ڏٻرن تي مڇرن جي حملي جي شدت ۾ اضافو
صبح جو ڇهين وڳي ڌاري ڪامريڊ اٿاريو ته ”اڄ به دروازا بند آهن، الائي ڇو ڪو نه کوليا اٿن؟“ انتظار ڪيوسين. اٺين وڳي ڌاري کوليائون. پير معظم ۽ پير مڪرم ٻڌايو ته ايس پي ۽ ڊپٽي آيا هئا، تن چيو ته ”رات توهان سٺو نه ڪيو آهي! اسان وري به نرمي ڪري توهان کي کوليو آهي، هاڻ وارڊ جو دروازو بند رهندو ۽ ملاقات تي به ڪجهه سختي ڪئي ويندي.“ ناشتو ڪري سڀئي دوست گڏ ٿياسون. پير مڪرم ۽ ڪجهه دوست ڪافي جذباتي هئا پر پير معظم، ڪامريڊ ۽ منهنجي صلاح هئي ته انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه ڪري پوءِ ڪو قدم کڻجي. ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ صلاح بيٺي ته 5 دوست وڃي انتظاميه سان ڳالهائين. پرچي موڪلي سون. ٻارهين وڳي ڌاري ايس پي سڏايو، ڪافي ڏي وٺ ٿي. سپرنٽنڊنٽ ۽ ڊپٽي گذريل وقت ۾ سياسي قيدين طرفان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪيو. اهي زيادتيون هنن کي تڏهن ياد پيون جڏهن سياسي قيدي رها ٿي وڃي چند بچيا آهيون، اڳ ۾ انهن کي ياد ڪون هيون. (سچي ڳالهه آهي ته مڇرن جي ڪاهه ڏٻرن تي ئي گهڻي ٿيندي آهي) وٺ وٺان کان پوءِ ڪافي ڳالهيون انتظاميه جون ۽ ڪجهه مسئلا اسان جا قبول ٿيا. فيصلو ڪيو ويو ته وارڊ جي دروازي سان گڏوگڏ بي ڪلاس، ڪورٽ وارڊ ۽ اي ڪلاس وارڊ جا دروازا به کوليا ويندا، سياسي قيدي چڪرن ڏانهن ڪو نه ويندا صرف ٻاهرين روڊ ۽ وارڊن تائين رهندا. اسان کي سامان باقاعدگيءَ سان گهرائي ڏنو ويندو. ملاقات تي جنهن به قيدي کي سڏ ٿيندو، ان کان سواءِ ملاقات جي ڪمري ۾ ٻيو ڪو به قيدي نه ويندو. سمورا سياسي قيدي هر حال ۾ اٺين وڳي بند ٿيندا.
هڪ وڳي ڌاري غازي، حسين شاهه، عالم شاهه، حاجن شورو، يعقوب شورو ۽ ظهير ميمڻ ملاقات تي آيا. اسان واري وارڊ ۾ اڄڪلهه لوڊو راند زور آهي. شير خان، يوسف زرداري، ظفر راڄپر ۽ طالب جکرو ته سڄو وقت لوڊو ئي کيڏندا رهندا آهن. هاڻ انهن ۾ عوامي تحريڪ جي محي الدين ڪيڙاني ۽ سردار خان لغاري جو اضافو ٿيو آهي. سردار خان کي ڏسجي تڏهن به ٽهڪ ۽ ٻڌجي ته به کلن جا ڪوڪرا، ڏاڍو مزو ايندو آهي جڏهن ڪامريڊ شير خان ۽ سردار خان هارائي 10 ڀيرا اٿ ويهه ڪندا آهن. اٺين وڳي بند ٿياسين. ماني ڪمري ۾ ئي کاڌي سين. سمهڻ کان اڳ ۾ شير خان ٻه ٽي گيت ٻڌايا:
ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪوئي ته تماچي اچڻو آ
نورا پائي نوري کي، ٿي لهرون لهرون نچڻو آ
.................
سانورا او بانورا منهنجا پرين منهنجا پرين
ڪڏهن نه اهڙا جهڙا هيل
مون وٽ باک ڀنا رابيل.
سدا ملوڪ پياري سڀاوَ وارو، بهادر دوست ظفر راڄپر به قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.