهنجي تڏي تي هروڀرو ايئن ڪو نه ڪندو سو مون کي چيائين ”ڀلي هن سان ڳالهائي اچ.“پوليس آفيسر سان چڙهي ويٺس سندس گاڏي ۾، اچي ڪنٽومينٽ ٿاڻي جي ٻاهران بيٺو، ٿوري دير ۾ آيو (پوءِ خبر پئي ته اندر وڃي ٿاڻي جي ايس، ايڇ، او عبدالحڪيم لاشاري کي چيائين ته مولابخش کي علي احمد خان جي جاءِ تان وٺي آيو آهيان تون پاڻ وٽ رکينس، پر لاشاري صاحب انڪار ڪيو ته اهو نامناسب آهي، سنگت ۾ گلا ٿيندي) اتان هلي اچي ايس پي آفيس بيٺاسين. هڪڙي آفيس ۾ ويٺاسين، مون کي اتي ويهاري پاڻ ٿوري دير ويو هليو (شايد فون ڪرڻ ويو) اتي ٻه مهربان ظفر انسپيڪٽر ۽ احسان صاحب ويٺا هئا، پيار سان مليا. چيائون ”توهان هتي ڪيئن آيا آهيو؟“ شايد کين به خبر هئي ته پوليس کي منهنجي تلاش آهي. مون ٻڌايو ته هي صاحب بهادر وٺي آيو آهي، چوي ٿو ڳالهائڻو آهي. ٻنهي هڪٻئي ڏي نهاريو، ايتري ۾ پوليس آفيسر اچي ويو، سندس اچڻ کان يڪدم پوءِ ٻيو ٿلهو متارو سب انسپيڪٽر سلوٽ هڻي اچي بيٺو. مون واري انسپيڪٽر ايڪٽنگ ڪندي پڇيس خير آهي؟ چيائين ”مولابخش کپي.“ مون واري انسپيڪٽر وڏي حيرت مان چيو: مولابخش کپي؟ آءٌ يڪدم اٿي بيٺس، کيس چيم ته ”صاحب اوهان جا ٿورا لاهي سگهندس ڪو نه، باقي ڳائيندس پيو، چڱو هاڻ هلون ٿا.“ ٿلهي متاري پهلوان انسپيڪٽر ٻاهر رڪشا جو اڳئي بندوبست ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ ۾ پاڻ ئي ڪافي هو، پر پاڻ سان گڏ سپاهي به ويهاريائين. آءٌ وچ ۾ ويٺس ڪو نه پر سيٽن ۽ ڊرائيور جي ٽيڪ جي وچ واري جاءِ ۾ ڦاسي پيس. اتان وٺي سٽي ٿاڻي آيا. پنڌ ٿورو هو پر صفا سُڪي پيس.
سٽي ٿاڻي تي ايس ايڇ او وڏو مهربان هو، سندس سٺو رويو ڪڏهن وسارڻ جهڙو ڪونهي. لکپڙهه ڪري سٽي لاڪ اپ ۾ ڇڏي ويا. غازي صلاح الدين، ابوبڪر زرداري، ساغر سميجو، عاقل چانهيو (مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن) اتي اڳئي سرڪار جا مهمان هئا. منهنجي گرفتاري کان ٻه ڏينهن پوءِ اقبال کي سندس مائٽ وٺي آيا ۽ ايس ايڇ او جي حوالي ڪري ويا ان ايس ايڇ او جي بدين ۾ وڏي رهائي پوکي آهي ۽ سندس ئي چوڻ تي اقبال کي پيش ڪيو ويو هو پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جو جنرل سيڪريٽري امير حمزو مينگل گرفتار ٿي اسان واري ڪمري ۾ اچي نڪتو. امير حمزه کي ڏاڏو ڪري سڏيندو هئس. ٻروچ اولاد ته الائي ڪهڙي بزرگ جو آهن پر پاڻ کي امير حمزه جو نسل سڏائيندا آهن، تنهن ڪري مينگل صاحب مون لاءِ ڏاڏو امير حمزو هو. امير حمزي ٻڌايو ته سندس ڳوٺ وارن سان ڏاڍيون جٺيون ڪيون ويون، سندس گرفتاري مهل به تمام گهڻي سختي ڪئي وئي. ڏاڏو لاڪ اپ جو سٺو ساٿي هو، ڏاڏي لاڪ اپ جا ڏينهن وڏي صبر ۽ همت سان گذاريا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڄام ڊيڪوريشن جو مالڪ ڄام عبدالڪريم سهتو به گرفتار ٿي اچي اسان وٽ پهتو. سندس ڏوهه اهو هو ته سندس دڪان پ پ جي ارڏن جو اڏو هو. ڄام صاحب جي دڪان تي صبح سان ئي ڪچهري مچندي هئي. هر چرندڙ پرندڙ جيالو اتي ضرور ايندو ۽ حال احوال وٺي ويندو هو. غازي، حسين شاهه، عالم شاهه، اسماعيل، آءٌ، شهر ۽ تعلقي جا عهديدار ته پابندي سان ويٺا هوندا هئاسين ڄام صاحب پارٽيءَ جو عهديدار به هو پر سندس خطرناڪ سرگرمي، سندس دڪان واري ڪچهري هئي! سڀ صلاحون اتي ٿينديون هيون، سڀ پروگرام اتي جڙندا هئا. ڪچهري سياسي هوندي هئي تنهن ڪري پيار ۽ تلخي گڏگڏ هوندا هئا. ڪير به ڳالهائي ڄام صاحب جو ڪنڌ پيو هلندو. هر دوست جي پاران چوندو ”برابر سائين برابر!“ ڄام صاحب جو دڪان ڏاڍو هلندو هو، ڪمائيندو جام هو، سڄي سنڌ ۾ سندس سامان ويندو هو پر سندس شاهه خرچين ۽ سياسي سرگرمين کيس وڏو نقصان پهچايو، جيڪي به فنڪشن ٿيا تن ۾ سندس حصو ضرور شامل هوندو هو. سنگت جي خدمت ڪندي خوش پيو ٿيندو هو. گرفتاري کان پوءِ ته سندس ڪاروبار بلڪل تباهه ٿي ويو، کيس پرائي دڪان تي نوڪري ڪرڻي پئي. ڄام صاحب وڏو صبرائتو ۽ لڄاڙو انسان هو، پنهنجي تڪليف ٻڌائي ڪو نه سگهندو هو. هڪ رات اوچتو منهنجي اک کلي ته ڏٺم ڄام صاحب اٿيو ويٺو آهي. پڇيم خير آهي، طبيعت ته ٺيڪ آهي؟ ڄام صاحب واتان ڪو نه ڳالهايو، اشارو ڪري ڏاڏي حمزي کي ڏسڻ لاءِ چيائين. ڏسان ته ڏاڏو، ڄام صاحب واري هنڌ تي بالم ٿيو ستو پيو آهي. ڏاڏو ننڊ ۾ ليٿڙيون پائي اچي ڄام صاحب تي ڪڙڪيو هو ۽ ڄام صاحب کيس جاڳائي پاسي ڪرڻ ۾ رُڌل هو. ٻي رات سرون، ٿيلها رکي ڏاڏي ۽ ڄام صاحب جي وچ ۾ سرحد قائم ڪئي سون.
لاڪ اپ ته سڄو عذاب آهي پر سندس کڙڪي (بيت الخلا) انسان جي بيعزتي آهي. سٽي لاڪ اپ ان سلسلي ۾ سڀني کان زور آهي، اتي ٽي چار قيدي گڏجي رهن ته کڙڪي ۾ وڃڻ مشڪل ٿيو پوي. ڪو به کڙڪي ۾ وڃڻ جي تڪڙ ڪو نه ڪندو، تان جو عقل، حيا ۽ شرم سڀ ڪم ڇڏي وڃي ۽ ڊوڙي وڃي اُتي پهچي. ننڍڙي ڀت، اٿندي ويهندي اوگهڙ نه لڪائي سگهجي. 78ع ۾ انهيءَ هڪڙي ڪمري ۾ 15-16 ساٿي هوندا هئا. سمهڻ مشڪل هو. کڙڪي جي ڀت تي به دوست چڙهيا ويٺا هوندا هئا. ڄام صاحب حاجت لاءِ وڃي ڪو نه سگهندو هو، رسي گهرائي ڀت ۾ ٻڌي ڇڏي سين. ڄام صاحب کڙڪي ۾ ويندو هو ته رسي تي چادر لڙڪائي ڇڏيندا هئاسين. ڄام صاحب جي هن عذاب مان جند تڏهن ڇٽي جڏهن نظربند ٿي نارا جيل روانو ٿيو. ڏاڏو امير حمزو به لاڪ اپ تان ئي رها ٿي ويو، اسين 15 ڏينهن کن انهيءَ عذاب ۾ رهياسين. مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ پيشيون پيون ٿينديون هيون. اقبال ۽ غازي کي ته هڪ رات اتي رکيو به هئائون.
لاڪ اپ ۾ اقبال مزو ڪيو ويٺو هو. تن ڏينهن اقبال جو تڪيه ڪلام هو ”آ پيارا ڊي ايس پي، نر لڳا پيا آهيون، واندا ئي واندا“ جيڪو به ڳالهائيندو هئس ته پهرين هڪل ڪري تڪيه ڪلام دهرائيندو هو، پوءِ ڳالهه جو جواب ڏيندو هو. اقبال اياز جا گيت ۽ وايون پر هڪڙو انگريزي گيت ”او مائي بلوَڊ“ (او منهنجا محبوب) ڏاڍي عجيب غريب انداز ۾ ڳائيندو هو. هڪ ڏينهن اقبال اهو انگريزي ڪلام وڏي واڪي پئي ڳايو، انهيءَ مهل بلڙي شاهه ڪريم جو پيارو دوست خير محمد شورو ملڻ آيو. تنهن اسان جي ڀر واري ڪمري مان اقبال جون رڙيون ٻڌي مون کان پڇيو ”ڪير آهي؟ رڙيون ڇو پيو ڪري؟“ مون ڀوڳن ۾ چيس ته اسان جو بهادر دوست آهي پر هن تي تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي.“ خير محمد پارٽي جو پرخلوص جيالو آهي، سو يڪدم اقبال ڏانهن ڀڳو. خير محمد اقبال کان ڳائڻ دوران ئي خيريت معلوم ڪئي. اقبال ڳائڻ بند ڪري وٺي رڙ ڪئي: ”آ پيارا، ڊي ايس پي نر لڳا پيا آهيون، واندا ئي واندا!“. اقبال جي رڙ سان ئي خير محمد پوئتي وريو، اچي چيائين ”خدا جي مار پوين، لاکيڻو مڙس کاري وڌو اٿن.“
15 ڏينهن ئي اقبال جون هڪلون، عاقل چانيهي جو ”راڻو،“ ساغر جا ٿري ۽ قومي گيت رت کي گرمايو لاڪ اپ کي مچايو ويٺا هئا. ساغر ”عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن آيو جهول ڀري“ (اياز) ”موتي ايئن نه رول“ (امداد حسيني) ۽ ٿري لوڪ گيت ”ڪانگڙو ٿو اڏي“ ڏاڍي سريلي انداز ۾ ڳائيندو هو.
غازي ۽ ڀائو ابوبڪر کي اسان کان 2 ڏينهن اڳ ۾ جيل وٺي ويا. ساغر، اقبال، عاقل ۽ آءٌ گڏجي جيل پهتاسين. پهرين رات ”اي“ ڪلاس جي برداشتن واري کولي ۾ بند ڪيائون. ڪي ڏينهن ملاقات بند هئي، رڳو پاڻ ۾ رهاڻيون ڪيو ويٺا هئاسين. شيرين سومرو ڪيس جي اسيرن سان، جيڪي بي ڪلاس ۾ هئا، ملاقات جي اجازت ملي ته سٺو وقت گذريو، اتان وري اسان کي سکر نيو ويو، اتي پيارا دوست ۽ نالي وارا مڙس اڳئي ميڙو مچايو ويٺا هئا.
حيدرآباد توڙي سکر جيل ۾ دوست اهڙو ماحول قائم ڪيو ويٺا هئا جو جيل جو احساس ئي ڪو نه ٿي ٿيو، هن دفعي جيل جو رنگ ئي ٻيو آهي. ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا تاڙيون ٿيون وڄن، يعني روز ڏهه ڏهه ڀيرا سياسي قيدي اچن پيا ۽ سندن آجيان ۾ تاڙيون ٿيون وڄن. ڪاري فئڪٽري ۾ صبح شام ميڙو لڳو پيو آهي. ٽوپين، پٽڪن، اجرڪن سان دوست گهمندا وتن. شام جو جتي ڪٿي ڪچهري متي پئي آهي. ڌار ڌار ڪمبل وڇايو ڪانڀون هنيو ويٺا آهن. ڪٿي ٺلهي رهاڻ آهي ته ڪٿي محفل موسيقي پئي ٿي. ملاقات لاءِ جوابدار اچي دوستن جا نالا ۽ ذاتيون وٺي سڏ ڪندو ته لڳندو آهي ته ڄڻ تاريخ مظهر شاهجهاني جو مصنف يوسف ميرڪ، حڪومت جي باغين جون ذاتيون ڳڻائيندو هجي. گهڻو ڪري سنڌ جي هر ذات جو دوست آهي. هتي مشوري، ميمڻ، ملاح، ميربحر، مغل، ميرجت، مهيسر، مڱڻهار، سيد، سما، سهتا، سميجا، سولنگي، ساند، سومرا، سيال، سوها، ساريجا، جوکيا، جوڻيجا، جتوئي، جکرا، جروار، جمالي، جانوري، جنجهي، جلالاڻي، پهوڙ، پارهيڙي، پتافي، پنهور، پليجا، عباسي، عالماڻي، اوڍيجا، ارباب، ابڙيجا، عمراڻي، نقوي، نائچ، ناريجا، ناهيان، نظاماڻي، نوتڪاڻي، نوحاڻي، رند، راهو، رنڌاوا، راجپوت، رنگ، راهمان، ڀٽي، ڀنڀرا، ڀان، ڀرڳڙي، برهماڻي، ٻٽ، ٻاگهل، ٻٻر، ٻاٽي، ٻرڙا، ٻلال، ٻگهيا، صديقي، قريشي، زبيري، زبيدي، ڪيڙانا، ڪاتيار، ڪاڪا، ڪوري، ڪورائي، قمبراڻي، خواجه، خاصخيلي، خليفه، خشڪ، ٿيٻا، چنا، چانيهان، کوسا، لغاري، لاشاري، زرداري، ٽالپور، گاڏهي، گاکڙا، گهلو، ٿهيم، ڏيرا، زنگيجا، درس، راڄپر، پليپوٽا، هاليپوٽا، دل، لوهار، شورا، پير، فقير، ترڪ، ڪهڙي ذات آهي جيڪا مارشلائي حڪمرانن خلاف جمهوري ويڙهه شريڪ ۾ ڪونهي. سنڌ جي مظلوم ۽ بي هٿيار ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد خلاف سڄو لاڙ، اتر، ڪاڇو، وچولو ۽ ٿر آهي سراپا احتجاج، چپ آهن ته اهي جيڪي مظهر شاهجهاني واري دور ۾ به ڪو نه ڪڇيا هوندا، سي ڪالهه به حاڪمن سان صلاحي هئا ۽ اڄ به حڪمرانن جي حڪم جا بندا آهن.
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، گڏ ڌارين سان ڪي ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
اڄ به سنڌ جي نئين تاريخ لکجي رهي آهي. هڪڙي پاسي بي هٿيار مظلوم عوام پنهنجي ريٽي رت سان ان تاريخ ۾ جدوجهد جي لازوال باب جو اضافو ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي غاصب حڪمران ڏاڍ ۽ بربريت جي تاريخ رقم ڪري رهيا آهن. هر حاڪم پنهنجي مزاج ۽ مفاد وٽان تاريخ لکي ۽ لکائي آهي پر ڪنهن به حاڪم تاريخ مان سبق ڪو نه پرايو آهي. ماضيءَ جي حاڪمن جيان موجوده حڪمران به انڌ جي گهوڙي تي سوار آهن. اکين هوندي ڏسي ڪو نه ٿا سگهن، ڪنن هوندي کين وقت جي آواز ٻڌڻ جي سگهه ڪونهي. کين ڪير سمجهائي ته عوام سان روز روز جون ارهه زورايون عوام کي ختم ڪو نه ڪري سگهنديون. عوام قدرت جو مظهر آهي، سو قدرت سان گڏ قائم رهندو. حاڪمن جو ظلم خود حاڪمن جي وجود کي وڃائي ڇڏيندو. عوام بغاوت ڪو نه ڪندو آهي، حاڪم بغاوت جا بنياد فراهم ڪري عوام کي پنهنجي سامهون آڻي بيهاريندو آهي ۽ حاڪم ۽ رعيت جي ويڙهه ۾ سوڀاري سدائين رعيت ئي ٿيندي آهي.