وسارڻ جي رسم
صبح جو نائين وڳي ڌاري ”بي“ ڪلاس ۾ شڪيل پٺاڻ جي طبيعت پڇڻ ويس. جڏهن کان شڪيل ٻاهران آيو آهي کيس بابو غلام حسين جي ڪمري ۾ رهايو اٿئون، جو کيس ويهڻ ۾ اڃان تڪليف محسوس ٿئي ٿي. اتي اعجاز خواجه ۽ امداد چانڊيي سان به ڪچهري ٿي، ٻڌايائون ته ڪالهوڪي عبرت ۾ آمريڪي نائب وزير خارجه سان ملڻ وارن جا نالا آيا آهن تن ۾ سيٺ احمد دائود پڻ شامل آهي. اچي احمد دائود جو ذڪر نڪتو، احمد دائود ڪراچيءَ جي سيٺين سان گڏجي يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت ٺاهي آهي. ان جو صدر رٽائرڊ جج حفيظ ميمڻ کي ڪيو اٿن. بابو غلام حسين ٻڌايو ته حفيظ ميمڻ کي تمام سٺي پگهار، بهترين آفيس ۽ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪري ڏنو ويو آهي.
اڄڪلهه سڄي سنڌ ۾ حفيظ ميمڻ ۽ احمد دائود ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پاڻ وڃي ميمڻ جماعت جون برانچون قائم ڪري رهيا آهن. هاڻ احمد دائود کي احساس ٿي ويو آهي ته هو به ميمڻ آهي ۽ سندس سنڌي ميمڻن سان مائٽي آهي. حفيظ ميمڻ ۽ سيٺ دائود جتي به وڃن ٿا سٺيون امدادون ڏين پيا. وڏا سماجي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ڪافي دير جماعت جي قيام ۽ ڪار گذاري تي بحث ٿيو. بابو غلام حسين ٻڌايو ته ٺٽي مان حميد ميمڻ هڪ گڏجاڻي ۾ ميمڻ جماعت جي قيام ۽ ان جي شموليت تي سخت اعتراض ڪيو ۽ چيائين ته ڪراچيءَ جا سمورا ميمڻ پنهنجون پنهنجون الڳ جماعتون ٽوڙي اتحاد ڪن ته اسين به غور ڪريون باقي اڪيلي سر احمد دائود کي سنڌ جي سنڌي ميمڻ جي اڳواڻي ڏيڻ سنڌ سان محبت ڪونهي. حميد ميمڻ هن جماعت ۾ شريڪ ڪو نه ٿيو.
حميد ميمڻ تمام پيارو دوست آهي. ساڻس واقفيت سکر جيل ۾ ٿي، اها واقفيت سٺي دوستي ۾ تبديل ٿي ويئي. حميد جن جو به دوست آهي، تن جو پر خلوص دوست آهي. سکر جيل ۾ گهڻن ٻين، ٻاهران ڪامريڊن اندر وڏيرن جيان ڊاڙون ڪو نه هڻندو هو. سدائين پيو چوندو هو ته ”ادا اڀري لڏ آهيون، جيترو پنو اوترو ئي ڪنداسين.“ سدائين پيو جهونگاريندو وتندو هو. سنگت کي ڏسي چوندو هو ”آهين ڪٿي منهنجا مڪليءَ جا مور“ وري جي کيس ڏسي ڪو ٻيو اهو سوال کانئس ڪندو هو ته يڪدم جواب ڏيندو ته ”اتي ئي پيا ٿڪون جهليون، ٻيو ڪٿي آهيون.“ اهو جواب جيل توڻي ٻاهر لڳو اچي. سکر کان دوستي هلندي اچي. خدا ڪندو سدائين هلندي.
”بي“ ڪلاس مان ٿي بئرڪ ۾ آيس، گلم وڇاياسين. 30-11 وڳي جو ٽائم ڏنل هو. آهستي آهستي دوست گڏ ٿيا. هارون سومري جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪئي سون. مختصراً هارون سومري جو تعارف ڪرايم. سندس ڪچهرين ۽ سرگرمين جو ٿورو ذڪر ٿيو. ڪيترائي دوست هارون سومري کان ناواقف هئا. رڳو ٽي- چار اهڙا ساٿي هئا جن سڃاتو ٿي. هارون سومرو وڏيرو هجي ها ۽ پوءِ گهڻو بڇڙو به ٿي مري ها ته به اڌ سنڌ کانئس واقف ضرور هجي ها. يا وري حڪومتي منصب تي پهتل هجي ها، پوءِ کڻي سنڌ جو خانو خراب ڪري ها ته به اڄ سندس تذڪرو ضرور ٿئي ها. ڪيڏي نه بدقسمتي آهي جو ڪو وڏيرو يا منصبدار ٿئي تڏهن ئي سندس ذڪر ڪتابن ۽ تاريخن ۾ ٿو ٿئي، پر جي ڪڏهن ڪو قوم جي قسمت مٽائيندي مٽائيندي راهن ۾ گمنام ٿي مارجي وڃي ته ڪو به سندس واقف نه ٿو ٿئي. ڪيسين ڪتابن ۽ تاريخ ۾ رڳو ننڍي مان وڏي ٿيندڙ جو ذڪر ٿيندو. ڪڏهن قومن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ويچارن ننڍن جو تذڪرو به محفوظ ڪيو ويندو؟
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو جيڪڏهن اسان جا ڪي اديب، دانشور، فنڪار، قومي ڪارڪن، ڪن مصيبتن سبب ڪجهه خاموش ٿين ٿا ته کانئن ڪو پڇڻ وارو ڪونهي ته اوهان سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ ساڻن جيئري ئي اهڙو حال ٿا ڪريون، جو ڄڻ هئا ئي ڪونه.
پنهنجن رٽائر، بيمار، غريب قومي ڪارڪنن، دانشورن، فنڪارن جي عزت افزائي نٿا ڪريون ته ڏينهون ڏينهن قوم جو هر فرد قومي مفاد کان بيگانو ٿيندو پيو وڃي. قومي فنڪارن، ڪارڪنن، دانشورن جي ڪسمپرسي ڏسي ايندڙن ۾ مفاد پرستي ۽ خودپرستي جنم وٺندي پئي وڃي. پنهنجي پيٽ ڀرڻ جو فڪر وڌندو وڃي. قومي سورن ۽ مسئلن کان بيگانگي وڌندي وڃي. جيڪو به اجتماعي مفادن کي ترجيح ٿو ڏئي سو سڀني کان مختلف ٿو نظر اچي. کيس بيوقوف سمجهي چيو وڃي ته ”پاڻهي هٿ هڻندو.“ مسڪين جهان خان کوسي جي علاج لاءِ اپيلون اخبار ۾ آيون. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي علاج لاءِ به اپيلون ٿيون، اڄ مولانا غلام محمد گرامي کي ڪو به ياد نه ٿو ڪري. ڀلا اهڙن عظيم سپوتن جي بيوسي ڏسي ڪير ديانتداري اپنائيندو؟ جي قوم لاءِ مرڻ کان اڳ مئا تن کان قوم جي لاتعلقي ڏسي ڪير قوم لاءِ تري تي سر رکي ايندو؟ اسان جي پنهنجي قومي تاريخ جي ”سونهن فردن“ سان بيوفائي، اسان لاءِ ئي هاڃيڪار آهي. اها وسارڻ جي رسم اسان جي غلامي، بدحالي ۽ بيوسي ۾ اضافو ڪندي.