آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

حڪيم ايڇ ايم سومري کي دل جو مصنوعي دورو

ڪي ڇُٽي ويا، گهڻا جيل ڏانهن ويا باقي ٻه ٽي ڄڻا وڃي بچياسين. ايل ايم سي جو اعجاز شاهه، ايس اين ايس ايف جو پيارو ساٿي قاسم بروهي ۽ ٻيو به ڪو دوست شايد. اسان واري کولي ۾ اسان جي سامهون هڪڙو قدآور بزرگ، قميص لاهيو ويٺو هو، هٿ ۾ کجي واري وڃڻي مسلسل لڏي رهي هئس. ڪيڏي مهل در ٻاهران رکيل مٽ مان هٿ پسايو پنهنجي ڪوڙيل مٿي تي پئي گهمايائين. ڳالهايائين ٻولهايائين ڪو نه ٿي، لڳو پئي ته اسان سان ڳالهائڻ کان ڊنو پئي. ڏينهن ٻه گذريا، انسان هو ڪيسين چپ رهي ها، نيٺ ڳالهايائين. حال احوال ٿيا، خبر پئي ته حڪيم ايڇ ايم سومرو آهي. اهو ئي حڪيم ايڇ ايم سومرو جنهن جا اشتهار سنڌ جي هر ڀت تي لکيا پيا آهن ته ”وڃايل شباب جواني 24 ڪلاڪن ۾ بحال“ (رڳو ايڇ ايم سومرو نه پر يوناني دواخانه، حڪيم شاهه محمد، چائنه هيلٿ سينٽر 70 ساله سنياسي بابا، سيد ڪلينڪ. مطلب ته سوين اشتهار ۽ نالا ملن ٿا پڙهڻ ڏسڻ لاءِ، وڃايل طاقت ورائڻ جي سلسلي ۾ دعوائون ڪرڻ وارن جا اهي اشتهار ڏسي لڳي ٿو ڄڻ سڄو ملڪ نامردي واري بيماري ۾ ورتل آهي. يا هن ملڪ جي ماڻهن کي ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي سواءِ وڃايل شباب کي ورائڻ جي)
سومرو صاحب ڏاڍو تنگ هو. سندس چوڻ مطابق هو بيگناهه هو ۽ کيس اها به خبر ڪو نه هئي ته کيس ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان کي چيائين ”يار، ڪا اٽڪل ڪريو گهڙي لاءِ ئي سهي پر ٻاهر نڪران، ساهه ٿو منجهي.“ سنگت صلاح ڪئي. فيصلو ٿيو ته حڪيم صاحب کي اسپتال موڪلجي. حڪيم صاحب اسان واري صلاح تي عمل ڪندي. ڇاتيءَ تي هٿ رکي رڙيون ڪرڻ لڳو. اسان گوڙ ڪيو، لاڪ اپ جا ڌڻي ڀڄي آيا. چيوسين ”وارو ڪريو،حڪيم صاحب کي دل جو دورو پيو آهي. کيس فورن ٻاهر ڪڍو ۽ اسپتال موڪلڻ جو بندوبست ڪريو.“ دروازو کوليو ويو، حڪيم صاحب کي کڻي وڃي کٽ تي رکيئون، انهي دوران ڊاڪٽر اعجاز شاهه يا سندس دوست جيڪو پڻ ڊاڪٽر هو تنهن چٺي لکي حڪيم صاحب جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي ته اسپتال ۾ ڊيوٽي آفيسر کي وڃي ڏي.
حڪيم صاحب ڦٿڪيو پئي سو ٿاڻي وارن اسپتال موڪلڻ ۾ دير ڪا نه ڪئي. حڪيم صاحب ويو ته ڏاڍي خوشي ٿي ته هڪڙو بيگناهه ته في الحال عذاب مان آزاد ٿيو. ڪلاڪ ڏيڍ مس گذريو ته، حڪيم صاحب کي وري اچي لاڪ اپ ڪيئون. اسين حيران هئاسون ته ڇا ٿيو! حڪيم صاحب ڇو آيو! حڪيم صاحب کان پڇيوسين ته ٻڌايائين ته ”اسپتال ۾ ڊاڪٽر فورن معائنو ڪيو، بلڊپريشر، ڇاتي، ڦڦڙ سڀ ڏٺائين، آءٌ اکيون پوريو پيو هوس. ڊاڪٽر چيو خير آهي ۽ ٻئي ڊاڪٽر کي انجيڪشن هڻڻ جو چيائين. آءٌ انجيڪشن کان ڊڄندو آهيان. مون يڪدم کڻي اکيون کوليون. چيم سئي ڪو نه لڳرائيندس. ڊاڪٽر چيو ته سئي ضروري آهي، واپس ايندي هي ليٽر به ڏنو اٿس.“
ليٽر وٺي پڙهيوسين ته ڊپٽي ڪمشنر پاران حڪيم صاحب جي نظربندي جو آرڊر هو. لڳو پئي ته لاڪ اپ وارن حڪيم صاحب جي بگڙيل طبيعت جو احوال انتظاميه سان ڪيو ۽ انتظاميه احتياط طور حڪيم صاحب جي نظربندي جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. سنگت ڏاڍو کلي. حڪيم صاحب پاڻ به پئي ٽهڪ ڏنا، چيائين ”ويس علاج ڪرائڻ، پاڻ کي وڃي جيل ڏياري آيس.“ ٻئي ڏينهن حڪيم صاحب کي جيل وٺي ويا.
ٻن، ٽن ڏينهن کان پوءِ مون کي ۽ ٻن ٻين دوستن کي لاڪ اپ مان ڪڍيئون. پوليس واري ڪاري گاڏيءَ ۾ چڙهياسين ته حڪيم صاحب به ويٺو هو. مون کي ۽ حڪيم صاحب کي هڪڙي هٿڪڙي ۾ قابو ڪيئون. ملٽري اسپتال وٺي آيا، اسان جو طبي معائنو ڪيائون. حڪيم صاحب چيو ”الائي ڇا ٿا ڪن، لڳي ٿو ڪوڙا هڻندا، تڏهن ته پيا ڊاڪٽرن کي ڏيکارين.“
ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون. نالي ماتر شنوايون ٿيون. اسان تي فرد جرم عائد ٿي. خبر پئي ته ڀٽي صاحب کي هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل سزا تي احتجاج جو ڏوهه ڪيو اٿئون. اسان تي سٽي ٿاڻي جي اي ايس آءِ الزام هنيو ۽ ڪورٽ کي ٻڌايو ته ”هاءِ ڪورٽ جي خلاف عورتن ۽ مردن جلوس ڪڍيو، جلوس ۾ جنرل ضياءَ مرده باد، مارشل لاءِ ختم ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو ۽ ٻيا ملڪ دشمن نعرا هنيا ويا. جلوس کي پوليس منشتر ڪيو. حڪيم ايڇ ايم سومرو ۽ مولابخش چانڊيو جاءِ واردات تان گرفتار ڪيا ويا.“ ڪورٽ سڳوري آڏي پڇا جو حق به ڏنو پر هر سوال تي ڪورٽ سڳوري فرمايو: اهو سوال نه پڇو، انهيءَ سان ڪيس جو واسطو ڪونهي. مون چيو ته ڀلا صوبيدار قرآن کڻي چوي ته ”مون کي مارڪيٽ ٿاڻي تان آندو ويو آهي يا نه.“ ڪورٽ چيو ”هتي قرآن تي فيصلو ڪو نه ٿو ٿئي ثبوت پيش ڪيو.“ ٻڌل اسين، ثبوت به اسين پيش ڪريون، صوبيدار قسم ڪو نه کڻندو ته پوءِ اسين ڪوڙا، صوبيدار سچو. واهه جو فيصلو آهي ته صوبيدار قرآن ڪو نه کڻندو، فيصلو قرآن تي نه پر ثبوت تي ٿيندو، ڪورٽ جي صاحب جو صاحب ضياءُ ٿو چوي ته سڄي ملڪ ۾ قرآن جو قانون قائم ڪيو ويندو! خير ڪيس هلائي سزا ڏيڻ جي قانوني ڪارروائي پوري ڪئي ويئي. جج صاحب چيو فيصلي جو انتظار ڪريو. ٻاهر وڃي ويٺاسين. انهيءَ ڪورٽ ۾ محترم آغا سليم، سيد الله بخش شاهه بخاري ۽ ارشاد پٺاڻ جيڪي ٽيئي ريڊيو پاڪستان سان وابستا هئا، تن جو به ڪيس هلي رهيو هو. انهن سان اڳين شنوائين تي به ملاقات ٿيندي هئي. مٿن الزام هو ته هنن قائداعظم ۽ پاڪستان جي خلاف ڳالهايو آهي. شنوائين تي ننڍڙي سورٺ به ايندي هئي ۽ منهنجي هٿڪڙين کي ڏسي چوندي هئي”هي لاهه، بابا گهر هلو.“ سائين الله بخش شاهه چوندو هو ته هن ٻار کي شنوائين تي نه گهراءِ، هٿڪڙيون ڏسي پريشان ٿي ٿيئي.“ مون چيس ”سائين سنڌ جي ماڻهن جي بخت ۾ الائي ڇا لکيل آهي، ڀل ته هن عمر کان ئي هٿڪڙيون ڏسي پڪي ٿئي.“
محترم حميد آخوند آغا صاحب وارن سان ملڻ ايندو هو ۽ ان ڏينهن به موجود هو. آخوند صاحب ڪورٽ جي صاحب واري ڪمري مان نڪري ٻڌايو ته ”مولابخش چانڊيي کي ڪوڙن جي سزا ملي هئي پر منهنجي سفارش تي معاف ڪئي ويئي آهي، باقي سال سزا ڏيس ٿو.“ ٿيو به ايئن. ٿوري دير کان پوءِ سڏ ٿيو، فيصلو ٻڌايو ويو، چيو ويو ته حڪيم سومرو بزرگ آهي، ان کي رڳو سال سزا ڏني ٿي وڃي، مولابخش چانڊيو کي 10 ڪوڙن جي سزا ملي ٿي سگهي پر ڪورٽ ان تي به رحم ڪري ٿي، رڳو سال سزا سخت پورهئي سان ڪاٽيندو.“
مارشل لا ڪورٽ جو انصاف اکين سان ڏسي ڪنن سان ٻڌي، ڪاري گاڏي، ۾ چڙهياسين، اچي نارا جيل پهتاسين. ٻاهرين پوليس کان نارا جيل جي ڊپٽي حيات ڦل اسان کي وصول ڪيو. حيات ڦل نوشهري جو، سالن جو سنگتي، سپاف جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي. وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي کيس نوڪري ۾ رکيو، حيات جو واسطو به ايس ايس ڪو سان هو.
ماڙيءَ مان نڪري جيل ۾ اندر ٿياسين ته سامهون وچ جيل ۾ ننڍو ڪوٽ چڪر جو هو، ان تي به وڏو ڪارو در چڙهيل هو. کاٻي پاسي بئرڪون هيون. در جي پاسي ۾ ننڍڙا ڪمرا، ساڄي پاسي ٿورو پرڀرو به ڪمرا ٺهيل هئا. ڪمرن جي اڳيان سڄي جيل جو اڪيلو وڻ، ڌوٻي گهاٽ ۽ ٻه حوض هئا. حڪيم صاحب کي ساڄي وٺي ويا. خبر پئي ته ساڄي پاسي، بي ڪلاس، بند وارڊ ۽ نظربنديءَ جو وارڊ آهي. حڪيم صاحب سزا لڳڻ جي باوجود به نظربند وارڊ ڏي موڪليو ويو جو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ نظربند ٿي آيو هو. مون کي کاٻي پاسي کان چڪر جي ٻاهران ڦيرائي چڪر جي بلڪل پويان بئرڪ ۾ وٺي آيا، اتي اها اڪيلي بئرڪ هئي. آفتاب رضا مغل ۽ ٻيا ڪيئي چهرا جن سان سٽي لاڪ اپ ۽ جلوس ۾ شناسائي ٿي هئي، ڏسڻ ۾ آيا. نالي چڙهيو هئس، سڀئي دوست وڏي پيار سان مليا. وڏي عزت سان بئرڪ ۾ ڀت ڀرسان پاٿاري وجهي ڏنائون. انهيءَ بئرڪ ۾ ئي ج.س.ا.ف جو حبيب الله ناريجو به هو. بئرڪ ساٿين سان ڀريل هئي. سڀئي پ پ جا ڪارڪن هئا، سواءِ حبيب الله جي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪامريڊ شميم واسطي، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، شبير بيدار ڀٽو به اچي نڪتا، اهي سڀئي ڪامريڊ هئا. پاڻ کي ڪميونسٽ ظاهر ڪو نه ٿي ڪيئون. تنهن ڪري هڪڙا ٽريڊ يونين جا ۽ ٻيا ايس اين ايس ايف جا هئا.
پ پ حيدرآباد ضلعي جا اڳواڻ سيد روشن شاهه سندس ڀاءُ سيد تاج محمد شاهه ۽ پياري ڏنل خان نظاماڻي وارا به اچي ويا. ڪچهريون مچي ويون ته جيل جو احساس به گهٽجي ويو.
جيل ۾ اچڻ شرط، مائٽاڻا ڪپڙا يعني گهر وارا ڪپڙا لهرائي پنهنجو ويس ڍڪيائون (جيل ۾ ڪپڙن ۾ مساوات آهي) ٻئي ڏينهن پريڊ تي سڏ ٿيو. پريڊ ايس پي جي درٻار آهي. قيدي جوڙي جوڙي ٿي ويهندا آهن. ٻانهون گوڏن تي، ڪنڌ هيٺ هوندا اٿن. پريڊ ۾ وڃي ويٺاسين. ايس پي ۽ ڊي ايس پي ڪرسين تي هئا، ٻيو اسٽاف کين گهيرو ڪيو بيٺو هو. قيدين کي ڪم تي لڳائڻو هو، سڀني جا ڪم لکيئون. ڊپٽي منهنجو واقف هو، تنهن ڪري منهنجي بورچيخاني ۾ ڊيوٽي لڳي ته روز ماني جي ٽائيم تي وڃي سياسي قيدين جي ماني جي نگراني ڪريان.
ٻه ٽي ڏينهن بورچيخاني ويس. هو ڇا جنهن تي نگراني ٿئي ها! سڄي جيل جي ساڳي چانهه، ساڳيو ٻوڙ، ساڳيون ڪاغذ جهڙيون ڦلڪيون. چانهه ڏسي اوڪارا ايندا هئا، پيئڻ تي پري هو. ايس پي محبوب شاهه چاچا لعل بن يوسف جو واسطيدار هو، کيس خبر پئي ته مون کي سڏائي چيائين ته ”تون وڃي منهنجي گهر جي ڊيوٽي ڪر. ننڍڙن ٻارن کي ٽيوشن وغيره پڙهاءِ!“ وري سوچي چيائين ته ”ٻاهر وڃڻ لاءِ توکي پير ڪڙي هڻڻي پوندي، تون لعل سائينءَ جو ڀائيٽو آهين ۽ لعل سائين منهنجو محسن آهي، کيس، پير ڪڙيءَ جي خبر پوندي ته مون کي ميار ڏيندو، تون ڪو به ڪم نه ڪر وڃي وارڊ ۾ آرام سان ويهه.“
محبوب صاحب ته مهرباني ڪئي. پر وارڊ ۾ آرام هو ڪٿي؟ وچٿري بئرڪ ۾ نه پنکو هئس ۽ نه در درين تي ڪا ڄاري وغيره. اس کي ته جهل هوندي ڪونهي پر مکين جي به پسنديده جاءِ اسان واري بئرڪ هئي. بئرڪ جي پاسي ۾ قيدين لاءِ حاجت وارا هنڌ هئا. بئرڪ جو پنهنجو ڪاڪوس به خدا جي پناهه! فرش ڪچو هيٺ مٿي. اسٽاف ٻڌايو ته سياسي قيدين کان اڳ ۾ هن بئرڪ ۾ جيل جا گڏهه پوريا ويندا هئا. واهه جي ڳالهه ٿي، گڏهه ويا سندن جاءِ اسان اچي والاري. اها ڳالهه ته اڃا به سٺي آهي جو گڏهن جي جاءِ تي انسان آيا پر ظلم ته انهن ملڪن ۽ ماڻهن سان آهي جتي انسان وڃن ۽ گڏهه اچن. ماڻهن جي جاءِ گڏهه والارين، عالمن جي مصلن تي جاهل ويهن. مڙسن جا وارث ڀاڙي ٿين. ڳالهه بئرڪ جي هئي، الائي ڪٿان وڃي نڪتو آهيان. رات جو دوست دير تائين ڪچهري ڪندا هئا. وڏي واڪي ڪچهري بند ٿي ته ڀڻ ڀڻ ته اسر تائين ٻڌبي هئي. اک لڳي ته مڇر هوشيار ڪري وجهندا هئا. اک کلي ته گهڙيءَ لاءِ يارن جا کونگهرا سمهڻ ڪو نه ڏيندا، تان جو ننڊ پاڻ مجبور ٿي کونگهرن کان بيپرواهه ٿي اکيون پوري ڇڏي. کونگهرن تان ڳالهه ياد آئي ته سائين اسدالله شاهه کونگهرا ڏاڍا هڻندو هو ۽ سائين حسين شاهه سمهي ڪو نه سگهندو هو. سائين اسدالله شاهه جا کونگهرا به ڪيترن آوازن سان هوندا هئا. جيسين حسين شاهه جاڳندو هو تيسين سائين اسد جا کونگهرا ۽ حسين شاهه جا تبصرا جاري هوندا هئا. حسين شاهه، غفور نظاماڻي، عالم شاهه، غازي، رئيس غلام حيدر رند ۽ آءٌ سنڌ جي دوري تي وياسين. جيڪب آباد ۾ هڪڙو ئي ڪمرو مليو سمهڻ لاءِ، رات جو دير سان ستاسين. هڪڙن کي سوير ننڊ آئي ٻيا دير تائين جاڳندا رهيا،صبح جو حسين شاهه چيو”خدا جي پناهه، هڪڙا کونگهرا ٻيون اوڳرايون، اوڳرايون به اهڙيون جهڙو وٿاڻ ۾ ستا پيا آهيون ۽ کٽن سان پاڏا ٻڌا پيا هئا.“
هتي بئرڪ ۾ به نه رات جي ننڊ پوري، نه ڏينهن جو آرام. ڏينهن جو گرمي سبب مٿان ڪپڙو نه وجهي سگهجي. جي ڪپڙو مٿان ڪونهي ته وري مکين جا ميڙا منهن تي، انهيءَ مصيبت کان بچڻ لاءِ مون گس اهو ڪڍيو جو، سج جي اولهه پاسي لڙڻ کان پوءِ بئرڪ جي سامهون چڪر جي ڀت جي ڇانوَ ۾ ڪمبل وڇائي، سر سيراندي ڏئي مٿان چادر وجهي سمهي رهندو هئس. هڪ ڏينهن چاچو شاهنواز اتان گذريو ته پڇيائين ڪير ستو پيو آهي؟ منهنجي خبر پيس ته مون کي جاڳائي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو، چيائين ”آءٌ ٻنپهرن جو ڪو نه سمهندو آهيان، ٻنپهرن جو تون منهنجي ڪمري ۾ اچي سمهندو ڪر.“ ”بي“ ڪلاس ۾ ٻه ڏينهن ٻنپهرن جو مس ستس، پوءِ ته ڪچهرين جي ڪري ننڊ ايندي ئي ڪو نه هئي.