لسٽون ملڻ کان اڳ ئي قيدي رها، جيل انتظاميا پريشان
صبح جو ٿورو پنڌ ڪري، سڪل وڻن ۽ مينديءَ جي ٻوٽن کي پاڻي ڏنم، شيرين سومرو ڪيس ۾ هن وارڊ ۾ آيا هئاسين ته ابوبڪر، اقبال، ساغر، غازي ۽ مون هٿن سان سمورن وڻن ۽ ٻوٽن لاءِ نالي ٺاهي پاڻي ڏيڻ جو بندوبست ڪيو هو. نائين وڳي ڌاري ماڙيءَ تي پوليس جو معلوم ڪرڻ ويس، جو اسپتال وڃڻو هو. پوليس ڪو نه آئي هئي. آفيس ۾ اوقاش ويٺو هو، ٻڌايائين ته اڄ 90 کن دوست رها ٿي ويندا. اهو به چيائين ته اوهان دوستن سٺو وقت گذاريو آهي، چند دوستن جي رهائي جو خوشي سان گڏ ڏک به ٿي رهيو آهي. جيل جي ٻين آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ قيدين سڀني دوستن کي ٻڌايو ته اڄ ڪافي دوست رها ٿي ويندا، تنهن ڪري هر طرف رهائيءَ جو ڳالهيون آهن. دوستن کي چيوسين ته پريشان نه ٿين. ٿي سگهي ٿو ته جيل وارا رڳو سياسي قيدين کي ذهني تڪليف ڏيڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا هجن. گهڻو ڪري اسان وارين خبرن تي ڪنهن به ڌيان ڪو نه ٿي ڏنو، سڀني کي ايس پي ۽ ڊي ايس پي، جيلر جي خبرن تي اعتبار هو. ٻنپهرن تائين پوليس ڪو نه آئي. آسرو پلي ويهي رهيس. شام جو ستين وڳي ماڙيءَ تي ويس ته جيل وارا هشريءَ ۾ هئا. اهي نارا جيل مان آيل دوستن جي معلومات وارو ليٽر ڳولي رهيا هئا. انهيءَ ليٽر ۾ گهنشام پرڪاش بابت معلومات هئي. گهنشام پرڪاش نارا جيل جي ٻين دوستن سان گڏ آيو هو ۽ سندس نالو به ايم آر ڊي وارن سان گڏ مارشل لا وارن ڏي ويو ۽ پڪي لسٽ ۾ سندس رهائيءَ جو آرڊر به هو ۽ کيس حيدرآباد وارن رها ڪري ڇڏيو. هاڻ مارشل لا وارن کي خبر پئي آهي ته گهنشام ايم آر ڊي ۾ ڪو نه هو ۽ وڏو خطرناڪ قيدي هو، اهو ڪيئن رها ٿي ويو آهي! جيل وارن تي سخت ناراض هئا ۽ جيل وارا پريشان هئا. جيل وارن منهن مٿو پئي پٽيو ته اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟ اسان کين ٻڌايو ته گهنشام ايم آر ڊي ۾ ڪونهي، پر ڪو به صحيح جواب نه پيو ڏي. ٻه ٽي دفعا فون ڪري وري چيوسين ۽ پوءِ جيڪو صاحب ويٺو هو تنهن چيو ته: ”ڪيون پريشان ڪرتي هو، جس ڪا نام ڀي ليٽر مين هي اسڪو رها ڪردو.“ اسان رها ڪري ڇڏيو، هاڻ ويل ۾ آهيون. گهنشام ڪيئن رها ٿيو، ڪنهن رها ڪيو، انٽيليجنس جو آفيسر انڪوائري تي به آيو هو. گذريل ٽن چئن ڏينهن کان لسٽ ٺاهڻ جو ڪم زور شور سان جاري آهي، وڏو مزو لڳو پيو آهي. مارشل لا وارا جن جي رهائي جا آرڊر ڪري موڪلين ٿا، سي گهڻو ڪري اڳ ۾ رها ٿي ويا آهن يا جيل وارن کي هٿ نٿا اچن ته اهي همراهه ڪٿي آهن! ٻه ٽي ڏينهن پهرين اهڙي لسٽ کڻي اشراف جيلر اشرف شاهه صاحب اسان وٽ آيو ۽ چيائين ته ”اوهان جي دوستن جا نالا آهن. اوهان کي خبر هوندي ته ڪهڙي جيل ۾ آهن. ڇاڪاڻ ته هي همراهه اسان وٽ ڪونهن ۽ رهائيءَ لاءِ اسان جي لسٽ ۾ اچي ويا آهن. نالن لکڻ ۾ به ڀلون ڪيون اٿن. ڪرڙ جو اڪ ٿي ويو آهي، هاڻ ڪٿان هٿ ڪريون.“ شام جو ڊي ايس پي ٻين جيلن تي فون ڪيو. هتان جي رها ٿي ويل ۽ گرفتار سياسي قيدين بابت معلومات ڏني ورتي پئي. مون کي ڏسي چيائين ”ڀائي خدا تمهين آزاد ڪري، هماري جان آزاد هو، هماري تو...... هي“ (شايد گار ۽ واهيات ٻولي، پٽي واري هر نوڪريءَ ۾ ٽريننگ جو حصو هوندي آهي)
رات جو بي بي سي تان بينظير صاحبه جو انٽرويو نشر ڪيو ويو. اڄ اخبار جي سرخي هئي ته ”پاڪستان کي آمريڪي امداد تي پابندي جي تحريڪ نامنظور“ انهي خبر جي ٻي لائن هئي ته ”پاڪستان کي هٿيارن جي فراهمي جي طريقي ۾ آساني محترمه بينظير ڀٽو سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪئي وئي آهي.“ اهو بيان آمريڪي سينيٽ جي خارجه ڪميٽي جي چيئرمين سينٽر چارلس پرسي ڏنو آهي.