آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

آسرو عالم شاهه ۾

(29- مارچ 1984ع)
صبح ساڍي اٺين وڳي اڇي چڪر وڃي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيس. ٻنپهرن جو چاچو سيف الدين پنهور ملاقات تي آيو، هاري ڪميٽيءَ جا دوست به ملڻ آيا. چئين وڳي ڌاري عالم شاهه جي ماڙيءَ تي وڃڻ جو ٽائيم ٿيو، اهو ماڙي ڏي ويو، اڄڪلهه رهائيون روزانو ٿين ٿيون. جيل وارا عالم شاهه کي سڏائي لسٽ ڏيندا آهن ته هنن کي تيار ڪري وٺي اچو. اهو ٽائيم تقريبن 4 وڳي جو هوندو آهي، تنهن ڪري عالم شاهه پاڻ به ويندو آهي ته دوست به کيس موڪليندا آهن. ڪي دوست ته اچيو عالم شاهه وٽ ويهي رهن، ڪي بئرڪ جي ٻاهران عالم شاهه جو انتظار ڪندا آهن. (هنن جو ڏوهه به ڪونهي وڏن ماڻهن جي روانگي ٿي ويئي آهي، هاڻ غريبن کي گهرن ۽ گهر وارن جو اوسيئڙو قدرتي آهي) عالم شاهه ٻڌايو ته ماڙيءَ لاءِ نڪرندو آهيان ته لڳندو آهي ته ڪي دوست منهنجي انتظار ۾ آهن، ڪي وري آهستي آهستي پيا پٺيان ايندا آهن. سندن سس پس مان ايئن لڳندو آهي ڄڻ چوندا هجن ته عالم شاهه آفيس ۾ ويندو ۽ ڄاڻ ڪا لسٽ کڻي ايندو. عالم شاهه کي چيم ته توهان وارو حال به هاڻ محرم ۾ نياز ورهائڻ وارن جهڙو ٿي ويو آهي. پڙن ۾ ايندڙ نياز جا شوقين به نياز ورهائڻ واري کي اک ۾ ڪيو بيٺا هوندا آهن، اهو همراهه ٻارن توڙي وڏن کان سالن ۾ به نه وسرندو آهي. سال بسال پڙائي ايندا ۽ نياز واري کي ڏسندا ته ڪيڏي مهل ٿو نياز آڻي.
عالم شاهه کي ٻڌايم ته هڪڙي پڙ ۾ ذلف (ذوالفقار بلوچ)، سان گڏ هئاسين، نياز پئي ورهايو. مون چيس: ذلف هتي جو نياز واهه جو ٿيندو آهي. ذلف چيو: اجهو ٿو آڻيان. مون چيس ته ڪير ڏيندو هن رش ۾؟ چيئن ڏس ته ڪيئن ٿو آڻيان. ذلف وڃي ورهائڻ واري جو پاسو ورتو ۽ زور سان چيائين ”سائين بابا ڇو نه ملندو نياز، نياز مولا جو آهي، ڪنهن جي پيءُ جو ٿورئي آهي.“ نياز ورهائڻ واري ٻڌي ورتو. يڪدم چيائين بيشڪ نياز مولا جو آهي. هان وٺ پاٽ وڃي سائينءِ کي کاراءِ!“
ڪافي دير پڙن، جهولن، گهوڙن، مولائين، موالين ۽ پڙن ۾ حاجن شوري جي خبرن کي ياد ڪندا رهياسين.
اڄ 2 وڳي گهر وارا ملاقات تي آيا. نسرين سان گڏ عمير، سميرا رباب، ناصر، زرينه هئا. نسرين ٻڌايو ته سميرا هوشيار ٿي وئي آهي. ملاقات تي ايندا آهيون ته جيل جي وڏي دروازي ڏانهن اشارو ڪندي، ”بابا بابا“ چوندي آهي.