آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

آريسر- مولانا کان قومپرست تائين

جيئي سنڌ جو رهنما محترم عبدالواحد آريسر جيڪو تڏهن مولوي عبدالواحد هو تنهن جو حاجن سان گهرو واسطو هليو پئي. محترم آريسر رسالو پيغام ڪڍيو ته حاجن شايد ان جو پبلشر هو. آريسر صاحب ان رسالي ۾ منهنجو نالو سرڪيوليشن مئنيجر طور شايع ڪيو هو.
محترم عبدالواحد آريسر تن ڏينهن ۾ ڊومڻ واهه روڊ تي نشاط پيٽرول پمپ جي پويان مسجد ۾ پيش امامت ڪندو هو، اسين به پهرين جمعي تي خطبو ٻڌڻ ويندا هئاسين ۽ پوءِ تقريبن سومهڻي جي نماز تي سندس درس قرآن به ٻڌندا هئاسين. آهستي آهستي دوستي وڌي ويئي ۽ پوءِ آريسر صاحب جو گهڻو وقت اسان سان گذرندو هو، سندس خطبو به ٻڌڻ جهڙو هوندو هو. سندس خطبي ۾ قرآن ۽ حديثن سان گڏوگڏ ڪانگريسي ليڊرن، احراري اڳواڻن ۽ ڪميونسٽ ڪامريڊن جا احوال به مثالن طور بيان ٿيندا هئا. شايد پاڪستان جي اها پنهنجي نوعيت جي پهرين مسجد هئي جنهن ۾ ديني فرض ۾ به غير مسلم ۽ لاديني اڳواڻن جا قول به نمازين کي وڻندا هئا. خطبي دوران سنڌي جماعتي ته سبحان الله پيا ڪندا هئا پر اردو وارن کي به مسجد ۾ ڪانگريسي ۽ ڪميونسٽ احوال وڻندا هئا. اهو آريسر جو ڪمال هو ته ڇا حيدرآباد جي مسجد ڇا ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ. مولانا آريسر جو جمعيت علماءِ اسلام سان تعلق هو. مولانا مفتي محمود حيدرآباد ۾ مياڻي روڊ تي جلسي کي خطاب ڪرڻ آيو ته گاهه منڊي واري مدرسي طرفان آريسر کي خطبه استقباليه پڙهڻ لاءِ چيو ويو. جلسو شروع ٿيو، آريسر خطبي جي بسم الله ڪئي، چند گهڙيون مس ڳالهيائين ته جلسي جي انتظاميه کيس ٻانهن مان جهلي مائيڪ تان پري ڪري هيٺ اماڻي ڇڏيو. آريسر انهيءَ خطبي ۾ سنڌ جي ٻوليءَ واري مسئلي تي ڳالهائيندي ثابت پئي ڪيو ته اردو ٻولي نه اسلامي ٻولي آهي ۽ نه ئي تحريڪ پاڪستان جي.
آريسر انهيءَ تقرير ۾ اهو به پئي ٻڌايو ته اسلام جي روح خلاف به سڀ کان وڌيڪ مواد اردو زبان ۾ ئي شايع ٿيل آهي. جلسي ۾ ٿيل اها اڌوري تقرير پيغام رسالي ۾ به شايع ٿي. انهيءَ تقرير دوران آريسر کي اسٽيج تان لاهڻ جو ٻڌي رات جو مولانا غلام محمد گرامي، آريسر صاحب سان ملڻ آيو ۽ کيس تقرير تي مبارڪون ڏنيون هيون. ان کان پوءِ ته ڪو به موقعو هجي آريسر کان سنگت تقرير ضرور ڪرائيندي هئي. تمام پياري ۽ معصوم دوست محترم عباس ٿيٻي مرحوم جي شاديءَ ۾ وياسين ته به آريسر صاحب کان تقرير ڪرائي سون ۽ بٺوري ۾ حاجن جي سؤٽ جي شاديءَ ۾ به آريسر تقرير ڪئي. آريسر جي تقرير سندس بي پناهه مطالعي جي عڪاسي ڪندي هئي. سندس تقرير ۾ تاريخ جو احوال اهم هوندو هو. سندس گفتگو، آزاد، نهرو، گانڌي ۽ سورش ڪاشميري جي حوالن سان ڀريل هوندي هئي، ايئن چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته آريسر ڳالهائيندو ئي اهو هو جيڪو انهن ڳالهايو آهي.
مولانا آريسر جو هجرو سومهڻي نماز کانپوءِ سياسي ۽ علمي ادبي ڪچهريءَ جو مرڪز هو، اڪثر ڪري محترم نياز همايوني به روزانو ايندو هو، انهن ڪچهرين ۾ حديثون ۽ آيتون به پڙهبيون هيون ته نياز صاحب جي شاعري به. ڪچهرين ۾ سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ ڪامريڊن جا احوال ٿيندا هئا. نياز همايوني صاحب الائي ڇو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي شهپرن کان الرجڪ هو، همايوني اڪثر شيعن تي ڏاڍو ڪاوڙيل رهندو هو، آريسر صاحب پڇندو هئس ته ”توهين پاڻ کي سيڪيولر ٿا چئو، پوءِ رڳو شيعن تي ايڏا ڇو ناراض آهيو.“ همايوني صاحب چوندو هو ته ”شيعن جي وڏي خرابي اها آهي ته وڏيون مڇون ٿا رکن ۽ انهيءَ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به وڏيون مڇون رکي خراب ڳالهه ڪئي آهي.“
انهيءَ ڪچهري جي هر دلعزيز شخصيت محترم محمد صالح عاجز هو، کاڌيءَ جا ڪپڙا، سنڌي ٽوپي، ڏسڻ ڳالهائڻ جو سادو، نماڻو، ”حق صدق“ تڪيو ڪلام. ڳالهائي ته رڳو ويهي ٻڌجي. پل ۾ کلائي ته کل ۾ وڏي کان وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي. سندس گفتگوءَ ۾ سڄي سنڌ اکين آڏو اچيو وڃي، ڄڻ سنڌ جو چپو چپو ڏٺل هجيس. جنهن سان به ملي ائڊريس پڇي ته ان جي ڳوٺ جا احوال ٻڌائي حيران ڪري ڇڏي، جنهن سان مليو تنهن جو ڳوٺ ڏٺل هئس. لڳ ڀڳ سنڌ جي واهن، واٽرن، وسندين، آبادين، ڳوٺن ۽ برادرين کان واقف هو. هڪ دفعو ڳالهين ۾ پڇيومانس ته ”عاجز صاحب، نبي سر جون نام ڪٺيون ايڏيون سهڻيون آهن ڇا، جو شاعرن کين ڳايو آهي.“ جواب ۾ وراڻيائين ته ”چانڊيا صاحب، سنڌ جي سونهن ڏسي دنگ ڪو نه ڪئي اٿم ته سنڌياڻيون ڪٿان ڏسان!“ سندس انهيءَ جواب کان پوءِ ڪافي دير سنگت گم سم لڳي پئي هئي. محمد صالح عاجز، اصل ڪانگريسي هو. ڪچهرين ۾ مهاتما گانڌي، غفار خان، امين خان کوسي ۽ ان وقت جا اهم واقعا ڏاڍي لطف سان ٻڌائيندو هو. محمد صالح عاجز ٻڌايو ته کيس مولانا آزاد ۽ نهروءَ سان به ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن سان ڪافي ڪچهريون ڪيائين. آريسر جي هجري کان سواءِ منهنجي گهر ۽ حاجن جي بئراج ڪالوني واري ڪوارٽر تي به ڪچهري مچندي هئي. اها ڪچهري تڏهن ڦٽي جڏهن آريسر پنهنجي پيغام رسالي ۾ وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽي (جيڪو ان وقت ڏهيسر سنڌ هو) جي خلاف سخت مضمون لکيو. رسالي جي سرورق تي ممتاز جو اهو فوٽو هو جنهن ۾ هٿ ٻڌيو بيٺو هو، تصوير جي پاسي تي لکيل هو ته ”سنڌ جو ڏهيسر پناهگيرن کان هٿ ٻڌي معافي ٿو گهري.“ پيغام جي لکڻين پنهنجو اثر ڏيکاريو، پوليس آريسر جي پڇا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، آريسر کي مسجد ڇڏڻي ۽ ڏاڙهي ڪوڙائڻي پئي. آريسر چاهي ها ته ڏاڙهي رکي به روپوش ٿي وڃي ها پر لڳو ٿي ته هاڻ هو پاڻ به مولانا ٿيڻ مان بيزار هو، سو مولانا عبدالواحد آريسر کي هيرآباد جي هڪڙي حجام وٽ وٺي آياسين ۽ مولانا آريسر پنهنجي نالي مان مولانا کي هميشه لاءِ رخصت ڪري ڇڏيو. انهيءَ مهل آريسر صاحب سان مرحوم علڻ خان ٿيٻو، حاجن شورو ۽ آئون گڏ هئاسين. اهو 25 سيپٽمبر 1972ع جو ڏينهن هو. صبح جو نياز همايوني، محمد صالح عاجز، مولانا عبدالواحد ”آريسر“ غازي ۽ آءٌ هوسڙي وياسين، اتي ادا يعقوب جي دعوت هئي. ٻئي ڏينهن تي دعوت مان موٽي رفيق اسٽوڊيو تي مولانا صاحب جو پهريون بنا ڏاڙهيءَ جي فوٽو ڪڍايوسين. شام جو آخري ڀيرو جبيس هوٽل ۾ گڏجي ويٺاسين. رات جو حاجن جي ڪوارٽر تي ڪچهري ٿي. ڪچهري ۾ اداسي هئي ۽ آريسر صاحب جون دل لڀائيندڙ ڳالهيون به هيون ته اياز ۽ نياز جي شاعري به هئي. ڪچهريءَ ۾ مرتضيٰ ڏاڏاهي به ياد پيو ”غمن ۾ کلندي گذاري ڇڏيوسين.“ آريسر سان آڌي تائين ڪچهري ٿي. موڪلايوسين ته سڀني جون اکيون آليون هيون. مولانا به ڀريل آواز ۾ چيو ته قسمت هوندي ته وري ڪچهريون ڪنداسين.“ روپوشي جو گهڻو وقت آريسر صاحب مون وٽ مهمان ٿي رهيو ۽ پوءِ جو گم ٿيو ته ڪيئي مهينا کيس ڪونه ڏٺوسين. محترم عبدالواحد آريسر سان قرب ۽ احترام واري دوستي اڃان هلي پئي. مولانا صاحب آڪٽوبر 1949ع جي پيدائش آهي. سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”موجوده سياسي مسئلا“ پڙهي سيد کان متاثر ٿيو، ٻيو ڪتاب ”جيئن ڏٺو مون“ 1968ع ۾ پڙهيائين. انهيءَ ڪتاب جي ڏوهه ۾ ڀينڊي جي مدرسي مان نڪرڻو پيس.
ڳالهه پئي هلي سکر جيل ۾ حاجن جي اچڻ جي. حاجن جيل ۾ خدا ڏياريو، سڄو وقت پاڻ به خوش ته سنگت کي به خوش رکيو ايندو هو. نون آيل دوستن مان محترم حميد ميمڻ ٺٽي وارو جيل جو سٺو ساٿي ثابت ٿيو، حڪومت جي زماني ۾ هن لاءِ مشهور هو ته هي ظالم وڏيرو آهي ورڪرن جو دشمن آهي پر هتي جيل ۾ منجهس وڏيرپ جي بوءِ ئي ڪو نه هئي. سندس ڀيٽ ۾ ٺٽي ۾ محترم محمد خان سومرو ورڪرن جو دوست، ڪامريڊ ۽ قوم پرست طور مشهور هو. سومرو صاحب پارٽيءَ جي بنيادي ساٿين مان آهي. سنڌ جي پهرين وزارت ۾ جيل کاتي جو وزير ٿيو. مير رسول بخش ٽالپر جي گروپ جو ليکبو هو. محترم محمد خان جيل جي حوالي سان به بهادر ساٿي طور سڃاتو ويندو آهي. سومرو صاحب جيل ۾ گهڻو وقت قاضي محمد بخش ڌامراهه وارن سان گذاريندو هو. جڏهن ته حميد ميمڻ سمورن سنگتين سان ڪچهريون پيو ڪندو هو، راڳ جي نشست ۾ به پوئتي ڪو نه هوندو هو. آواز سٺو هئس، پراڻا انڊين گانا، پنجابي فلمي گيت ۽ پوءِ اياز جون وايون به ٻڌائيندو هو. اڪثر بحث ۾ چوندو هو ته ”ادا وڏيرو آهيان، انهيءَ ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي جو آئون سکيو آهيان يا بابا سکيو هو، جيترو ساٿ ڏئي سگهيس ڏيندس باقي جي ٿڪجي پيس ته هٿ ٻڌي معافي وٺبي.“
سکر جيل ۾ سڀئي ساٿي ڏاڍا خوش هوندا هئا پر پليجي صاحب جي ڪچهري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڄو ملڪ، سڄي دنيا هئي ڳالهين ۾ پر جنگيون، تحريڪون، عشق ۽ حسن جا داستان اهم موضوع هئا. ماني ڌنڌي جو خفو نه هجي ته سڄو جڳ ڇڏي رڳو پليجي صاحب جون ڳالهيون ويهي ٻڌجن. سکر جيل ۾ پليجي صاحب سان گڏ ويهڻ ڪري سندس ٻي جنهن ڳالهه حيران ڪيو سا سندس ويسر هئي.
ماني کائيندي اوچتو اٿي وڃي هٿ ڌوتائين. کٽ تي ليٽي مٿان سوڙ وجهي ڪجهه لکڻ يا پڙهڻ شروع ڪري ڏنائين. سڀئي ماني کائي واندا ٿياسين برداشتي ٿانو کڻڻ لڳو ته پريان پليجو صاحب کوليءَ مان تيز تيز هلندي ماني جي ٽيبل تي اچي ويٺو، چئي!“ ”يار معاف ڪجو ماني کائيندي ڪا ڳالهه ذهن ۾ اچي وئي. سا وڃي لکيم، پوءِ ياد پيو ته مار! مون ته ماني پي کاڌي.“ سو وري اچي ماني کي لڳو. پليجي صاحب کي سکر ۾ سيءُ ڏاڍو لڳندو هو، گنجيءَ جي مٿان ننڍو سوئٽر، وري قميص، وري سوئٽر يا جيڪٽ مٿان اوورڪوٽ. مٿي ۾ چمڙي جي ڪنن تائين ٽوپي ۽ پوءِ سوڙ ۾. هڪ ڏينهن يارهين يا ٻارهين ڌاري ڏسون ته پليجو صاحب سياري جي سڄي يونيفارم ۾ ليفٽ رائيٽ ڪندو، ٻانهون لوڏيندو بئرڪ کان ڪمري ڏي پئي آيو. سندس ڪلهي تي آلو ٽوال رکيل ڏسي پڇيوسين: سائين خير ته آهي، چيائين ”اڄ سيءُ سان ملهه ڪئي اٿئون، وڏو مقابلو ڪري وهنتا (غسل) آهيون.“ پوءِ تڪڙو وڃي پليجو صاحب سوڙ ۾ گهڙيو. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ سوڙ ۾ هو، شام جو بند ٿيڻ مهل پليجي صاحب سان ملڻ ويس ته ڏٺم ته آلو ٽوال اڃا ڪلهي تي پيو هوس. مون چيو سائين هي ڇاهي؟ ته ڪلهي تان ٽوال لاهيندي چيائين ”بلي اڃا هتي پيو آهي، لاهڻ وسري ويم.“ پليجي صاحب جي ويسر جا واقعا ڏاڍا مزيدار هوندا هئا، ويسر جا ڪي واقعا پاڻ به ٻڌائيندو هو. ٻڌايائين ته هڪ دفعي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ صبح جو اچي ڪار ۾ ويهي ڪار اسٽارٽ ڪيم. ڪار اسٽارٽ نه پئي ٿئي، سوئچ هڻي ٿڪس، هڪڙي همراهه کي سڏي ٿورو ڌڪو ڏياريم اهو به ٿڪجي پيو، وري پاڙي جي ٻن ٽن همراهن کي منٿ ڪري ڌڪو ڏياريم پر ڪار اسٽارٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي. همراهه ته ٿڪجي بيزار ٿي پيا پوءِ ياد پيم ته، بلي! هن ۾ ته پيٽرول ئي ڪونهي.
پليجي صاحب ٻڌايو ته (شايد جرمني ۾) وڃي هڪڙي ٽرين ۾ ويٺو. ڪنهن شهر وڃڻو هئس، اوچتو پليٽ فارم تي هڪڙو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو جيڪو سندس پسنديده اداڪار جهڙو هو. بس ان کي ڏسي ريل مان لهي پيو. ان همراهه جي پويان وڃي ٻي ٽرين ۾ ويٺو ۽ ٽرين وڃي ڪٿان نڪتي، پوءِ اوچتو ياد پيس ته ”بلي ڪيڏانهن وڃڻو هو ڪيڏانهن اچي نڪتو آهيان تڏهن وڏو مفاصلو ڪري وري ساڳئي شهر آيس.“
پليجي صاحب جي رڳو ويسر حيران ڪندڙ ڪونهي پر سندس حافظو به حيرت انگيز آهي. ڪتاب، صفحا، سٽون، مصنف، جنرل، هيرو، غدار، اداڪار، فنڪار، شهر ۽ تاريخون به ڏاڍيون ياد اٿس. جيڪا ڳالهه ڪرڻي هوندس ڪائنات جا حوالا نثر ۽ نظم ۾ ڏئي ڇڏيندو. اسان ويسر جو سبب پڇيس ته ٻڌايائين ته ”مون اهو پڙهيو آهي ته شين کي وسارجي ڪيئن؟ انهيءَ ڪري آئون غير ضروري شيون وساري ڇڏيندو آهيان.“ پر جيل ۾ گهڻو وقت رهڻ ڪري منهنجي اها راءِ هئي ته پليجي صاحب برابر وسارڻ جو علم سکيو آهي پر پليجو صاحب وساري ڪا به شيءِ يا ڳالهه نٿو.
جيل جا ڏينهن به وڏا ته راتيون به وڏيون ٿينديون آهن پر سکر جيل ۾ اٽڪل ساڍا 4 مهينا ڪيئن گذريا خبر ئي ڪا نه پئي. وري اهڙو جيل سجايو ڪو نه ٿيو جهڙو سکر جيل جو زمانو.
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙو، مٿي ماڙين مينهن،
نيئر منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو.