پيپلزپارٽي ۽ ٻروچ
ٻن ٽن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ وري ڪافي سردي آهي. ڪالهه سروري جماعت جا اٽڪل 40 ڄڻا دوست ضمانت تي آزاد ٿيا. اڄ اسان وٽ نارا جيل مان آيل دوستن جي چانهه پارٽي هئي.
يوسف ٽالپر، عاشق جتوئي، الله جڙيو پتافي، بابو غلام حسين، اعجاز خواجه، شاهنواز خان، سکر جيل مان آيل دوست ڄام ساقي، نذير لاشاري نياز ڀٽي، مسعود ڀٽي سميت ڪافي دوست ڪچهري ۾ شريڪ ٿيا. حسب معمول دوست شمس پتافيءَ جي چرچن ڀوڳن محفل مچائي ڇڏي. مڙس کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. شمس پتافي جيڪو پاڻ به شيعه برادري سان تعلق ٿو رکي ۽ مجلسون به پڙهندو آهي، تنهن شيعن جا چرچا پئي ٻڌايا ته حاجي غلام حيدر نظاماڻي کليو پئي. جڏهن سنين جو وارو وريو ته شمس تي جتي کڻي اٿيو. حاجي صاحب کي ڪافي سمجهايوسين پر ناراض ٿي محفل مان ويو هليو.
رئيس غلام حيدر جي وڃڻ کان پوءِ اچي ٻروچن جو ذڪر نڪتو. ڪامريڊ به ٻروچن تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي حسب معمول پارٽيءَ تي ڳالهايو ۽ چيائين ته پيپلزپارٽي به ٻروچ آهي ۽ ڊپ آهي ته متان وري بيوفائي ڪري. ڪامريڊ کي چيم ته ٻروچ ته بخت ۽ تخت کان بي پرواهه ٿي ناتو نڀايو، بيوفائي پنهون نه پر ڀائرن ڪئي، دغاباز ڀائر هئا تن تي ڳالهايو ته بهتر آهي. مون کي وارهه ۾ هڪڙي مائٽ جو ٻڌايل قصو ياد اچي ويو. سنگت کي ٻڌايم ته اهو مائٽ هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪم سانگي ويو، اتي حسب دستور رات جو ڪچهري تي سنگتي ساٿي گڏ ٿيا. اچي ڪچهري هلي، ڪچهري کل ڀوڳ ۽ چرچن کانسواءِ اڌوري، سو چرچن ۾ اچي همراهن ٻروچن تي سسئيءَ جي حوالي سان پهرين چرچا ۽ پوءِ جٺيون ڪرڻ شروع ڪيون. مائٽ به جواب ڏئي اچي ڦاٿو ۽ چڙ مان چيائين ته ادا ڏوهه ”ٻروچن“ جو ڪو نه هو. ڏوهه ”ڏيرن“ جو هو. هن محفل ۾ ويٺل ٻه ٽي همراهه چڙي اٿي پيا، تڏهن خبر پئي ته اهي همراهه ذات جا ڏيرا هئا.
ڪافي دير ڪچهري هلي، سڀئي دوست کلندا کلندا پنهنجي بئرڪن ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن کان ناري وارا دوست آيا آهن جيل ۾ ٻيهر رونق اچي ويئي آهي. دعوتن ۽ ڪچهرين جي گهما گهمي لڳي ويئي آهي. اڄ ملاقات تي خبر پئي ته ڀيڻ ۽ عمير بيمار آهن.