ضياءَ جي حڪومت ۾ وزارتون ماڻيندڙ “سنڌ پرست!”
اڄ صبح اکين جي اسپتال ويس. نسرين ميڊم آفتاب منير سان ملي. ميڊم کيس سومر تي داخل ٿيڻ لاءِ چيو. خميس تي آپريشن ٿيندو.
اڄ عبرت اخبار ۾ سنڌ ڪابينه جي حلف کڻڻ جي خبر هئي. ڪابينا ۾ قاضي عبدالمجيد عابد، ظفر علي شاهه، مظفر شاهه، غلام محمد مهر، غوث علي شاهه، احد يوسف، دوست محمد فيضي، زين نوراني، بوستان علي هوتي ۽ مير مروت شامل آهن.
قاضي صاحب به آخر وزارت ماڻي. عبرت ۾ سرڪار کي ڏنل ”مخلصاڻا مشورا“ صاب پيا ۽ کيس پنهنجي مستقل ڪالم ”آخر ڇا ٿيندو؟“ جو جواب حاصل ٿي ويو. (قاضي صاحب جي ”آخر ڇا ٿيندو؟“ جي ڪاميابي ڏسي، ڊاڪٽر اسماعيل وقت به وقت چوندو هو، ”استاد آخر ڇا ڪجي؟ چيم استاد پارٽي ۾ سرگرم ٿي سنڌ ڪائونسل ۾ ويهجي.“ پوءِ ڊاڪٽر صاحب واهه جو سرگرم ٿيو، سنڌ جو عهديدار ٿيو. وري چوندو هو ته استاد ڇا ڪجي؟ استاد ميمبر ضرور ٿجي. پوءِ وزير ٿجي.، قسمت سندس ساٿ ڏئي ها ته يقينن ڊاڪٽر سنڌ جي بهادر ۽ نامور اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ٿي سنڌ جي تاريخ ۾ اڻمٽ يادگيريون ڇڏي وڃي ها.
سيد ظفر علي شاهه مغربي پاڪستان اسيمبلي جو به ميمبر هو. کيس پهريون ڀيرو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وهاب شاهه ڪنوينشن ۾ ڏٺو هئم. آءٌ، حاجن شورو ۽ عبدالواحد آريسر گڏجي اهو ڪنوينشن ڏسڻ ويا هئاسين. تنهن ڏينهن سپاف جي چيئرمين سان بغاوت جي ڏوهه ۾ غازي، حاجن ۽ آءٌ سپاف مان ڪڍيا ويا هئاسين. ظفر علي شاهه جو پرجوش استقبال ڪيو ويو، کيس جلوس ۾ پنڊال آندو ويو. ظفر شاهه جيئي سنڌ جي آئيندي جي اميد هو. آريسر صاحب ٻڌايو ته شاهه تحريڪ جو مستقبل جو قائد آهي. سائين ظفر شاهه وهاب شاهه ڪنوينشن ۾ پاڻي به پنهنجو کڻي آيو هو ۽ اهو پي پيتائين. سائين اصول پرست ۽ قوم پرست سياسي اڳواڻ طور مشهور هو. ڪنوينشن کان ٿورو عرصو ئي پوءِ ظفر شاهه پ پ ۾ شامل ٿيو. (شايد وزير به ٿيو) بينظير صاحبه سنڌ جي پهرين دوري دوران سندس ڳوٺ به هلي هئي ۽ شاهه صاحب بهترين دعوت جو اهتمام ڪيو هو. قوم پرست حلقن ۽ سنجيده سياسي ماڻهن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏسجندڙ، ظفر شاهه هاڻ مارشل لا جو وزير آهي. ڏسجي ڇا ٿو ٿئي، باقي سنگت کي اها ڳالهه به ياد رکڻ کپي ته وڏيري جي اصول پرستي ۽ قوم پرستي به ”وڏيرپ“ جي ادا آهي. وڏيري جو ڪلچر، پيار، وفاداري، غداريءَ جا ماپا عوام جي ماپن کان مختلف آهن.
وهاب شاهه ڪنوينشن ۾ ظفر شاهه کان پوءِ، جيڪا جوانن کي جهومائيندڙ ۽ جوش ڏياريندڙ شخصيت هئي سا هئي ”ابراهيم منشي“ جي شخصيت. ابراهيم منشيءَ کي به پهريون ڀيرو اتي ٻڌم. وڏي گرجدار آواز ۾ پنهنجا شعر ٻڌائي ماڻهن کي مست ڪري وڌو هئائين. سندس شعر قوم پرستن لاءِ جنگ جو طبل ۽ قلندر واري ڌمال هئا. کيس پوءِ به مختلف ڪچهرين ۾ ٻڌم. سياسي ڪارڪنن ۾ سندس وڏو احترام هو پر فوجي حڪومت قوم پرستن جي آئيندي کي وزير ڪري ڇڏيو آهي ۽ قوم پرستي جي للڪار کي گم. الائي ڪٿي آهي ابراهيم منشي؟؟؟
سنڌ جا ماڻهو جيلن ۾ سندس شاعريءَ تي مستي واريون ڌمالون وجهيو پيا وقت گذارين ۽ منشي جو پتو ئي ڪونهي. ڊاڪٽر اسماعيل ڪيڏي ڪيڏي مهل شاعري به ڪندو هو. ٻڌايائين ته منشيءَ کي شعريه خط لکيو اٿم. اهو شعر مون کي ياد ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن جلسي ۾ پڙهندو هو. جيل ۾ سرويچ سجاولي به آهي، تنهن به پاڻ تي لکيل منشيءَ جي شعر جي جواب ۾ شعر لکي کيس فوجي حڪومت جو ساٿاري ثابت ڪيو آهي.
هتي نوجوان هر ڪچهري ۾ منشيءَ جو ڪو نه ڪو گيت ضرور جهونگاريندا آهن، خاص ڪري عوامي تحريڪ جو ڪارڪن ابو ملاح ته واهه جو ڳائيندو آهي ته:
ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،
سرنهن پيلا جهليندي گل، انهن کيٽن ۾ ملنداسين.
جڏهن جهنڊا آزاديءَ جا پيا جهر جهنگ جهوليندا،
ڌڻيءَ ڀون ڀيٽ پيا چڙهندا انهن ڀيٽن ۾ ملنداسين.
ڇڏي درياءَ ويندو دهشت بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون،
چڙهي ڪنهن ناو ننڍڙيءَ ۾ انهن ٻيٽن ۾ ملنداسين.
پرين هن پيار پنهنجي تي لڳا پهرن مٿان پهرا،
ته لڪ لانگها جهلي منشي، پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسين.