آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

جرئتمند جيالو عبدالرحمان ڀٽي

(2- مئي 1984ع)
صبح جو ڪچهري ۾ ويس. گذريل ڪچهرين بابت دوستن جا لکيل مضمون پڙهيا ويا. سڀئي دوست هاڻ سٺو ڳالهائي ۽ بهتر لکي سگهن ٿا. محبوب جروار، اقبال جروار، غلام رسول زنگيجو ۽ مامون قمبراڻي تمام سٺو لکي آيا هئا.
12 وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو، ويس ته عبدالرحمان ڀٽي ۽ نذير ڀٽي آيل هئا. نذير هاڻ تازو آزاد ٿيو آهي ۽ عبدالرحمان سکر مان ڇٽي آيو آهي. عبدالرحمان به ڊاڪٽر اسماعيل واري ڳالهه ڪئي ته هنن جي وڃڻ کان اڳ ۾ سکر جيل ۾ سياسي قيدين کان ڪم ورتو ويندو هو ۽ کين پڪا ڪپڙا (جيل جا ڪپڙا) پارايا ويا هئا. بي ڪلاس وارن کي به سهولتون حاصل ڪو نه هيون. حيدرآباد مان بدلي ٿي ويل دوستن اتي وڏو گوڙ ڪيو، بک هڙتالون ۽ هنگامو ڪيو، تڏهن سياسي قيدين کي سهولتون ڏنيون ويون. سکر جيل مان آيل خطن توڙي خبرن مان عبدالرحمان جي خبر پئي پوندي هئي، سڀئي دوست سندس ساراهه ڪندا آهن. عبدالرحمان وڏي همت وارو جذباتي دوست آهي.
عبدالرحمان ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجي جي گرفتاري مهل وڏي جرئت جو مظاهرو ڪيو هو. جلالاڻي ڳوٺ (علي غلام جلالاڻي جو ڳوٺ ) تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ عوامي تحريڪ طرفان محمد خان مگسي ايم آر ڊي جو جلسو ڪرايو هو. جلسي جو مهمان خصوصي معراج محمد خان هو. ان کان سواءِ اقبال حيدر، صالح فيصل، ڊاڪٽر اسماعيل، فاضل راهو، غازي، آئون ۽ ٻيا ضلعي اڳواڻ ۽ عهديدار موجود هئا. جلسي ۾ ابراهيم منشيءَ جي تقرير دوران بدنظمي پئدا ٿي ويئي. منشي ۽ سندس ٻه ٽي دوست ناراض ٿي ويا هليا.
جلسي ۾ ڪنهن مقرر جي ايم سيد تي تنقيد ڪئي ۽ ابراهيم منشي ان جو جواب ڏنو، تلخي وڌي ويئي. گهڙيءَ لاءِ جلسو رڪجي ويو پر پوءِ خير خوبي سان جلسو هليو ۽ ختم ٿيو.
ڊاڪٽر اسماعيل تي بدين ۾ ڪيس داخل ٿيو هو، اتي جي پوليس کيس ڳولي رهي هئي. پوليس کي پڪ هئي ته ڊاڪٽر هن جلسي ۾ ضرور ايندو، سو پوليس ٽنڊي اچي پهتي. معراج آيو. سٺو استقبال ٿيو. استقبال ۾ ئي خبر پئجي ويئي ته ڊاڪٽر کي گرفتار ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن پر سنگت صلاح ڪئي ته جلسي مان کسڪي وڃبو. جلسو هليو. پوليس سڄي جلسي کي گهيرو ڪري وئي. تقريرون ختم ٿيون، تڪڙ ڪري وڃي گاڏين ۾ ويٺاسين. ڊاڪٽر کي معراج صاحب سان ويهاريوسين. گاڏيون ڳوٺ کان پري ٿيون ته پوليس تيز هلي اچي رستو روڪيو، پوليس اچي ڊاڪٽر کي لاهڻ جي ڪئي. ڪارڪن به ڪافي جذباتي ٿي ويا. اهي ڊاڪٽر کي لاهڻ نه ڏين. هڪڙيءَ تي پوليس ٻي تي ڪارڪن. ڪارڪنن جو دٻاءُ ڏسي ڊي ايس پي پوليس کي پوزيشن وٺڻ جو حڪم ڏنو، پوليس جا سپاهي رستي جي ڪنارن ۾ وڃي، پوزيشن وٺي ويهي رهيا. ڊي ايس پي يڪدم پنهنجو ريوالور ڪڍي هٿ مٿي ڪيو ته عبدالرحمان ٽپ ڏئي وڃي ريوالور ۾ هٿ وڌو. چيائين“ ”توهان کان ٻيو ڇا پڄندو، سواءِ پنهنجن کي گولين هڻڻ جي، اوهان کي شرم نه ٿو اچي معصومن تي گوليون هلائيندي! هلاءِ گولي، ڏي آرڊر سپاهين کي. تون به آرڊر ڏي ۽ آءٌ به ٿو چوان پنهنجي مجاهدن کي ته وارو ڪريو، جي پوليس گولي هلائي ته نه ڇڏيون! گوڙ ڪافي وڌي ويو، معراج محمد خان به گاڏي مان لهي آيو، پوليس کي سمجهائڻ لڳو. غازي ۽ آءٌ به ڪارڪنن کي منٿون ڪرڻ لڳاسين. ڊي ايس پي کي خدا مت ڏني، وڌيڪ ڪو نه ڪڇيو، هٿين پيل پوليس وارن ۽ ڪارڪنن کي ڇڏائي ڌار ڪيوسين. ڊاڪٽر پوليس کي چيو ته ”هتي گرفتار ڪرڻ مان نقصان ٿيندو، پوليس کي پاسي ڪريو. ٽنڊي محمد خان تائين هلو اتي گرفتاري پيش ڪندس.“ پوليس صورتحال کي سمجهي ويئي ۽ اسان جي گاڏين جي اڳيان پويان هلندي رهي ۽ ڪارڪن وڏي جوش سان نعرا هڻندا، ضياءَ تي لعنتون وجهندا، ٽنڊي محمد خان پهتا ۽ ڊاڪٽر گرفتاري ڏني. عبدالرحمان ڀٽي، وڏي همت ۽ جوش سان پارٽيءَ ۾ سرگرم آهي. ٽنڊي محمد خان کي تپايو ويٺو آهي.
ملاقات کان پوءِ ڪمري تي آيس. شام جو خبر پئي ته دادوءَ جي دوستن جان محمد برهماڻي ۽ سندس ساٿين نور محمد ٿيٻي صاحب سان جهيڙو ڪيو آهي. اوڏانهن وياسين ته، ٿيٻو صاحب ڪمري ۾ منهن ويڙهيون رنو پئي. دوستن ٻڌايو ته مسلسل ٽن ڪلاڪن کان روئي رهيو آهي. دوستن کي جان محمد تي ڪافي ناراضگي ٿي ۽ سندس انهي عمل جي مذمت ڪري رهيا هئا. فيصلو ڪيو ويو ته حسين شاهه، عالم شاهه، پير معظم ، مصطفيٰ ڪورائي ۽ آءٌ انهي سلسلي ۾ فيصلو ڪنداسين. موٽي ڪمري تي آيس. اقبال، غلام رسول زنيگجو اسان وٽ ترسيا. نائين بجي ڌاري بند ڪيائون.