آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

سياسي قيدين جي نه ڇُٽڻ جون دعائون

(23- اپريل 1984ع)
صبح جو اٿي پنڌ ڪيم. ساڍي ڇهين ڌاري عباسي صاحب، انور شاهه، منير، فدا حسين ۽ هادي بخش سهتي بيڊمنٽن راند ڪئي. تيار ٿي بئرڪ ڏي ويس ته اتي عالم شاهه ۽ حسين شاهه ڪو نه هئا. موٽي وارڊ آيس ته خبر پئي سادات، منير ۽ فداحسين شاهه ويٺا ڪچهري ڪن. اوڏانهن ويس. اتي ظهور عالم صاحب ۽ جمالي صاحب به آيا. ماني گڏجي کاڌي سين. ٻِين وڳي ڌاري ملڪ صاحب ملاقات تي آيو، ملڪ صاحب منير کي چيو ته ”هاڻ جلد اچ، تنهنجا ٻار روز تيار ٿي ويهن ٿا ته ابو اڄ ضرور ايندو.“ (رهائيءَ جي افواهن سبب سڀني دوستن جي گهر ۾ اهائي ڪيفيت آهي) ملڪ صاحب ۽ حسين شاهه سان ڪچهري مهل جيل جو احساس بلڪل ڪو نه هو، رڳو غازيءَ جي ڪمي هئي. ٻاهر به هن چوڪڙيءَ جي ڪچهري روز پئي ٿيندي هئي. آزاديءَ جي عارضي احساس کي عبادالله جيلر اچي ختم ڪري ڇڏيو. عبادالله آيو ۽ اچي ويهي رهيو. عبادالله جيلر منهن ۾ پريشان، چوويهه ئي ڪلاڪ چڙيو وتندو آهي.
ڪچهريءَ ۾ حسين شاهه حسب عادت راڄن تي ڇوهه ڇنڊيندي اچي جيل انتظاميه تي بيٺو. جيل کاتي جو ذڪر نڪتو ته حسين شاهه جيلن جون ڳالهيون ڪندي ايئن پئي لڳو ڄڻ ڄائو. نپنو ۽ وڏو ٿيو ئي جيل ۾ آهي. رٽائر آفيسرن جو ذڪر، فلاڻو سپاهيءَ مان سپرنٽنڊنٽ ٿيو، فلاڻو منهنجي جيل اچڻ دوران ڪلرڪ هو پوءِ جيلر ٿيو وري ان کي سپرنٽنڊنٽ به ڏٺوسين. ايس پي الاهي بخش جي وقت ۾ رائونڊ مهل قومي ترانو وڄندو هو، جيل جي بينڊ به هوندي هئي. وغيره وغيره. حسين شاهه جي ڳالهين مهل عبادالله ڪنڌ ڌوڻيندي ايئن پي لڳو ڄڻ وڏو گويو پنهنجي جوانيءَ جا قصا ٻڌيو پيو مزو وٺي. جيل جا اهي سخت دور جهڙا عباد الله جا ڪارناما هجن. اوچتو عبادالله ٿڌو ساهه کڻي چيو ”شاهه صاحب، آپ وه تريپن (53) ڪي بات ڪر رهي هين، ڪيا زمانه ٿا، تب ڪا ڊسپلين ياد ڪرڪي، آج ڪا ڊسپلين ديکتي هين تو خون کولني لگتا هي. دل چاهتا هي اپنا سر پهوڙ دون يا ڪسي اور ڪا.“ اها ڪيفيت رڳو هن جي ڪونهي، انهن ٻن ٽن آفيسرن کي ڇڏي جن هن افراتفري مان لک ڪمايا آهن، سڀني پراڻن آفيسرن جي آهي. اهي پنهنجي فرعوني دور کي ياد ڪري ماتم ڪري روئي رهيا آهن. هاڻ اهي جيل ڪونهن جن ۾ ”ماچيس“ به بدمعاشي شمار ٿيندو هو. ڪي آفيسر اڃا به جيلن ۾ پنهنجي خدائي جا دعويدار آهن پر سندن اختيار اڳي جهڙو ناهي رهيو. اها حقيقت آهي ته هنن قهري ڪوٽن ۾ سياسي قيدين پنهنجي همت، صبر ۽ حوصلي سان وقتن به وقتن ڏار پئي وڌا آهن. هن رُڪ کي ميڻ ڪرڻ لاءِ ڪئين سورهيه پنهنجون جوانيون ۽ زندگيون ٻارڻ ڪري ويا آهن.
جڏهن به سانوڻيون اچن
جڏهن به ڀٽ ڀٽ تي
گهٽا گجي گجي وسي
جڏهن به مور ٽور ۾
ڏسو نه ڪنهن هور ۾
جڏهن به روجهه ريجهه ۾
ڏسو اٻوجهه ريجهه ۾
تڏهن نه هي وسارجو
ته ڪير سُڃ ۾ ستو.
گذريل ڪيترن سالن کان سياسي قيدي جيل ايندا ۽ اوچن ديوارن ۽ هٽلري قانونن کي ڪمزور ڪندا رهيا آهن، پر ويجهڙائيءَ واري دور ۾ خاص ڪري جنرل ضياءَ جي دور ۾ ته جيل سياسي قيدين جو ٻيو گهر بڻجي ويا آهن. سياسي قيدين جي اچ وڃ جيلن کي ڪافي نرم ڪري ڇڏيو آهي. ڪاري چڪر جي هڪڙي قيدي ڳالهه ٻڌائي ته ”اسان وٽ قيدي روز صبح جو اٿي چوندا آهن ته ”مولا سياسي نه ڇٽن، نه ته اسان ڪر مفت مارجي وينداسين.“ سلام آهي حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سياسي تحريڪن جي اڏول بزرگن ۽ نوجوانن تي، جن پنهنجي عزم ۽ سچائي سان جيل جي ”روهن کي رتيون ڪيو آهي.“
انہیں کے فیض سے بازار عقل روشن ہے،
جو گاه گاه جنوں اختیار کرتی رہی۔
ملاقات کان پوءِ ڪمري تي آيس، سائين وارا اڇي چڪر ويا. شام جو هاري ڪميٽيءَ جي شام واري نشست مان ٿيندو، اچي توئنري ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس. اڄ ڪچهريءَ ۾ حسين شاهه پنهنجي چين ۽ ڪوريا جي دوري جون خبرون ٻڌايون. سائينءَ جي واتان وڏي عرصي کان پوءِ اهو تذڪرو ٻڌوسين. سائين، ڀٽي صاحب جي وقت ۾ چين ۽ ڪوريا ويو هو، اتان موٽيو ته سائينءَ جي چپن تي ٻي ڳالهه هئي ڪو نه. هر بحث هر ڳالهه هئي چين ۽ ڪوريا. ايئن چئجي ته انهن ڏينهن سائين کي ”چين ۽ ڪوريا“ فوبيا ٿي ويو هو. مزي مزي جون خبرون ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن سپاف جي گول بلڊنگ واري آفيس ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم سائين وڏي جوش ۾ ويٺو هو. هٿ ڏئي ويٺس ئي مس ته سائين ناراضگيءَ واري لهجي ۾ چيو ”مولابخش خان هاڻ پنهنجو به جهيڙو آهي.“ چيم ”سائين خير ته آهي؟“ چيائين ”تو واري يار اسان جي يار تي حملو ڪري وڌو آهي.“ مون چيس ”پنهنجا ڪهڙا سنگتي وڙهي پيا آهن؟“ چيائين تو اخبارون ڪو نه پڙهيون آهن؟ آمريڪا جي صدر فورڊ، ڪوريا جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي.“ سائينءَ جي ڳالهه ٻڌي هڪڙي پريشاني ته دور ٿي پر ٻي پريشاني وٺي ويئي ته سائينءَ جو اهو حال رهيو ته مڙس هٿن مان وڃائي ويهنداسين. انهن ڏينهن فورڊ ۽ جمي ڪارٽر جي اليڪشن جو دور هو ۽ مون ڪنهن ڪچهريءَ ۾ چيو ته نڪسن ۽ فورڊ جي زماني ۾ ويٽنام جي جنگ بند ٿي ۽ فورڊ سي آءِ اي کي غير ملڪي سربراهن کي نقصان پڄائڻ جي ڪاررواين کان روڪيو هو، اهڙيون خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيون هيون. تنهن ڪري فورڊ، ڪارٽر کان بهتر آهي. فورڊ لاءِ اهي رسمي ڳالهيون سائين ذهن تي رکي ڇڏيون. جڏهن آمريڪا ۽ ڪوريا ۾ اختلاف ٿيا ته سائين ڪوريا پاران ذري گهٽ مون سان ٿي وڙهيو. انهيءَ ڏينهن جڏهن سائين مون سان مٿين ڳالهه ڪئي، سائين پنهنجي سيڪريٽريءَ کي وڏي جلال مان حڪم ڏنو ته ”مجيد فورن هڪڙو ٽيليگرام ڪر، ڪامريڊ ڪم ال سنگ کي، کيس ٻڌاءِ سنڌ جا نوجوان اوهان سان گڏ آهن ۽ اوهان جي حڪم جا منتظر آهن.“ سائينءَ جو سيڪريٽري مجيد ميمڻ ڀلو ماڻهو هو، اهو به ٻي سنگت وانگر سائينءَ جي خبرن کان پريشان هو. وڏي رازداريءَ سان چوندو هو ته ”يار سائينءَ کي ڇا ٿي ويو آهي؟“ سائينءَ کي هڪڙو هينڊ بيگ ڪوريا جي دوري دوران ڏنو ويو هو، اهو ڳاڙهي چمڙي جو ٺهيل هو، اڪثر سائين اڳيان ٻانهون لوڏيندو هلندو هو ۽ مجيد پويان پويان اهو بيگ کنيو تڪڙو پيو هلندو هو. سائين انهيءَ مهل سکئي ستابي شوقين تپيدار جو ڏيک ڏيندو هو ۽ مجيد تپيدار جي خاص ماڻهوءَ جيان ڳاڙهي ڪپڙي جي پنن جي ڀري سان پيو هلندو هو.
سپاف جا اڪثر ضلعي صدر انهيءَ زماني ۾ سائينءَ جي اختيار کان ٻاهر هئا، خاص ڪري منظور وساڻ (خيرپور)، غفور نظاماڻي (بدين) جا ته وزيراعليٰ جتوئي سان سڌا تعلقات هئا ۽ حيدرآباد جو صدر حاجي رحيم شورو وري غازي ۽ منهنجو گهاٽو يار هو، تنهن ڪري اهو به سائين کان زور هو، انهيءَ صورتحال تي سائين وڏو تفصيلي تبصرو ڪندي چوندو هو ”آءٌ بهادر شاهه ظفر آهيان، منهنجي بادشاهي رڳو هن محل (آفيس) تائين آهي، مولابخش خان دارا شڪوه آهي، پير فقير سڀ سندس حمايتي آهن.“ (سپاف جي ٻين اڳواڻن سان گڏوگڏ عبدالله خان ورياهه مخدوم صاحب جي گاديءَ جو واسطيدار، سائين پيرل شاهه ڀٽ شاهه جي گادي وارو منهنجا مهربان هئا ۽ سيوهڻ جي گادي نشين مراد شاهه جو ڀاءُ حاجن شاهه لڪياري غازي ۽ منهنجو گهاٽو يار هو.)
سائينءَ جون تشبيهون ۽ نالا رکڻ به ڪمال جا هوندا آهن. ڪٽپر صاحب سينيئر وزير ۽ صوبائي صدر هو، رنگ جو ڳاڙهو، ڀورو، مٿو وارن کان آجو چمڪاٽ پيو ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن حسين شاهه سنگت سان گڏ ڪٽپر صاحب جي گهر سندس انتظار ۾ ويٺو هو. رات جو وقت هو. ڪٽپر صاحب مٿي کان وٺي پيرن تائين اڇو ٿيو پئي آيو. پاڻ به اڇو، پرنس ڪوٽ (پ پ وارو) ۽ پينٽ به اڇي، بوٽ ۽ جوراب به اڇا، روشني ۾ سڄو پئي چمڪيو. سائين ڏسي سنگت کي چيو ”هوشيار ٿيو راءِ بهادر خوبچند پيو اچيوَ“ حسين شاهه ضياءَ جي ئي دور ۾ مير علي احمد خان کي 23 مارچ تي شيرواني ۽ جناح ٽوپيءَ ۾ ڏسي چيو ”مير صاحب بڙي غلام علي خان لڳو پيو آهي.“
هڪڙي ڏينهن مون کي ٻڌايائين ته سکر جيل ۾ سائين عالم شاهه کير ۾ اصلي گيهه ملائي پيئندو هو، حسين شاهه، عالم شاهه کان ان جو سبب پڇيو ته ٻڌايائين ته طاقت وڌندي وغيره وغيره. فائدا ٻڌي سائين به ايئن ڪيو. چيائين ته ”مون به 2 ڪلو کير پاءُ گيهه جو گڏائي ٽهڪائي پيتو ته طاقت ٿئي پر مولابخش خان کير پيئڻ کان پوءِ آءٌ جهڙو آئل ٽينڪر، جتي بيهان ليڪ ٿيو وڃان.“ سائين حسين شاهه راڄ سان ته سدائين پيو جٺيون ڪندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به ڪو نه بخشيندو آهي. هيل تائين رڳو ڄام صادق علي کي سندس تبصرن کان محفوظ ڏٺو اٿم، سائين سدائين سندس تعريفون ڪندو آهي.
ڪچهريءَ ۾ الله بچائي خان لغاري به سٺيون خبرون ٻڌايون. لغاري صاحب کي ڪيترن ملڪن جي جاگرافي، موسمن ۽ ماڻهن جي ڪافي معلومات آهي. فرانس، جرمني، روس ۽ ٻين ملڪن جا احوال ٿيا.
9 وڳي وارڊ واپس آيس. ماني کائي بند ٿياسين. منير اڄ خالد گهلو وٽ ترسيل آهي.
دادوءَ ۾ ماڻهن ضياءَ جي هيليڪاپٽر کي لهڻ نه ڏنو
(25- اپريل 1984ع)
صبح جو ڇهين وڳي اٿي ٿورو پنڌ ڪيم. ساڍي ڇهين وڳي ڌاري هادي بخش، منير، خان محمد خان، فدا حسين ۽ خالد گهلو بيڊمنٽن راند ڪئي. نائين وڳي ڌاري ڪچهريءَ ۾ ويس. اڄ گذريل ڪچهرين کي دهرايو ويو. ڪمري تي آيس ته ملاقات جو سڏ ٿيو. علي محمد سومرو آيو هو، تنهن سان عالم شاهه ۽ مون ملاقات ڪئي. علي محمد ٻڌايو ته دادوءَ جا ڪافي دوست س. پ هه. ڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا آهن. ملاقات جو ٻيهر به سڏ ٿيو. اختر آيو، تنهن گهر جي پريشانين جا اچي احوال ڏنا. اهو به ٻڌايائين ته قائم خاني ايندو آهي.
پنجين وڳي ڌاري ڪورٽ وارڊ ۾ لياقت کوسي جي مان ۾ بخت کهاوڙ پاران ڏنل چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿيس. لياقت 16 آگسٽ 1983ع تي ستن دوستن سان گڏجي گرفتاري پيش ڪئي. هئي. ضياءَ دادو ويو ته ماڻهن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو، سندس هيليڪاپٽر کي مقرر هيلي پيڊ بجاءِ ٻي چوديواري ۾ لاٿو ويو. بي بي سيءَ تان انهي سخت احتجاج جي خبر ٻڌي جيل جا سڀئي دوست ڏاڍا جذباتي ٿي ويا هئا پر دادو جي دوستن جو جوش ڏسڻ جهڙو هو. دير تائين ”جيئي ڀٽو، ماروي ملير جي، ويٽ نام ويٽ نام دادو ضلعو ويٽ نام“ جا نعرا لڳندا رهيا. نعرا هڻندي لياقت کوسو بيهوش ٿي ويو. هن کي چاڪ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر گهرائڻو پيو هو. گذريل ڏينهن هن جي رهائيءَ جو آرڊر به آيو هو پر هن جو نالو جيل ڪيس ۾ هجڻ ڪري کيس رها نه ڪيو ويو، اهو ڪيس ايس ڊي ايم ٿي ڪورٽ ۾ چالان لاءِ پيش ٿيو آهي، تنهن ڪري هاڻ هنن دوستن جا ضامن ٿيڻ شروع ٿيا آهن. اڄ به چئن جو ضامن ٿيو ۽ اهي به رها ٿي ويا، شايد سڀاڻي لياقت به آزاد ٿي وڃي.
پروگرام مطابق بئرڪ ايڇ ۾ ايم آر ڊي جي گڏجاڻي ٿي تنهن ۾ ويس. گڏجاڻيءَ ۾ عالم شاهه، خان محمد جمالي، پير معظم، منير ڀرڳڙي، عبدالله ملاح، ابوبڪر زرداري، پي اين پي رشيد الدين طارق، قومي محاذ آزادي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جا دوست شريڪ ٿيا. فيصلو ڪيو ويو ته، ملاقات واري ڪمري ۾ ملاقات ويجهي ڪرائڻ لاءِ سيخن تي ڄاري هڻائڻ، مريضن کي دوائون مهيا ڪرائڻ ۽ جيل ۾ هيروئن جي آمد روڪائڻ لاءِ آءِ جي سان ملاقات ڪئي وڃي. (ملاقات مان ورڻو سرڻو ڪونهي، باقي رهيو هيروئن جي آمد جو مسئلو سو ته سوچڻ به اجايو آهي. هيروئن ته ڪا به، ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي پر جنهن هيروئن جي اسان کي ڳڻتي آهي تنهن جي آمد جا ته حڪمران پاڻ ذميدار آهن، تنهن کي اسين ويچارا ڪيئن ٿا روڪي سگهون)
گڏجاڻيءَ ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته سکر جيل جي سياسي قيدين جي بک هڙتال بابت معلوم ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن هڙتال ڪئي آهي ته،ا سان کي به هڙتال جو سڏ ڏيڻ کپي. انهيءَ هڙتال جي خبر بي بي سي به نشر ڪئي هئي. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته يوم مئي جو جلسو منعقد ڪيو وڃي ۽ انهيءَ مقصد لاءِ ابوبڪر، منير ۽ منهنجو نالو تجويز ڪيو ويو پر مون پنهنجي جاءِ تي پير معظم جو نالو ڏنو.
اڄ دودو جتوئي، گل ڀنڀرو ۽ فيض محمد سيال (ٽيئي دوست) حيدرآباد جيل مان آزاد ٿيا.