آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

ڀٽي صاحب جو او ايس ڊي ۽ فضيلت ڀريو دوست عطاءُالرحمان

(27- مارچ 1984ع)
رات جا پوڻا 11 ٿيا آهن. بئرڪ ويڳاڻي ٿي وئي آهي. چاچو ۽ محمد بخش حسب معمول تاش کي لڳا پيا آهن. ساٿي صالح ستو پيو آهي. عالم شاهه، اشفاق صديقي جيڪو اڄ ئي اسپتال مان آيو آهي تنهن سان ڪچهري پيو ڪري. بند ٿيڻ مهل بئرڪ ۾ گهڙيس ته بئرڪ کائڻ ٿي آئي، ڪافي دوستن جون جايون خالي هيون. سندن آزاديءَ جي خوشي هئي. ڏانئڻ ڪو نه آهيون جو يارن جي آزادي نه وڻي پر ساٿ ڏينهن پل جو هجي يا سالن جو، سندس گهڙي جي ٽٽڻ جو به احساس ٿئي ٿو.
ٻنپهرن جو ملڪ صاحب وٽ ويٺا هئاسين ته عطا اچي ٻڌايو ته سندس رهائي جو آرڊر آيو آهي. ملاقات تي اختر، روشن ڀائو ۽ بابو آيا، ان مهل خبر پئي ته ملڪ صاحب به رها پيو ٿئي. اي ڪلاس ويس اتي عالم شاهه به هو. اڃا مس ويٺس ته جيلر حيدر زمان جو ماڻهو آيو ۽ چيائين ته ملڪ صاحب تيار ٿي اچي. عطا ۽ ملڪ صاحب تيار ٿي اڇي چڪر هلي دوستن سان مليا. ڪافي دوست کين در تي ڇڏڻ آيا. عطاءُ الرحمان سان دوستي پ پ جي پهرين دور حڪومت ۾ قائم ٿي. عبدالله شاهه سنڌ جو صوبائي وزير هو ۽ اهو حيدرآباد جي دوري تي آيو ته عطا ان سان گڏ هو. ٽنڊي ڄام جي جلسي ۾ عطا به تقرير ڪئي، اتي ئي ان سان ملاقات ٿي. پوءِ جڏهن به آءٌ دادو ويندس هوس ته عطا سان ملڻ ٿيندو هو. سپاف جي تنظيمي دوري دوران سيوهڻ ۾ حاجن شاهه لڪياري وٽ ويٺا هئاسين ته اتي خبر پئي ته عطاءُ الرحمان کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجو پارٽي معاملن لاءِ او ايس ڊي مقرر ڪيو آهي. اتان ئي عطا کي مبارڪون ڏنيون سين.
او ايس ڊي ٿيڻ کان پوءِ به جڏهن به حيدرآباد سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڪم سان آيو ته ڪچهري ضرور ٿيندي هئي. بدين جي تنظيم جي انڪوائري تي آيو ته تڏهن به گڏ ويا هئاسين. او ايس ڊي واري زماني ۾ رات جو عطا ٽنڊي ولي محمد ايندو هو، گڏجي ڪڙهائي گوشت کائي (تڏهن ڪڙهائي گوشت مشهور مس ٿيو هو ۽ سندس دڪان رڳو ٽنڊي ولي محمد ۾ هئا) موٽر سائيڪل تي ٽي ڄڻا چڙهي چڪر ڏيندا هئاسين.
عطا ملڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ نهايت فضيلت وارو آهي، سندس رويو به دوستن سان ڏاڍو پيارو هوندو آهي. ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ڪئي ويئي ته عطا پارٽي کان پاسيرو ٿي ڪو نه ويٺو بلڪه ڀٽي صاحب جي گرفتاري ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس دوران ڊيوٽي ذميداري سان ادا ڪندو رهيو. ڀٽي صاحب کي ماني، دوائون ۽ ضروري سامان به عطا ئي پهچائيندو هو.
پنجاب هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد قائد عوام جي ٽن ڏينهن واري خطاب دوران به عطا ڪورٽ ۾ ئي هو. جيل ۽ ڪورٽ دوران ڊيوٽي ڏيڻ جي سلسلي ۾ به عطا کي وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. عطا کي 5- آگسٽ 1978ع تي فليٽ مين هوٽل لاهور مان گرفتار ڪري 8- آگسٽ 1978ع تي شاهي قلعي موڪلي ڇڏيائون. 21- آگسٽ 1978ع تي قلعي مان آزاد ٿي گجرات جيل اچي پهتو. اتان 26- اپريل 1979ع تي رها ٿيو. ڀٽي صاحب جي خطاب کان پوءِ وري به کيس گرفتار ڪري 9 مهينا قيد ۽ ڏهه هزار ڏنڊ جي سزا ڏني ويئي. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي کيس آزاد ڪيو ويو جو اڃا هاءِ ڪورٽ کي رٽ ٻڌڻ جو اختيار هو، عطا جو ڪيس ڪرمنل لا جنرل ۾ رپورٽ ٿيل آهي.
19- سيپٽمبر 1983ع تي عطا کي گهران ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳي ڏينهن ايس ايم ايل اي جي ڪورٽ ۾ پيش ڪري حيدرآباد جيل موڪلي ڇڏيئون. عطا جيل ۾ ڏاڍو سٺو وقت گذاريو. سڀئي دوست سندس احترام ڪندا هئا، جو پاڻ به سڀني سان احترام ۽ پيار سان ئي پيش ايندو هو. عطا ڪيڏي ڪيڏي مهل شاعري به ڪندو آهي. منهنجو پيارو دوست آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو.