آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

ڪراچيءَ مان بدلي ٿي آيل ساٿي

(11- اپريل 1984ع)
اڄ صبح جو بدين ۽ ماتليءَ جا ڪجهه نوان دوست ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيا، تن ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي سون ته ڪچهري ٿئي ۽ جيل ۾ موجود سينيئر رهنما اسان کي سياسي تعليم ۽ تربيت ڏين پر ڪاميابي ڪو نه ٿي. جڏهن ته ٻين پارٽين جا اسٽڊي سرڪل هلندا هئا.
صبح جو اٿي صاحبزادي بينظير ڀٽو صاحبه جي بيان جي ڪٽنگ ڪري، فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ موڪليم. ڪچهري ڏي پئي ويس ته آدم چانڊيو (بٺورو)، سنجر چانڊيو (ٽنڊو محمد خان) ۽ ٽنڊي محمد خان جو سيد سليمان شاهه آيا پئي، چيائون ته توڏانهن پيا اچون. موٽي ڪمري تي آياسين. هنن دوستن ڪراچي جيل ۾ ٿيل بدمزگين جا قصا پئي ٻڌايا. هنن دوستن ڪراچي جيل ۾ حسين شاهه جي رويي تي سخت تنقيد پئي ڪئي. هنن ٻڌايو ته ڪراچي جيل ۾ جتوئي گروپ ۽ ممتاز گروپ اعلانيه آمهون سامهون هئا.
ڪمري تان اٿياسين ته ماڙيءَ وٽ شير خان لنڊ مليو، سامان کنيو چڪر ڏي پئي پيو، ٻڌايائين هو ۽ ڪجهه ٻيا دوست ڪراچي مان بدلي ٿي آيا آهن، شير خان عوامي تحريڪ ۾ هو، مشهور بهادر ۽ سڄاڻ هاري اڳواڻ آهي، هينئر پي اين پي ۾ آهي، قومي گيت ڏاڍي سهڻي آواز ۾ ٻڌائيندو آهي.
15 نمبر بئرڪ ۾ ويس ته ڪافي دوست ڪچهريءَ ۾ هئا، تن چيو ته سائين حسين شاهه کي شريڪ ٿيڻ لاءِ چيوسين پر انڪار ڪيائين. هي دوست سائينءَ جي رويي تي حيران ۽ ڏکيرا هئا. اتي خبر پئي ته سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ جتوئي صاحب جو پوليٽيڪل سيڪريٽري الهبچايو لغاري به بدلي ٿي آيو آهي. ان سان ملڻ بئرڪ 11 ۾ وياسين. ان سان گڏ تلهار جو دوست نواز جتوئي به گڏ هو. نواز بدين ضلعي جو جوشيلو، سٺو مقرر ۽ نظرياتي دوست آهي. سندس والد انتقال ڪري ويو آهي، ساڻس فاتحه ڪئي سون. 12 وڳي ڊاڪٽر اسماعيل ملاقات تي آيو. (ڊاڪٽر کي جنهن رات وٺي آيا انهيءَ جي صبح جو رها ڪري ڇڏيائون). ڊاڪٽر چيو ته ڪم ڪار جي سلسلي ۾ صلاح مشورو ڪهڙو آهي، ڇا ڪرڻ کپي؟ سنگت چيس ته في الحال رڳو دوستن سان رابطو ڪرڻ کپي، سمورا دوست ۽ رهنما نڪرن ته پوءِ وڌيڪ سوچبو.
چئين وڳي ڌاري محبوب جروار اچي ٻڌايو ته 40 ڄڻن جي لسٽ آئي آهي. بخشل قمبراڻي به رها ٿي ويندو. اتان اسپتال ويس. اتان هاري ڪميٽيءَ جا دوست گڏجي بخشل کي ماڙيءَ تي وٺي آياسين. رش لڳي پئي هئي، سڀڪو پنهنجي ويندڙ دوست کي ڦِريو بيٺو هو. سامان جو ڍڳ، ٽڙيو پکڙيو پيو هو. واقعي اهڙي محل تي ماڙي جي عمارت بحري جهاز جو ڏيک ڏيندي آهي. دوست گهڻا رها ٿيندا آهن ته رش ۽ سامان سبب چوندا آهن ته اڄ بحري جهاز لڳو آهي. ٿورڙا دوست رها ٿيا ته چوندا ته اڄ فوڪر آيو آهي ۽ جي 2 -3 دوست رها ٿيا ته چوندا ته اڄ رڪشا لڳي آهي. اٺين وڳي تائين آهستي آهستي دوست ويندا رهيا. آءٌ ۽ منير 15 بئرڪ ڏي آياسين. بجليءَ جي ٿنڀي هيٺان تونئرين تي حسين شاهه، عالم شاهه، صالح ڪاتيار، محمد بخش ميمڻ، يونس ڀان ۽ پير معظم ويٺا هئا. ٺٽي جي تنظيمي ڪارڪردگي ۽ ٺٽي جي ايم آر ڊي جي قيام تي ڪچهري هلي رهي هئي. ويهي اٿياسين ته عالم شاهه چانهه جي صلاح هنئي، حسين شاهه چيو ”مائٽ چانهه پِين ته پاڻ وڃي کڻي اچو، باقي پاڻ وارو برداشتي ڪو نه آڻيندو. اهو در مان ويٺو ڏسندو ڪيترا ماڻهو آهن. اهي گهٽ ٿين ته پوءِ کڻي وڃان. رت ڪري ماريو اٿس. عادتون اهڙيون اٿس جو مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿيڻ کپيس.“ وري چيائين ”انهيءَ جو ڏوهه ڪونهي ٽنڊي ولي محمد جو آهي، ڪير رسي ٿو سگهي.“ مون چيو آءٌ ڪو نه ٿو سڃاڻانس. برداشتي آيو، پڇوسينس ڪٿي جو آهين؟ مون کي چيائين اوهان جي پاڙي جو آهيان. اوهان سان ٻاهر به ملندو آهيان. اهو ٻڌي اٿي مليوسانس. چيم يار معاف ڪجان. سنگتي کليا ته پاڙي جو ماڻهو ڪو نه ٿو سڃاڻين. کين غلام رسول زنگيجي جي ٻڌايل ڳالهه ٻڌايم ته اعجاز خواجا جو ڀاءُ خادم، اعجاز جا ٻار ملاقات تي وٺي آيو ته اعجاز ٻين ٻارن سان ملي پڇيو ته هي ننڍڙو ڪنهنجو آهي؟ تڏهن خادم چيس ته اهو به تنهنجو آهي.
اهڙي ڳالهه ملاقات تي ڊاڪٽر اسماعيل به ٻڌائي، چيائين ته رها ٿي گهر ويس ته ننڍڙي ڪڪي، منهنجي گهر واريءَ کي چيو ته ”امي هي چاچا ڪير آهي؟“ مون ڊاڪٽر کي چيو ته شڪر ڪر ننڍڙي ايئن نه چيو ته هي ماما ڪير آهي. اتان اٿي وارڊ آياسين. سليم، خالد، بلوچ صاحب سان 9:30 وڳي تائين ڪچهري ٿي. خالد گهلو حسب معمول ٻه ٽي درديلا شعر ٻڌايا ۽ سندس ٻڌايل لطيفن تي ٽهڪ ڏيندا وڃي بند ٿياسين.