شڪيل پٺاڻ طرفان ڪتاب لکڻ جون تياريون
هينئر رات جا 11 ٿيا آهن. عالم شاهه، محبوب جروار، اقبال جروار اسان وٽ رهيل آهن. اهي عالم شاهه کان شاگرد سياست ۽ ٻيا سياسي سوال پڇي رهيا آهن، عالم شاهه جواب ويٺو ڏي. منير منهنجي پاسي ۾ ريڊيو ڪن تي رکيو اردو فرمائشي پروگرام ويٺو ٻڌي.
صبح اٿي ٿورو پنڌ ڪيم. اڄ جمالي صاحب ڪو نه اٿيو، فدا حسين اٿيو، پنڌ ڪيائين. عباسي صاحب آيو، ٻنهي بيڊ منٽن راند ڪئي. عباسي صاحب، مجتبيٰ خان جتوئي سان گڏ گرفتاري ڏني هئي. مجتبيٰ خان هينئر لانڍي جيل ۾ آهي. عباسيءَ جا ٻيا ساٿي عبدالحڪيم سهڙو، ضياءَ سومرو، حاجي غلام نبي ميمڻ ۽ قادري رها ٿي ويا آهن. عباسيءَ کي خبر ناهي ڇو رها ڪو نه ڪيو اٿن. آزادين مان ايئن ٿو لڳي ته ڪجهه نامور رهنمائن ۽ سرگرم ماڻهن کي ڇڏي باقي ٻين جي رهائيءَ لاءِ ڪڻا پيا نڪرن، جنهن جي نالي جي پرچي ٿي هٿ اچين تنهن کي ٿا رها ڪن. عباسي صاحب جيل جي لحاظ کان تمام سٺو وقت پيو گذاري، سندس کلڻي ملڻي طبيعت سبب دوستن وٽ هن لاءِ پيار ۽ احترام آهي.
راند ختم ٿي. گڏجي ويهي چانهه پيتي سين. ڪچهري ڪافي دير هلي. ڪچهريءَ ۾ عباسي صاحب ٻڌايو ته شڪيل پٺاڻ جيل بابت ڪتاب لکي رهيو آهي. دوست حيران هئا ته سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ويٺو آهي. ڏسي ڇا ٿو جو لکي پيو. ڪجهه ڏينهن کان هتي عمر قيد ڪاٽيندڙ اديب ماستر مهر ڪاڇيلوي دوستن کان انٽرويوز وٺي رهيو آهي، شايد اهي انٽرويو شڪيل جي ڪتاب لاءِ پيو وٺي. ڪالهه رفيق صفي ٻڌايو ته ”شڪيل پٺاڻ ڪتاب لکي رهيو آهي ته مون ڇا ڏٺو، ان ڪتاب ۾ دوستن جا کنڌا کڻي ڇڏيا اٿس ۽ طارق اشرف تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا اٿس.“ ڏيري صاحب چيو ته جيڪڏهن ماستر مهر به ان ڪتاب ۾ شريڪ آهي ته يقيناً مهر، طارق اشرف لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو هوندو، جو طارق اشرف به پنهنجي جيل جي ڊائري ۾ مهر تي ڪافي لکيو آهي.
ماستر مهر ڪاڇيلوي سان 1978ع ۾ نارا جيل ۾ ڪچهري ٿي هئي، هن کان ئي معلوم ٿيو ته هو زال کي قتل ڪري آيو آهي.
ڏهين وڳي اڇي چڪر ويندي، جيلر حيدرزمان کان حسين شاهه بابت پڇيم ”حسين شاهه جي اڄ سزا ختم ٿي آهي ۽ کيس رها ٿيڻو آهي.“ چيائين معلوم ڪري ٻڌايان ٿو. بئرڪ 15 ۾ ويس ته حسين شاهه ٻڌايو ته آفيس وارن پرچي موڪلي آهي پر معلوم ڪري پوءِ ويندس. يارهين وڳي حسين شاهه جو ڀاءُ معصوم شاهه ملڻ آيو، ان مهل ڊپٽي ٻڌايو ته حسين شاهه کي ايم ايل او 78 تحت نظربند ڪيو ويو آهي. حسين شاهه ٻڌو ته چيائين ”توقع ته رهائي جي هئي.“
اڄ اخبار ۾ عثمان ڪينيڊي جي نظربنديءَ جي به خبر آئي آهي. ڪافي ماڻهو رها به ٿي رهيا آهن ته ٽيون ڏينهن وري نواب شاهه ۾ 40-30 ڪارڪنن کي سزائون به ڏنيون اٿن، شايد حڪومت ماحول جي مڪمل ساز گار ٿيڻ جي ضمانت کان سواءِ سمورن سياسي قيدين کي رها نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ اهڙن سمورن سياسي ڪارڪنن کان جيڪي سرگرم ٿي عوامي رابطو تيز ڪري تحريڪ کي ٻيهر زور وٺائي سگهن ٿا، تن کان ذاتي ضمانت وٺڻ چاهي ٿي.
ٻارهين وڳي ڌاري عرس خاصخيلي ملاقات تي آيو، ملاقات ڪري ڪمري تي آيس. سنگت سان ٿوري ڪچهري مس ٿي ته عالم شاهه ۽ مون کي وري سڏ ٿيو، وياسين ته رئيس علي احمد خان نظاماڻي ۽ حسين ابڙيجو آيل هئا. رئيس ٻڌايو ته ڌاڙيل سندس 3 همراهه کڻي ويا آهن، اڄ موٽي ملڻ جو آسرو مليو آهي. شام جو حسين شاهه سان ملڻ وياسين ته ڪو نه هو. ٿوري دير لاءِ توئنري تي ڪچهري ڪري وارڊ موٽي آيس.