آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

پ پ آفيس جي “مرڪز” منتقلي

(5- مئي 1984ع)
صبح جو تيار ٿي اسپتال وڃڻ لاءِ ماڙيءَ تي آيس ته خبر پئي ته پوليس گارڊ ڪو نه ٿو اچي. دوست سڪندر ابڙيجي کي اسپتال ضرور وڃڻو هو، سو ضد ڪيو بيٺو هو ته اسپتال ضرور ويندس. عالم شاهه وڏي ڪوشش ڪري جيل جي سپاهين سان ئي اسان کي اسپتال موڪليو. جيل کان ٻاهر ادا روشن بيٺو هو. تنهن ٻڌايو ته ”ڀيڻ جو رشتو ٿا ڪريون“ انهيءَ لاءِ مون کان پڇڻ آيو هو، مون کي ادا شمعون سان ڀيڻ جي رشتي جي تمام گهڻي خوشي ٿي.
اسپتال پهتاسين ته پرچي تي داخلا ته اڳئي ٿيل هئي پر اڱاري تي داخل ٿيڻ جو لکايم. اسپتال ۾ بيماري سيماري جو ته علاج ٿئي ئي پر قيدين کي اسپتال مان وڏو فائدو مٽن مائٽن ۽ سنگتين سان ملاقات جو هوندو آهي. اسپتال ۾ نسرين ۽ ٻار به آيا. نسرين ڪافي پريشان هئي ۽ بار بار روئي رهي هئي، کيس سمجهائي گهر موڪليم. سڪندر واندو ٿي ڪو نه آيو هو، تنهن ڪري موقعي جو فائدو وٺي ڊاڪٽر اسماعيل جي گهر هليو ويس. ڊاڪٽر اسماعيل جو گهر اسپتال جي پاسي ۾ هو، لال بتي جي ڀر ۾. ڊاڪٽر جي گهر ويس ته ڀاڀي سمجهيو آزاد ٿي ويو آهيان، نوٽن جو رکيل هار کڻي مون کي پارايائين. کيس ٻڌايم ته آزاد ڪو نه ٿيو آهيان پر اسپتال مان نڪري ملڻ آيو آهيان.
سڪندر جو ڀاءُ ڊاٽسن وٺي آيو، جيل ڏي روانا ٿياسين ته منٿ ڪري گاڏي لعل صاحب جي گهر وٽ روڪرايم. اڄ خبر پئي هئي ته لعل صاحب کي هارٽ اٽيڪ ٿيو هو، گهڙيءَ لاءِ لعل صاحب سان ملي آيس.
لعل بن يوسف صاحب اسان جي برادري جو نهايت قابل احترام بزرگ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنيادي رڪن ۽ پراڻو خاڪسار آهي. سڄي ملڪ جا خاڪسار کيس پيار ۽ عقيدت سان ڏسندا آهن. خاڪساري جي زماني ۾ جيل به ويو، گهرن تي ڇاپا به لڳس، سڄي هندستان ۾ تحريڪ جي اجتماعن ۾ شريڪ ٿيو، انهيءَ حوالي سان پاڪستان جي هر شهر ۾ سندس چاهيندڙ ۽ عزت ڪندڙ دوست آهن. سائين ايماندار، پرخلوص، صاحب دل ۽ علمي شخصيت آهي. اصول پرستي ۽ ايمانداري جي ڪري سنڌ جي سمورن پراڻن سياسي ڪارڪنن ۾ ”سائين“ جي وڏي عزت آهي.
پاڪستان پيپلزپارٽي قائم ٿي ته سائين، پهرين اجلاس ۾ شريڪ هو. پارٽيءَ جي تنظيم ٿي ته حيدرآباد شهر جو پهريون صدر ٿيو. حيدرآباد پ پ جي پارٽي آفيس، گول بلڊنگ جي پاسي ۾ منشي عبدالشڪور جي جاءِ ۾ هئي. (آئون انهيءَ آفيس ۾ ئي وڃي پ پ جو ميمبر ٿيو هئس) 1969ع ۾ پ پ جي مخالف جلوس، جنهن جي اڳواڻي عثمان ڪينيڊي ڪري رهيو هو، تنهن پارٽي آفيس تي اچي حملو ڪيو، عثمان ڏاڪڻ رکي پارٽي جو پرچم لاهي ساڙي ڇڏيو. انهيءَ واقعي کان پوءِ پارٽي آفيس، ٽنڊي ولي محمد ۾ ”مرڪز“ ۾ قائم ڪئي ويئي. مرڪز لعل صاحب جي اوطاق ۽ آفيس هئي.
مرڪز تي پارٽي آفيس قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي لعل صاحب پابندي سان صبح شام اچي ويهندو هو، اهو مرڪز خاڪسارن جو مرڪز هو، ننڍي هوندي انهيءَ جي سامهون خاڪسارن کي پريڊون ڪندي به ڏٺوسين. مرڪز تي پوليس جا ڇاپا به جام لڳندا هئا. برصغير جا نامور خاڪسار اڳواڻ انهي مرڪز ۾ ترسندا هئا. اهو مرڪز محترمه فاطمه جناح جي حمايتن جو مرڪز به هو ته وري ڀٽي صاحب جي انقلابي ڪارڪنن جو به مرڪز ٿيو. روزانو شام جو مرڪز تي وڏي ڪچهري هوندي هئي. پاڙي ۾ ٽرڪن جا اڏا به ڪو نه هئا ۽ ٽريفڪ به گهٽ هئي، گهٽين مان ته ورلي ڪا گاڏي لنگهندي هئي. مرڪز جي ڪچهريءَ جو حلقو اڌ رستو والاري ڇڏيندو هو. لعل صاحب مقرر وقت تي مرڪز پڄي ويندو هو، اهو وقت مغرب کان ٿورو پهرين هوندو هو، لعل صاحب کي کاڌيءَ جا ڪپڙا، پشاوري سينڊل، چشمو هٿ ۾. ڪرسين جو وڏو دائرو، تنهن ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياسي ڪارڪن، شاگرد اڳواڻ، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ويٺا هوندا هئا، رات جو دير تائين پئي ڪچهري هلندي هئي.