خراب خبر جهڙو جنرل اقبال
صبح جو ٿورو پنڌ ڪيم، چانهه پي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيس. اخبار آئي. اخبار ۾ مير علي احمد ٽالپر وزير دفاع جو بيان وڏي سرخيءَ سان هو، جنهن ۾ چيو هئائين ته ”اسين سؤ سالن تائين ڪو نه وينداسين ۽ موجوده حڪومت جائز حڪومت آهي. هن کان اڳ ۾ جيڪي حڪومتون هيون سي ناجائز هيون. اسلامي نظام نافذ ڪري سک جو ساهه پٽينداسين... کاٻو معنيٰ بک ۽ ساڄو معنيٰ ڊالر.“ مير صاحب مارشل لا جي قيام کان وٺي هيل تائين جنرل ضياءَ جي حمايت ۾ اهڙا بيان ڏيندو اچي جو شايد ڪڏهن ڪڏهن کيس به ڦڪائي ٿيندي هوندي. شيرين سومرو ڪيس ۾ جيل ۾ هئاسين ته به اهڙا بيان پيا پڙهندا هئاسين، جو کل ايندي هئي. تن ڏينهن ۾ مير صاحب حڪومت جي تعريف ڪندي چيو هو ته ”اسان جي حڪومت لوهي ڏندن واري حڪومت آهي. اسين وڃڻ وارا ڪو نه آهيون.“ اسين بيان پڙهي حيران به ٿيندا هئاسين ته هي ساڳيو مير صاحب آهي جيڪو تقريرن ۾ ماڻهن کي روئاريندو هو ۽ عوام جا سور بيان ڪندي پاڻ روئندو هو ۽ چوندو هو ته ”اسان سدائين حسينيت جو علم ڪلهي تي کنيو آهي. هر حاڪم اچڻ وڃڻ وارو آهي. حاڪميت رڳو الله جي رهندي ۽ جنهن سان ماڻهو آهن تنهن سان الله آهي.“ مير صاحب جي بهادري ۽ خطابت کيس سموري سنڌ جو هر دلعزيز رهنمائي بڻائي ڇڏيو هو.
ڪڏهن ڪڏهن مارشل لا جي تعريف ڪرڻ تي دل چوندي آهي ته جس هجي مارشل لا کي جو هن ڪيترن ئي ڪوڙن اصول پرستن جا بت ڊاهي عوام کي سندن اصل مهانڊو ڏيکاري ڇڏيو آهي. جن سالن تائين قوم پرستي، جمهوريت پسندي ۽ انقلاب دوستي جون دعوائون ٿي ڪيون، سي اڄ جنرل ضياءَ جي درباني ڪندي نظر ٿا اچن.
”ڪيڏا ڪلنگي دار وڪاڻا ڏسندي ڏسندي ڄاڻو سڃاڻو.“ ٻنپهرن جو آفتاب مغل اچي ٻڌايو ته ريڊئي تان ٻڌي آيو آهي ته جنرل اقبال ۽ جنرل سوار خان کي رٽائر ڪيو ويو آهي ۽ سندن جاءِ تي جنرل رحيم ۽ جنرل عارف کي مقرر ڪيو ويو آهي. جنرل اقبال سنڌ جو گورنر رهي چڪو آهي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي سنڌ جي پهرين دوري دوران سيد قمر الزمان جي بنگلي تي پهتي ته کيس سندس سيڪريٽري ڪَنَ ۾ ڪجهه اچي ٻڌايو. محترمه صاحبه اها ڳالهه ٻڌي چيو ته ”بيڊ نيوز.“ موجود رهنمائن پڇيو خير ته آهي ان تي محترمه ٻڌايو ته جنرل اقبال کي گورنر سنڌ ڪيو ويو آهي، هاڻ شايد منهنجو دورو مڪمل به نه ٿي سگهي. ٿيو به ايئن بينظير صاحبه نواب شاهه کان خيرپور ويندي رات جو 8 وڳي ڌاري رسول آباد وٽ پهتي ته ناڪي جي زنجير ڇڪي پوليس وڏي تعداد ۾ جمع ٿي رستو بند ڪيو بيٺي هئي. جلوس روڪي بينظير صاحبه کي خيرپور وڃڻ کان روڪيو ويو. کيس خيرپور ۾ داخل نه ٿيڻ ۽ ڪراچيءَ تائين محدود رهڻ جي آرڊر جي تعميل ڪرائي وئي. جلسو اتان واپس ٿيو. رات نوان جتوئي ۾ ترسياسين. اتي پارٽيءَ جا ڪيئي رهنما موجود هئا. رات جو ڪچهريءَ ۾ جتوئي صاحب، سائين قائم علي شاهه، محمد بخش ڌامراهه، عبدالله شاهه، عطاءُ الرحمان ميمڻ ۽ مخدوم خليق الزمان موجود هئا. گذريل رات به هتي محترمه صاحبه ترسيل هئي ڪچهريءَ ۾ قاضي محمد بخش ڌامراهه، جتوئي صاحب جي اڳوڻن وزيرن تي وڏي وٺ پئي ڪئي. جتوئي صاحب به بار بار چوندو رهيو ته قاضي صاحب هاڻ ڇڏيو، انهيءَ قصي کي وقت گذري ويو. قاضي صاحب همه اوست جي منزل تي هو ۽ خليق سائين جي به مڪمل پٺڀرائي جاري هئي، سو قاضي صاحب بس ڪا نه ٿي ڪئي. قاضي صاحب پل پل ويران وير وڌ هو.
جتوئي صاحب ۽ خليق سائين سڄي دوري ۾ هڪٻئي کان پاسيرا پاسيرا هئا. مارشل لا جي سختيءَ جي باوجود به ماڻهن جا اجتماع پنهنجي عظيم قائد ذوالفقار علي ڀٽي جي بهادر نياڻيءَ جي آجيان ڪرڻ جا منتظر، ڏاڍا جذباتي ۽ حيران ڪندڙ منظر هئا. جتي به بينظير صاحبه ويئي، انتظاميه جا عوام کي روڪڻ جا سمورا وسيلا بيڪار ثابت ٿيا.
چاچي شاهنواز جوڻيجي ڏي ويندي ٽنڊو آدم ۾ فوج وڏي زور سان عوام کي منتشر ڪيو، اتي بينظير صاحبه صبر جو مظاهرو ڪري وڏي جاني نقصان ٿيڻ کي روڪي وڌو. نواب شاهه به ڏسڻ جهڙو هو ته مورو، هالاڻي، ڪنڊيارو ۽ محرابپور جا اجتماع به ڪمال جا هئا. ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري ۽ هارياڻيون ڪم ڇڏي بينظير صاحبه جو رستو روڪي بيهي رهيون. جتان به محترمه گذري ٿي اتي جي پورهيتن ساڻس ملاقات ضرور ٿي ڪئي. بينظير صاحبه سموري دوري ۾ جڏهن ڳالهائيندي عوام کي سندن قيدي قائد جا سلام ٿي ڏنا ۽ جيل جون ڳالهيون ٿي ٻڌايون ته اجتماع مان اوڇنگارن جا آواز ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. انهيءَ دوري جي اجتماعن جو ڏيک محرم جي مجلسن جهڙو ٿي لڳو.
گهڻن ڏاهن جو خيال آهي ته ”محترمه صاحبه جو اهو دورو اڌورو نه ٿيڻ کپندو هو، رسول آباد وٽان ورڻ بجاءِ خيرپور وڃڻ کپندو هو ۽ اهو عوامي بار ڀٽي صاحب جي ڪيس جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهيو ٿي،“ پر انهيءَ جلوس ۾ شامل اڪثر ڏاها ۽ جهونا جوڳي ٽڪراءُ بجاءِ جلوس ورائڻ جي حق ۾ هئا، تنهن ڪري جلوس خيرپور وڃڻ بجاءِ مورو وريو.
ايم آر ڊي جي تحريڪ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ صاحب سان گڏ سندس ڳوٺ ڪمڙيال تعلقي فتح جنگ وياسين. ملڪ صاحب جي ڳوٺ ويجهو ئي پنڊي گهيپ جو شهر آهي. جنرل ضياءَ دور جو اهم جنرل، جنرل اقبال انهيءَ ڳوٺ جو آهي. انهن ڏينهن جنرل اقبال جي والده جو انتقال ٿيو هو. جنرل اقبال جو ننڍو ڀاءُ پ پ ۾ هو، تنهن ڪري ملڪ صاحب سندس والده جي تعزيت لاءِ وٽس هليو، اتي وڃي جنرل جي ننڍي ڀاءُ سان فاتحه ڪئي سون. اتي خبر پئي ته بنگلي جي ٻئي ڪمري ۾ پنجاب جو گورنر جنرل جيلاني ۽ صوبائي وزير نواز شريف، جنرل اقبال سان تعزيت ڪري رهيا آهن. جنرل اقبال ملڪ صاحب کي سڃاڻيندو هو، تنهن ڪري، ملڪ صاحب کي پاڻ وٽ سڏائي ورتائين. ملڪ صاحب موٽي آيو ته چيائين ته جنرل اقبال چوي ٿو ته ”سنڌ جي دوستن کي وڃڻ نه ڏيو، آءٌ انهن سان ملندس.“ ملڪ صاحب اهو به ٻڌايو ته جنرل اقبال منهنجو تعارف جنرل جيلاني سان ڪرايو ۽ چيو ته ”هيءُ منهنجو گرائين (ڳوٺائي) آهي پر وڏو ليڊر سنڌ جو آهي.“ انهيءَ تي جنرل غلام جيلاني چيو ته ”مون کي هنن جي پنجاب اچڻ جي رپورٽ ملي آهي ته شرارتين جو ٽولو پنجاب آيل آهي.“
جنرل جيلاني ويو ته جنرل اقبال اسان وٽ اچي ويٺو ۽ ڪچهري شروع ٿي وئي. اسين ايم آر ڊي مان تازو واندا ٿيل هئاسين. سڀئي ڄڻا منهن سڄايو ويٺا هاسين، آءٌ ته مورڳو پري ٿيو ويٺو هوس، جو اڃا جيالن وارو جنون به جام هو. جنرل اقبال ڳالهائيندي چيو ته ”اڄڪلهه سنڌ ۾ شڪار جي موسم هوندي، سنڌ ۾ شڪار ته جام ٿيندو آهي.“
هيستائين ته رڳو جنرل پئي ڳالهايو ۽ اسان پئي ٻڌو جو اسان مان ڪو به ان سان ڪچهري لاءِ تيار نه هو پر سندس مٿين ڳالهه تي مون کيس چيو ته ”ها جنرل صاحب، سنڌ ۾ شڪار جي موسم سٺي آهي، هر قسم جو شڪار جام آهي، اڄڪلهه پکين، جانورن توڙي انسانن جو شڪار سٺو ٿئي ٿو.“ جنرل صاحب اسان واريون شڪليون اڳئي پئي ڏٺيون، ويتر اسان وارو لهجو ٻڌي سمجهي ويو ته مڙس باهه ٿيا پيا آهن، سو ڳالهيون مختصر ۽ مختلف ڪرڻ لڳو، پر ڪيسين حالتن کان نٽائي سگهياسين ٿي. هو اڳوڻو گورنر ۽ مارشل لا حڪومت جو ڪرتا ڌرتا، اسين سياسي ڪارڪن سي به پيپلا ۽ مارشل لا جا کاڌل، سو ڳالهيون وري به ڦري اڻ سڌي طرح سياست ڏانهن اچي نڪتيون. ٿيڻيون به سياسي خبرون ئي هيون، ٻيو سيڌي جي اگهن تي ته ڪو نه ڳالهايون ها، سو ڳالهين ۾ قومي ملڪيت ۾ ورتل ڪارخانن کي اصل مالڪن کي موٽائڻ جو ذڪر هليو ۽ ان موضوع تي خبرون ڪندي مون پنهنجي ڪاوڙيل انداز سان چيو ته ”جنرل صاحب هي حڪومت هر شيءِ پنهنجي اصل مالڪن کي واپس ڪري رهي آهي، ڪارخانا، ملون، اسڪول، لڳي ٿو آخر ۾ ملڪ به پنهنجي اڳوڻن ڌڻين انگريزن کي واپس ڪري ڇڏيندي.“ اها ڳالهه ٻڌي جنرل صاحب جو لهجو تبديل ٿي ويو ۽ سندس صبر جي انتها ٿي وئي، چيائين ”دوستو آءٌ سمجهان پيو ته اوهين اسان کان سخت ناراض آهيو، اوهين حڪومت کي سنڌ ۽ سنڌين جو دشمن سمجهو ٿا پر هڪڙي ڳالهه ياد رکو، اوهين ضياءَ جي ڪري سڄي فوج کي پنهنجو دشمن نه سمجهو، فوج نه اوهانجي خلاف هئي ۽ نه ئي ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ جي حق ۾ هئي. جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مون ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ جي مخالفت ڪئي هئي. مون ضياءَ کي چيو هو ته ڀٽي کي عدالت ۾ ختم ڪرڻ بجاءِ سياسي طرح ختم ڪرڻ گهرجي. وقت ايندو، حقيقتون سامهون اينديون. اوهان کي خبر پئجي ويندي ته جنرل اقبال، ڦاسيءَ جو سخت مخالف هو ۽ ضياءَ انهيءَ ڪري منهنجو مخالف ٿيو.“ جنرل اقبال جي انهيءَ ڳالهه ٻولهه کان پوءِ وڌيڪ ڪو نه ويٺاسين ۽ کانئس موڪلايوسين جو هاڻ وڌيڪ ڪچهريءَ جو ماحول ئي ڪو نه هو.
سچ جي فتح جو اهو ئي وڏو دليل آهي جو ظلم ڪرڻ وارن جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ته ظالم کان ڌار ٿي بيهندا آهن پر خود ظالم به پنهنجي ظالماڻي عمل جا ڌڻي ڪو نه ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تاريخ جي ظالمن جو ڪو به وارث ۽ والي نه ٿو ڏسجي پر مظلوم سان مائٽيءَ لاءِ راڄ آتا آهن.