“گنجا پير پارٽي”
رات تمام گهڻي گرمي هئي. ماڪوڙن ۽ جيتن جا به ميڙا هئا. ٻاهر ستاسين پر ننڊ نه آئي. جهوٽو مس ٿي آيو ته ماڪوڙن جا ولر بت تي چڙهيو ٿي ويا. ٽين وڳي تائين پاسا ورائيندو رهيس، ٻيا به ڪافي دوست جاڳي رهيا هئا. ڪامريڊ شير خان ڪمري ۾ ستل هو، لائيٽ ويئي هلي ته اهو به ٻاهر اچي ستو. ٿوري دير ۾ لائيٽ آئي، ڪامريڊ وري ڪمري ۾ ويو پر لائيٽ وري ويئي هلي ۽ ڪامريڊ وري ٻاهر آيو. محي الدين به ڪمري ۾ هو تنهن جي به اچ وڃ شروع هئي. آخر ٽين وڳي لائيٽ آئي، آءٌ به وڃي ڪمري ۾ ستس.
رات دير سان ستاسين تڏهن به ستين وڳي اٿي ناشتو ڪري ويهي رهياسين، جو اڄ جمعو هو، وارڊ ۽ ڪمرن جي صفائي ٿيڻي هئي. صبح جو ڪافي دير تائين ستار، ڪامريڊ ۽ آءٌ تاش راند ڪندا رهياسين. ٻارهين وڳي ڌاري نثار گاڏهي بلوچ، ملڪ اڪبر، احمد ڀائي، علي محمد جتوئي ۽ سومرو صاحب آيا، ڪچهري ٿي. هميشه وانگر گيتن جي نشست به ٿي. علي محمد، شير خان، سومري صاحب ۽ مون به گيت ٻڌايا. نثار گاڏهي ٽنڊي محمد خان جو رهاڪو ۽ منهنجو پراڻو پيارو دوست آهي. ڪاليج واري زماني ۾ مغربي پاڪستان جي ٽوئر تي ويا هئاسين، ڏاڍو دلچسپ وقت گذريو. نثار شاگردي واري زماني ۾ ماروئڙا فيڊريشن ۾ هو. ملڪ اڪبر، تمام پيارو ۽ مڙس ماڻهو دوست آهي، جيل ۾ وڏي همت سان وقت گذاري رهيو آهي. سڀئي دوست سندس عزت ڪندا آهن. احمد ڀائي دوائن جي ڪمپني جو مالڪ آهي، واپاري آهي، جيل ۾ ڏاڍو سٺو دوست ٿي ويو آهي، وڏو زندهه دل شخص آهي. علي محمد جتوئي سپاف جو پراڻو دوست آهي، پ پ رهنما ارشاد جتوئي جو ڀاءُ آهي. آواز ڏاڍو مٺو اٿس. شام جو وارڊ ۾ چهل پهل هوندي آهي. ڪي شطرنج، ڪي والي بال، ڪي تاش ته ڪو وري ڊوڙ ڊڪ ۾ لڳو پيو هوندو آهي. سڄو ڏينهن گرمي هئي، هينئر ٿوري ٿڌي هوا لڳي آهي، رات ٺرڻ شروع ڪيو آهي. سنگت چئن پنجن جي گروپن ۾ ڪچهري ڪري رهي آهي ته سردار خان مخصوص انداز ۾ هڪل ڪري چيو: حضرات! چند منٽن ۾ ”گنجا پير پارٽي“ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي. اڄڪلهه سڄي پير برادري وار لهرائي روڏي ٿي ويئي آهي. سڀئي مائٽ گڏ هلندا ويهندا آهن ته وڏو مزو ڪندا آهن.
فن جو مظاهرو شروع ٿي چڪو آهي: پير جان محمد ڏاڍي سٺي انداز ۾ ويٺو ڳائي ته ”چوٽ ڏاڍي لڳم پر ڪيم درگذر“ پير اعجاز ٿالهه تي ۽ پير سليم مَٽ تي وڄت پيا ڪن. پير مڪرم ڀر ۾ ويٺو اٿن. محفل رات جي پوين پهرن تائين جاري رهندي. پاڻ سمهڻ جي تياري ٿا ڪريون. پير مڪرم رهاڻين جو راڻو آهي. رنگ برنگي محفلون ٻاهر به واهه جون مچائيندو آهي. شعر، شاعر، موسيقي ۽ فنڪار سندس ڪچهرين جا مستقل مهمان هوندا آهن.