ڀتو نه وٺڻ تان قيدين ۾ ڦيٽاڙو
صبح جو سوير اٿياسين، چانهه سان سلائس کائي اڄوڪي بک هڙتال جي تياري ڪئي سون. دوست ڏهين وڳي کان ئي بئرڪن مان نڪرڻ شروع ٿي ويا. ڪو اڪيلو پئي آيو ته ڪي گڏجيو پئي آيا پر سڀني جي هٿن ۾ فراسيون، چادرون يا اجرڪون ضرور هيون، ڄڻ عيد نماز جي نيت سان عيدگاهه ڏانهن وڃي رهيا هئا. سڀئي دوست ڀتين ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ ڪمبل، فراسيون وڇائي ڪچهري ۾ شروع ٿي ويا. رنگين ڪپڙا، سنڌي ٽوپيون، اجرڪون، رنگ برنگي شالون، ننڍيون ننڍيون ڪچهريون، ڄڻ ميلو هو. ڪچهرين ۾ وڏي ڪچهري ان وڻ جي ڇانو ۾ هئي جنهن جي هيٺان چاچو شاهنواز جوڻيجو، عاشق جتوئي، يوسف ٽالپر، اعجاز خواجه، فدا حسين ڏيرو، عالم شاهه، ابوبڪر زرداري، عبدالله ملاح، عطاءُ الرحمان ميمڻ، محب شاهه، رفيق صفي، عابد زبيري، انور عباس نقوي ۽ ٻيا دوست ويٺا هئا. پير معظم اٿي اعلان ڪيو ته اسان دوستن فيصلو ڪيو آهي ته ”ٽن وقتن جي ماني واپس ڪبي.“ اسان کين چيو ته ڪميٽي ٻن وقتن جو فيصلو ڪيو آهي جو علامتي بک هڙتال آهي، پر نه مڃيائين ۽ چيائين ته بهرحال اسان جو اهو فيصلو آهي ۽ اهو به ٻڌايائين ته عوامي تحريڪ جي دوستن چيو آهي ته عبدالله ملاح ٻن وقتن جو فيصلو ڪري غلط ڪيو آهي، اهو سندس ذاتي فيصلو هو پر هاڻي جي دوستن جو فيصلو ڪرايو ته اسين (عوامي تحريڪ جا دوست) حمايت ڪنداسين. ڀائو ابوبڪر ۽ عبدالله چيو ته ”پ پ وارن جو پنهنجو اختلاف آهي. پاڻ ۾ طئي ڪريو.“ اسان کيس چيو ته ڪميٽي جو ٻن وقتن وارو فيصلو متفقه فيصلو آهي ۽ ان ۾ اوهان به شامل آهيو، اوهان پنهنجي راءِ ضرور ڏيو. ٻنهي کتو جواب ڏنو ته اسان جو ڪجهه به نه وڃي، اوهان پاڻ ۾ فيصلو ڪيو. اسان کي ڀائو ابوبڪر ۽ عبدالله جي رويي تي ڏک ٿيو پر چيوسين ٻئي مجبور آهن، سو ٻنهي تي ميار ڪونهي. عبدالله عوامي تحريڪ جو نمائندو آهي، ذاتي طرح بيوس آهي. پنهنجي ڳالهه ڪري ئي ڪو نه سگهندو آهي. مڙس جو ”ضابطي“ هانوَ کائي ڇڏيو آهي. ڪامريڊ لاءِ ضابطو به جهڙو ”ڪاٺ!“ جيسين ڪنهن ڪامريڊ تي ضابطو لاڳو هوندو آهي تيسين ڪامريڊ توائي هوندو آهي. ضابطو به پراڻن وڏيرن وارو ”هٿ بند ڪرڻ“ جهڙو فيصلو آهي. سو عبدالله گهڻئي ڀلو پر بيوس، تنهن تي ميار ٺهي ڪو نه ٿي. باقي ڀائو ابوبڪر تنهن جو به ڏوهه ڪونهي. ڀائو سنگتي سڀني جو، سنگت تان پيو گهور ٿيندو، محبت جا پيو مينهن وسائيندو، پر جي سنگت ۾ اختلاف ٿيو ته ڀائو کي ڪوهه تي ڏسبو، خير ڪرائڻ لاءِ ته ڀائو ڄائو ئي ڪونهي. صلاح ڏيندو ڪو نه، جي ڏيندو ته ڀائوءَ جي ڀلي صلاح به ڦري تيل ۽ تيلي ٿي پوندي ۽ باهه اڳي کان به وڌي ويندي آهي.
نيٺ يوسف صاحب، عاشق صاحب، عطا ۽ عالم شاهه گڏجي صلاح ڪري پير معظم جي راءِ سان اختلاف هجڻ جي باوجود سندس رٿ جي حمايت ڪئي، ڇاڪاڻ ته اختلاف جي صورت ۾ سنگت ۾ ڏڦيڙ پئي ها ۽ اها سياسي قيدين لاءِ ڪا سٺي ڳالهه ڪا نه ٿئي ها. عالم شاهه اٿي اعلان ڪيو ته ٽن وقتن جو ڀتو نه ورتو ويندو.
ڪالهه گڏيل فيصلو ٻن وقتن جو هو. ان افراتفري سبب رٿيل احتجاجي جلسو نه ٿي سگهيو. جلسي جو مهمان خصوصي عابد زبيري هو. مون تجويز ڏني ته رڳو زبيري صاحب کان تقرير ڪرائي وڃي پر ڀائو ڳالهه ٽاري ڇڏي ۽ پوءِ دوستن قومي گيت ٻڌايا. امداد چانڊيو، عطا، مون، سليمان لنڊ، ٽنڊي الهيار جي اقبال جروار، نياز ڀٽي ۽ سوني فقير گيت ٻڌايا. گيتن کان پوءِ گڏجاڻي ختم ٿي ويئي. عابد زبيري سخت ناراض ٿيو ته گڏجاڻي ڇو ختم ڪئي وئي. جڏهن ته ڪالهه کان جلسي ۽ منهنجي مهمان خصوصي هئڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪڏهن جلسو ختم به ڪرڻو هو ته اسان کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي ها. آءٌ زبيري سان متفق هئس. اسپتال وڃي محب شاهه وٽ ويٺل عالم شاهه سان احتجاج ڪيم ته اهو نه ٿيڻ کپندو هو. عطا جي ساڳي صلاح هئي ته جلسو ٿيڻ کپندو هو ۽ جيڪڏهن ملتوي ڪرڻو هو ته صلاح مشورو ڪرڻ ضروري هو. اتان اٿي نقوي صاحب کي ساڻ ڪري عابد زبيري وٽ آياسون ۽ بدنظمي جي وضاحت ڪئي سون. زبيري صاحب ناراض هو. اتان ٿي عاشق صاحب ۽ يوسف صاحب وٽ وياسين. انهن به سچ پچ بک هڙتال ڪئي هئي. سڄو ڏينهن بليڪ ڪافي تي گذر ڪيو هئون، تن کي جوس پياريوسين، وري سڀئي گڏجي عابد زبيري وٽ آياسين. يوسف صاحب کيس پرچايو. زبيري صاحب پرتو. پاڻ به جوس پيتائين ۽ اسان کي به پياريائين. نيٺ واپس بئرڪ ورياسين. اڄوڪي بک هڙتال ڪافي قدر ڪامياب هئي. ڪجهه دوستن کانسواءِ باقي سڀني دوستن مڪمل بک هڙتال ڪئي. ڪافي دوستن وٽ چانهه وغيره جو سامان به ڪو نه هو، ٻين دوستن کان ڪجهه سامان وٺي انهن کي ڏنوسين.
مولانا جي مختصر مذمت
(28- فيبروري 1984ع)
صبح جو اٿي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس. اڄ ڪچهريءَ ۾ عبدالحسين مون تي تنقيد ڪئي ته دير سان ٿو اچان ۽ ڪجهه دير ويهي ڪچهريءَ مان هليو ٿو وڃان. ان ڪري پڙهڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ جو مقصد پورو نه ٿو ٿئي. طئي ٿيو ته آئينده دير نه ڪبي ۽ سمورو وقت ڪچهري ۾ ويهبو. اعجاز خواجه جي ڪمري مان وهنجي نور محمد ٿيٻي وٽ وڃي اخبارون پڙهيم. جنگ، ڊان ۽ نواءِ وقت ۾ بک هڙتالن جون خبرون اهميت سان آيل هيون. خبرن موجب سکر جيل ۾ به مير هزار خان بجاراڻي ۽ فتحياب علي سميت 16 اڳواڻن بک هڙتال ڪئي ۽ ٻين دوستن به ڀتو واپس ڪيو هو. ڪراچي جيل ۾ به حيدرآباد جي سياسي قيدين جي اپيل تي بک هڙتال ڪئي ويئي. خواجه خير الدين ۽ جتوئي صاحب به پنهنجي ماني واپس ڪئي.
اڄ اخبارن ۾ بزنجي صاحب، مزاري صاحب ۽ پيار علي الانه جي آزادي جي خبر به اهم هئي ۽ اخبار چند ڏينهن ۾ پليجي صاحب جي آزادي جي توقع ڪئي هئي. هن کان اڳ پنجاب جي اڳواڻن جن ۾ ارشد چوڌري، ٽڪا خان ۽ فاروق لغاري شامل آهن تن کي رها ڪيو ويو آهي.
اڄوڪين اخبارن ۾ مزاري صاحب جو مارشل لا هٽائڻ، آئين ۾ ترميم نه ڪرڻ ۽ سياسي قيدين جي رهائي جو مطالبو به شامل آهي ته مولانا امروٽي صاحب پاران ايم آر ڊي جي ٻئي مرحلي جو اعلان به ڪيل آهي ته ”مارچ کان بک هڙتالون ڪيون وينديون ۽ جلسا منعقد ڪيا ويندا.“ امروٽي صاحب چيو آهي ته ”جيل ۾ قيد ٿيل ڪارڪن بک هڙتالون به ڪندا.“ مولانا صاحب جو حڪم اکين تي، جڏهن حڪم ڪندا، هڙتال ڪنداسين، اها ٻي ڳالهه آهي ته حيدرآباد جي قيدين جي اپيل تي سمورن جيلن ۾ ساٿين بک هڙتال ڪئي پر ايم آر ڊي ان سلسلي ۾ سکڻو اخباري بيان به ڪو نه ڏنو. ايم آر ڊي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي اجلاس ۾ شاگرد يونين تي بندش جي سلسلي ۾ به بلڪل خاموش رهي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي فائرنگ ٿي ته به ايم آر ڊي جا رهنما چپ هئا، جڏهن ته سڄي سنڌ احتجاج ڪيو. آءٌ سنڌ ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي ميٽنگ ۾ ويس ته ان ڳالهه تي احتجاج ڪيم. پوءِ اڳواڻن بيان ڏنا. ان رات مولانا فضل الرحمان جيڪو سندس پارٽي جي رهنما جي گهر پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو تنهن کي ڪراچي بدر ڪرڻ لاءِ پوليس گهيرو ڪيو بيٺي هئي. اسان کي اجلاس ۾ خبر پئي ته آءٌ، مولانا ٿانوي، خواجه خير الدين ۽ فاضل راهو سان گڏجي مولانا فضل الرحمان ڏي وياسين. مولانا سان به مهراڻ يونيورسٽي واري ڳالهه ڪئي سون ته اڪثر ايم آر ڊي سنڌ ۾ ٿيندڙ ناحق وارين ڪاررواين تي ڇو خاموش ٿي رهي؟ سنڌ جي عام ماڻهن، نوجوانن، شاگردن، دانشورن ۽ پورهيتن جي مسئلن تي انهن سان يڪجهتي جو اظهار نه ڪنداسين ته عوام به اسان سان ڪيئن گڏجي هلندو. مولانا صاحب پريس ڪانفرنس ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي واقعي جي مختصر مذمت ڪئي. اڄ شام جو امير بخش هاليپوٽو رها ٿيو. سڀئي دوست کيس ڇڏڻ لاءِ جيل جي در تي آيا.