آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

عوامي جمهوري انقلاب

(8- مارچ 1984ع)
اڄ ڪچهري جو موضوع هو، ”عوامي جمهوري انقلاب“ اڄ يوسف ٽالپر طرفان دوستن جي دعوت هئي. 1 وڳي بي ڪلاس جي ان بئرڪ ۾ جنهن ۾ ولي خان ڪيس جي اسيرن لاءِ ڊائنگ هال هو، تنهن ۾ دوست گڏ ٿيا. ماني کان اڳ ۾ ڪامريڊ شير خان لنڊ، قادر ڀان ۽ امداد چانڊئي گيت ٻڌايا. دعوت ۾ اٽڪل 40 کن دوست هئا جن ۾ عاشق جتوئي، شاهنواز خان جوڻيجو، رفيق صفي، عالم شاهه، عطاءُالرحمان، الاهي بخش قائمخاني، ظهور عالم رند، نبي بخش ڀرڳڙي، گهنشام پرڪاش، امداد چانڊيو، پير معظم، پير مڪرم، ڪامريڊ شمس الدين ميمڻ، عبدالله ملاح، ابوبڪر زرداري، مولابخش مشوري، محب شاهه، انور عباس نقوي، امين خٽڪ، اين ڊي پي احمد علي عباسي، روشن علي ٻرڙو، ج. س . ا . ف ۽ ٻيا دوست شامل هئا.
پروگرام مطابق مانيءَ کان پوءِ 2 وڳي سپرنٽنڊنٽ سان ملڻ وياسين. انور عباس نقوي جي مسئلي تي عاشق صاحب، يوسف صاحب ۽ ابوبڪر زرداريءَ سان گڏجي ايس پي سان ملياسين. انور عباس نقويءَ جو چوڻ هو ته کيس ٻڌايو وڃي ته کيس جيل جي معافي ملي رهي آهي يا نه. ٻي صورت ۾ هو هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندو. ٻين جيلن ۾ سياسي قيدين کي عام معافي ملندي آهي پر هتي جيل ڀڄڻ وقت سپرنٽنڊنٽ نواز رجسٽر ۾ لکي ويو آهي ته ايم آر ڊي جا قيدي ڪم نه ٿا ڪن، سڄو وقت نعرا ٿا هڻن، جيل جا ڪپڙا نٿا پائين ۽ جيل قوانين جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا. سپرنٽنڊنٽ اوقاش سان ملياسين. چيائين ته جنوري 84ع کان مهيني ۾ 5 ڏينهن معافي ڏيندس، وڌيڪ معافي آءِ جي ڏيندو ته آءٌ به ڏيندس، باقي جي نه ته آءٌ به غريب ماڻهو آهيان، سرڪار کي ناراض ڪو نه ڪندس. اتان اٿي بئرڪ آياسين. شام جو سڀني دوستن کي سڀاڻي 11 وڳي هارون سومرو جي تعزيتي گڏجاڻي جو اطلاع ڏنوسين. اڄ بي بي سي ٻڌايو ته پشاور ۾ شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپ ٿي آهي. شاگرد ۽ سپاهي زخمي ٿيا آهن. 140 شاگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، لاهور ۽ ڪراچي ۾ به شاگردن احتجاج ڪيو آهي. ڪالهه کان چاچو سيف الدين پنهور ڳوٺان آيل مٽرن جون ڦريون رڌيو پيو کارائي.
جيل ۾ اڄ ڪلهه سياسي ڪچهريون عام جام آهن. مختلف پارٽين جي گڏ هجڻ ڪري، هر قسم جا سياسي سوال زير بحث اچن ٿا. عوامي تحريڪ ۽ ڊيموڪريٽڪ جي دوستن جا اسٽڊي سرڪل هلن ٿا. ٻين پارٽين جا دوست جيڪي پاڻ کي خالص انقلابي ۽ نظرياتي سياسي ڪارڪن تصور ڪن ٿا، تن طرفان مختلف مسئلن تي پ پ جي ڪارڪنن کان سوال پڇيا ٿا وڃن؛ خاص ڪري سوشلزم، اسلامي سوشلزم، قومي جمهوري انقلاب، عوامي جمهوري انقلاب، قومي جدوجهد، شخصيت پرستي وغيره وغيره. سو اسان جي ڪچهريءَ ۾ به پارٽيءَ جا پڙهيل لکيل دوست مختلف موضوعن تي پارٽيءَ جي سنگت سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن. سو اڄ ڪچهري ۾ عوامي جمهوري انقلاب متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي. هتي جيل ۾ عوامي تحريڪ طرفان عوامي جمهوري انقلاب جا بحث به جاري آهن.
اڄ اخبار ۾ نام نهاد وزير محنت غلام دستگير جيڪو ڏسڻ ۾ ئي ڪنهن سئنيما جو داداگير لڳندو آهي، جو جهالت وارو فرمان شايع ٿيو آهي ته ”حڪومت جي قدمن ملڪ ۾ ڀٽو ازم ۽ ڪميونزم جي راهه روڪي ڇڏي آهي، ڀٽو ازم نه ايندو...“ وغيره وغيره. پ پ جا ڪارڪن خان عبدالولي خان جا شڪرگذار آهن، جنهن پهريون ڀيرو ڀٽو ازم جو لفظ استعمال ڪري کين ٻڌايو ته شهيد ڀٽو فرد مان ڦري فڪر بڻجي چڪو آهي. ضياءَ ۽ سندس حوارين جا وري انهيءَ ڪري شڪرگذار آهيون، جو اهي پارٽي ورڪرن کي ياد ڏياريندا رهن ٿا ته قائد عوام ڀٽي کي فرد سمجهي قتل نه ڪيو ويو آهي، انسانيت جي سربلندي، محڪومن، مظلومن جي خوشحالي، ڏيهي پرڏيهي ظلم کان نجات جو فڪر ۽ واٽ سمجهي قتل ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي شهيد ڀٽي جا قاتل چئي رهيا آهن ته ڀٽو ازم جو خاتمو ڪيو ويو آهي پر عقل جي انڌن کي شايد خبر ڪونهي ته جيڪڏهن ڀٽو فڪر بڻجي ويو آهي ته فڪر ظلم سان ختم ڪو نه ٿيندا آهن پر ڏاڍ، فڪر کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندا رهندا آهن. قربانيون ڏيئي فڪر دائمي زندگي حاصل ڪندا آهن، زور وٺندا آهن ۽ فاتح ٿيندا آهن.