“مهراج” جو “ٺڪاڻو”
صبح جو دير سان اٿيس، پنڌ به ڪو نه ڪيم. تيار ٿي ڪچهريءَ ڏي ويس ته اها به ختم ٿي ويئي هئي. غلام رسول زنگيجي سان گڏجي ملاقات لاءِ ويس. آفتاب رضا مغل ملاقات تي آيو هو، ساڻس گڏ امير بخش هاليپوٽو هو. شام جو خورشيد جوڻيجو (دادو) ۽ لياقت کوسو موڪلائڻ آيا جو جيل ڪيس ۾ سندن ضمانت ٿي ويئي، اڄ رها پئي ٿيا. هنن سان گڏ رفيق جوڻيجو (دادو) ۽ پليجاڻي اسٽيشن جو ساٿي محمد علي پهوڙ به آزاد ٿيا. محمد علي کان سواءِ مجاهد علي مراد خاصخيلي، جمال ٻاٽي، عدلو ٻاٽي، عرس سوهو، محمد شاهه، ايوب سمون، مولانا قمر هاشمي پليجاڻي مان گرفتار ٿي آيا هئا ۽ آزاد ٿي ويا آهن.
لياقت وارن کان موڪلائڻ ماڙيءَ تي وياسين ته ڊپٽي جي آفيس ۾ قاضي محمد بخش ڌامراهه مصطفيٰ ڪورائي، عالم شاهه ۽ ٻين دوستن سان ملاقات ڪري رهيو هو. ساڻس ملياسين. قاضي صاحب ٽيون ڏينهن ڪراچيءَ مان آزاد ٿيو آهي.
قاضي صاحب ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو، انهيءَ سلسلي ۾ بٺوري جي دوري دوران اتان ئي گرفتار ڪري نظر بند ڪيو ويو هو. ساڻس گڏ حيدرآباد جو نوجوان وڪيل امير علي قريشي به هو. قاضي صاحب ڪچهريءَ جو مور آهي. نظر بندي جو گهڻو حصو هتي ئي رهيو، ڪاري فيڪٽري ۾ غاليچن جي کڏين واري بئرڪ ۾ رهندو هو، اتي هر وقت دوستن جو ميڙو متو پيو هوندو هو. سياسي بحث يا تاش راند ۾ سندس هڪلون پيون پونديون هيون، خاص ڪري محترم اسماعيل سوهي سان هجتون دوستن کي کلائي کلائي ماندو ڪري وجهنديون هيون. اسماعيل سوهو به ٺٽي جي بهادر سياسي ڪارڪنن مان آهي. پاڻ، سندس ڀائر ۽ ڀائٽيا سڀ جيل ياترائون ڪندا رهندا آهن. ڪنهن سياسي سڏ کان منهن ڪون موڙيندو آهي. سڀئي ڀائر دوستن جا دوست ۽ مهل جا مڙس ماڻهو آهن. قاضيءَ کي سنگت مهراج ۽ سندس پاٿاري کي ٺڪاڻو چوندي هئي جو اتي هر وقت ڪچهري قائم هئي ۽ قاضي صاحب وهاڻي يا هنڌ تي چڙهيو ساڌن وانگر ويٺو هوندو هو. تقريبن روزانو راڳ جون رهاڻيون ٿينديون هيون. هن ميڙ جا يار محمد خاصخيلي (بدين) ۽ ابو ملاح ڪُل وقتي فنڪار هئا. ابو ملاح جو آواز ڏاڍو سٺو هو، عوامي تحريڪ جو ڪارڪن هو. يار محمد خاصخيلي بدين جي بهادر دوستن مان آهي. شاهه جون وايون نارو ڀڳت جي انداز ۾ ٿالهي وڄائي واهه جون ٻڌائيندو آهي.
قاضي صاحب پارٽيءَ جو بنيادي ڪارڪن آهي ۽ شروعاتي دور کان وٺي پارٽيءَ جو شعله بيان عوامي مقرر آهي. سندس تقرير ڪارڪنن ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي ويندي آهي. قاضي صاحب سان گڏوگڏ انهيءَ زماني ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ محترم عبدالواحد بروهي (سانگهڙ) به پارٽي جا مقبول مقرر هئا. بروهي صاحب کي شير سانگهڙ چوندا هئا. قاضي صاحب پارٽي ۾ هميشه ورڪرن جي وڪالت ڪندو آهي، انهيءَ ڪري ڪارڪن هن کي تمام گهڻو پيار به ڪندا آهن. هن سان اختلاف به ڪندا آهن ته هن جون جٺيون به سهندا آهن. قاضي صاحب جيل ۾ وڏي صبر جو مظاهرو ڪندو آهي. تنقيد به وڏي همت سان برداشت ڪندو آهي. پارٽيءَ جي مخالفن جي تنقيد صبر سان ٻڌي تفصيلي جواب به ڏيندو آهي ته مخالف جي جائز تنقيد جي حمايت ڪري اهڙيون ڳالهيون به ڪندو آهي جو سندس پارٽي جا ئي ڪارڪن ناراض ٿي ويهندا آهن. قاضي صاحب، بروهي صاحب ۽ ڪامريڊ مير محمد جون تقريرن مخالفن تي تلوار ٿي وسنديون هيون. ڪامورن ۽ وڏيرن کي وڍ وجهنديون هيون. هنن بزرگن جون ڪچهريون به ڪمال جون هونديون هيون. يحيٰ خان وارين چونڊن جي دوران، مير اعجاز جي بنگلي تي ڪچهري دوران ڪامريڊ، مير علي احمد خان کي چيو ته ”مير صاحب اڄ ڪلهه قبول پور جا تتر ڏاڍيون ننڊون ڪندا هوندا.“ مير صاحب پڇيو ڇو؟ چيائين ”مير اعجاز پ پ ۾ شامل ٿيو ويو آهي تنهن ڪري ڪافي ڏينهن کان ڪامورن ۽ وزيرن کي شڪار ڪو نه پيو ڪرائي، تتر ويچارا سکيا ستا پيا هوندا.“ تقرير جو مير علي احمد خان به بادشاهه هو، انهيءَ ڪچهري کان اڳ ۾ سيريءَ ۾ جلسو هو، جلسي ۾ مير علي احمد خان جي تقرير دوران ڪيترائي ماڻهو روئي رهيا هئا (مير صاحب ۽ مولانا ڪوثر نيازيءَ جون تقريرون ٻڌي اهڙيون تقريرون ڪرڻ جون دعائون پيو گهرندو هو)
پارٽيءَ جي پهرين دور ۾ قاضي صاحب وارن جي ٽيم ئي پارٽي جي اهم ٽيم هئي. ٽيم ۾ محترم شير سنڌ مير رسول بخش ٽالپر، قاضي صاحب، عبدالواحد بروهي، عبدالفتاح ميمڻ، چاڪر علي جوڻيجو، عبدالرزاق سومرو، هادي بخش لاڙڪ، (خيرپور) عبدالنبي شيخ (جيڪب آباد) نبي بخش ڀرڳڙي (بدين)، غلام قادر گاکڙو (بدين)، لعل بن يوسف (حيدرآباد) محمد خان سومرو (ٺٽو)، سليمان سميجو (دادو)، امام بخش گهرياڻي ۽ ٻيا بزرگ شامل هئا. قاضي صاحب ۽ فتاح ميمڻ جي جوڙي سنڌ جي مشهور سياسي جوڙين مان هئي. ٻنهي ۾ ڏاڍو قرب هو پر هاڻوڪي جيل ۾ سندن انهيءَ قرب جا اهڃاڻ هلڪا هئا. هڪ ٻئي جي سامهون ڪو نه ڪڇندا هئا پر پرپٺ ٻئي هڪ ٻئي لاءِ هلڪي ڦلڪي جٺ وارا جملا ضرور استعمال ڪندا هئا. فتاح صاحب سنڌ پ پ جو سيڪريٽري ۽ پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر به ٿيو. قاضي صاحب سان ڪنهن جا ڪيترا به اختلاف هجن پر انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته کيس ڪارڪنن لاءِ ۽ ڪارڪنن کي سندس لاءِ بيحد پيار ۽ احترام آهي.
شام جو اسپتال ويس، جو ڊاڪٽر پيرزادو بيمار هو، ٿوري دير ان سان ڪچهري ڪري تنؤري واري رهاڻ ۾ شريڪ ٿيس. نائين وڳي وارڊ واپس ٿيس ڏهين وڳي بند ٿياسين.
صبح خان محمد حاجي صاحب اسپتال ويو، کيس ڏندن ۾ ڪافي تڪليف هئي. وڃڻ کان اڳ ۾ ڳالهه پئي ڪيائين ته ”سور ڪافي آهي، خاص ڪري جيل ۾ ڪو خاطر خواهه علاج ڪونهي، جنهن سبب راتيون جاڳي گذارڻيون ٿيون پون.“ جمالي صاحب جنهن وقت ڏندن جي سور جي ڳالهه پي ڪئي مون کي ڀٽي شهيد جي يادگيري پئي آئي. قائد عوام کي جيل جي دوران ڏندن جي ڪافي تڪليف هئي، سندس مهارون سڄي پونديون هيون. وڏي احتجاج ۽ ڪوشش کان پوءِ کيس ڊاڪٽر جي سهولت ڏني ٿي ويئي. ڀٽي شهيد جي جيل جي تڪليف کي ياد ڪري وري جي سندس، نازڪ شخصيت ۽ عيش آرام واري زندگيءَ کي ٿو ڏسجي ته سندس، همت حوصلي کي سلام ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. سندس قيد ۽ قتل تي هر روشن ضمير انسان جي دل ڏکيري ۽ اک اشڪبار آهي.
مقام فیض کوئی راہ میں جچا ہی نہیں،
جو کوئے یار سے نکلے تو سوئے دار پہ چلے۔
چاچي شاهنواز ٻڌايو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙو ٻڌوسين تهڙو ڪونهي
(27- اپريل 1984ع)
صبح جو اٿي پنڌ ڪيم ته سائين حسين شاهه اچي نڪتو، ٻڌايائين ته بيڊ منٽن ڪرڻ آيو آهيان. هوا تيز پئي هلي. بيڊ منٽن جا رانديگر ڪو نه آيا ۽ سائين مون سان گڏجي پنڌ ڪرڻ لڳو. پنڌ ڪري ورانڊي ۾ ئي ڪچهري ڪرڻ ويهي رهياسين. منير، فدا حسين، ظهور عالم صاحب ۽ مجاهد به ڪچهري ۾ شريڪ ٿي ويا. فدا حسين، ظهور ۽ مجاهد جو تعلق سانگهڙ سان آهي. گهڻو موضوع سانگهڙ جي تنظيم رهي. سانگهڙ ۾ پ پ جي پهرين ٽيم ۾ محترم محمد شريف ورياهه، عبدالواحد بروهي، عبدالسلام ٿهيم، الطاف خان، شوڪت راڻيپوري، عبدالرزاق سومرو، ڊاڪٽر حاجي خان ۽ مير ضيغم شامل هئا. مير ضيغم جو تعلق مير رسول بخش خان سان هو، انهيءَ تعلق جي ڪري شامل ٿيو ۽ انهي تعلق ۾ ئي ڇڏي ويو. عبدالسلام، عبدالرزاق ۽ محمد شريف ورياهه جو ٻيو نسل به پارٽي سان نڀائيندو اچي. عبدالسلام جي ڀائٽي، عبدالرزاق جي پٽ بابر سومري، ورياهه صاحب جي ڀائٽي، محترم عبدالله خان ورياهه ۽ بروهي صاحب جي ڀاءُ به گرفتاري ڏني آهي.
اٺين وڳي ڌاري چاچو شاهنواز خان آيو، لطيف پڙهيوسين، اڄ ٻڌندڙن ۾ ڪامران چوڌري، منير ۽ غلام رسول زنگيجو هئا. چاچي ڪافي دير ڪچهريءَ ۾ پنهنجا تجربا ۽ تبصرا ٻڌايا. چاچي ڪچهريءَ ۾ ڳالهه ڪئي ته ”ڪامريڊ ڄام ساقي سٺو ۽ بهادر ماڻهو آهي باقي جهڙو ٻڌوسين تهڙو ڪونهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پليجو صاحب وڌيڪ هوشيار ماڻهو آهي.“ چاچي اهو به ٻڌايو ته ”هن پ پ ۾ مخدوم صاحب ۽ ڄام صادق جي ڪري شموليت ڪئي هئي ۽ هو سياست کي بيماري سمجهندو هو پر هاڻ هن بيماري جو پاڻ به مريض آهي ۽ هاڻ پ پ سان مڪمل وابستگي آهي ۽ پ پ جي قيادت جي حڪم مطابق ئي هلبو ۽ سياست هن وقت جي اهم ضرورت آهي.“
نائين وڳي ڌاري چاچو ويو، اخبارون آيون پر سنگت جي ور چڙهيل هيون. دير سان پڙهڻ لاءِ مليون. اخبارن ۾ هڪڙي خبر هيءَ به هئي ته ايم آر ڊي پنجاب جي سيڪريٽري رائو رشيد بيان ۾ چيو آهي ته ”سنڌ جا سياسي قيدي رها ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ پنجاب جا ڪارڪن سنڌ ۾ وڃي گرفتاريون پيش ڪندا.“ بيان ته واهه جو ڏنو اٿس پر مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو، اسان کي آزاد ٿو ڪرائي يا جيڪي آزاد ٿي ويا آهن تن کي وري ٿو جيل گهرائي. وڏو ليڊر آهي، وڏي سوچ ڪئي هوندئين باقي پاڻ کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي.
شام جو دوستن ۾ به ان بيان تي تبصرا جاري هئا. ظهور صاحب ۽ منير چيو ته ”جٺين ڀريو خط ٿا لکي موڪليونس ۽ چئونس ٿا ته جيڪو چئو ٿا سو سمجهو به ٿا يا نه، جيڪي ڦاڙها مارڻا اٿوَ سي ايڏانهن پنجاب ڏي ماريو، هتي اسين کوڙ ويٺا آهيون.“
ٻارهين وڳي ڌاري بئرڪ 11 ۾ سانگهڙ جي دوست محمد خان جيڪو س. پ هه.ڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آهي، تنهن جي دعوت ۾ وياسين. دعوت ۾ الله بچايو لغاري، سنجر خان چانڊيو ۽ سليمان شاهه به شريڪ هئا. دعوت ۾ غلام رسول مستاني برهماڻي لوڪ انداز ۾ ڪلام ٻڌائي محفل کي سهڻو ڪري ڇڏيو. چئين بجي ڌاري علي احمد لغاريءَ جي چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿيس. علي احمد تي ماتلي ۾ وڻن وڍڻ، رستا روڪڻ ۽ ڪارائيءَ سان فوجي کي زخمي ڪرڻ جو الزام آهي.