آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن

جيل ۾ پورن مٿان پور هوندا آهن. جڏهن جيل اندر بيماريءَ وارا ڏينهن هجن، طبيعت ۾ مزو نه هجي، ويجها يار دوست آزاد ٿي ويا هجن، اڪيلائپ جو احساس ٿيڻ لڳي ته پوءِ ڪيفيت ڀٽائي سرڪار جي بلڪل هِن بيت وانگر ٿي ويندي آهي:
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن...
منهنجي شگر ليول انتهائي گهٽجي پئي وئي. اوچتو ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ منهنجون ٽنگون وسامي پئي ويون، جنهن ڪري مون کي ڪافي پريشاني ۽ خوف جو احساس ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽر ڏانهن ويس ته هن ٻڌايو ته توهان کي هائپو گليسميا (شگر گهٽجي وڃڻ) آهي جيڪا خطرناڪ آهي. هن ڪجهه دوائون ڏنيون. بيماريءَ ۽ اڪيلائپ جي احساس سبب آئون پريشان ٿي ويس. جيل مان منهنجا سمورا يار دوست آزاد ٿي ويا، جن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، باقي وڃي جيڪي بچيا انهن ۾ اندر جون اورڻ وارا گهٽ ۽ چيڙائڻ وارا وڌيڪ هئا. چِڙ جو جواب چڙ سان ڏيڻ بدران مون خاموشيءَ کي بهتر سمجهيو. هڻڻ، هڪلڻ ٻيلي ساڙڻ واري ڪيفيت ۾ هئس. اهڙي ڪيفيت ۾ برداشت ڪرڻ به مون لاءِ وڏو عذاب هو. ملڪ لعل خان جيل مان آزاديءَ بعد اٽڪ وڃي فوجي آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران فوجين ملڪ لعل خان کان پڇيو ته ”مولا بخش چانڊيو ڪٿان جو آهي؟“ هن کين ٻڌايو: حيدرآباد جو. وري پڇيائون ته سندس ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ جنهن تي ملڪ صاحب چيو: اها ته مون کي خبر نه آهي. فوجين اهو تاثر ڏنو ته مولابخش چانڊيو لاڙڪاڻي يا دادوءَ جو آهي ۽ ڌاڙيلن سان سندس واسطا آهن جنهن ڪري کيس آزاد نه پيو ڪيو وڃي! انهن ڏينهن ۾ پرو چانڊئي جي مارجڻ کان پوءِ ڌاڙيلن به ماٺ ٿيڻ بدران پنهنجون ڪارروايون وڌائي ڇڏيون هيون. جيل ۾ هڪڙو دوست ملڻ آيو جنهن به مير رفيق ٽالپر جي ڪيل اهائي ڳالهه ڪئي ته سڀ چون ٿا ته مولا بخش چانڊيو لاڙڪاڻي يا دادوءَ جو آهي ۽ ڌاڙيلن سان واسطا اٿس، جنهن ڪري ئي سزا ۽ نظربندي پوري ٿيڻ باوجود کيس رهائي نه پئي ملي!
ٿورن ڏينهن کانپوءِ مارشل لا وارن مون کي گهرايو. سڀ کان پهرين اهو ئي پڇيائون ته ”آپ کہاں کے ہو؟“ مون چيو حيدرآباد جو آهيان وري چيائون ته ” اصل کہاں کے ہو؟“ مون چيو آئون اصل حيدرآباد جو ئي آهيان، وري چيائون ته،
”ہمارا مطلب ہے آپ کا گوٹھ کون سا ہے؟“
”میرا گوٹھ بھی حیدرآباد ہی ہے“ مون چيو.
” گاؤں ؟ گاؤں؟“
” میرا گاؤں بھی حیدرآباد ہی ہے۔“ مون کين جواب ڏنو.
اگر آپ پوچھنا چاہتے ہیں کہ میرے رشتیدار کہاں کے ہیں تو میرے رشتیدار ٹنڈو محمد خان کے ہیں۔ میری والدہ ٹنڈو محمد خان کی ہیں، میرے والد حیدرآباد میں پیدا ہوئے، میں بھی حیدرآباد میں ہی پیدا ہوا ہوں۔“ مون کين تفصيل سان جواب ڏنو.
”آپ لاڑکانہ کے نہیں ہو؟“ فوجي رعبدار آواز ۾ پڇيو.
”نہیں میں لاڑکانہ کا نہیں ہوں“ مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي جواب ڏنو.
”دادو کے؟“ هن وري پڇيو.
”نہیں میں دادو کا بھی نہیں ہوں، میں حیدرآباد کا ہوں“ مون کيس ٻڌايو.
”ہمیں تو رپورٹ ہے کہ آپ دادو کے ہو اور ڈاکوؤں سے آپ کے روابط ہیں؟“ هن چيو.
” ہم سیاسی لوگ ہیں ہمارا ڈاکوئوں سے کیا کام؟“ مون کين جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ آئون واپس جيل اچي ويس.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ طبيعت ويتر خراب ٿي وئي. جيل انتظاميه اچي ٻڌايو ته ”مولابخش تنهنجي رهائيءَ جو آرڊر اچي ويو آهي.“ اهو ٻڌي سامان تيار ڪري سمورن قيدين کان موڪلائي ٻاهر آيس. جيل ٻاهران منهنجو پڦاٽ، سؤٽ مختيار ۽ ٻه سالا انتظار ۾ بيٺا هئا، جن سان گڏ اچي گهر پهتس.

منصف جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره تي جيل ۾ پڙهيل تقرير
انساني شعور جي ابتدا کان وٺي هيل تائين، انساني تاريخ جو ڪو به دور ظلم کان نفرت ۽ حق صداقت سان پيار ۽ عقيدت ڪرڻ وارن کان خالي نه رهيو آهي. تاريخ گواهه آهي ته هر باشعور انسان پنهنجي پنهنجي دور ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت خلاف نفرت، بيزاري ۽ حق پرست مظلوم سان پيار ۽ عقيدت جو اظهار پئي ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا کي زهر پيئڻ وارو سقراط ته ياد آهي پر کيس زهر پيارڻ وارن ظالمن کي ڪو به ياد نٿو ڪري. اڄ دنيا ۾ ابراهيم عليه، موسيٰ عليه ۽ سوريءَ تي چڙهڻ واري عيسيٰ عليه جا پوئلڳ ته لکن جي تعداد ۾ ملندا پر هنن جي مخالفت ڪندڙ ظالمن جي وارث هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ هڪ به نظر نه ايندو.
تاريخ شاهد آهي ته ظالم ۽ جابر يزيد، حضرت حسين ؑ کي بيپناهه ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪربلا جي ميدان ۾ وقتي شڪست ڏيئي، حضرت کي پنهنجي راهه تان هٽايو ۽ سندس نام نشان مٽايو پر انهي ڏاڍ ۽ ظلم جي باوجود به ماڻهن جي محبت، عقيدت ۽ دائمي فتح حضرت حسين ؑ جي حصي ۾ آئي ۽ لعنت، ملامت جابر ۽ ظالم حاڪم يزيد جو مقدر بڻي.
تاريخ جو اهو سفر انسان سان گڏوگڏ جاري آهي، جيسين انسان آهي تيسين، اوندهه ۽ روشني، علم ۽ جهل، ظلم ۽ حق صداقت جا سلسلا هلندا رهندا ۽ ڪئين انسان انهن سلسلن تي هلندي تاريخ ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏي ويندا. هڪڙن جون يادگيريون ڳوڙهن ۽ گلن سان ۽ ٻين جون لعنتن ۽ ملامتن سان.
تاريخ جي ان سفر ۾ اسان جي هن سر زمين جو هڪ لائق فرزند به شامل آهي جنهن کي ظلم جي وارثن، حق جي حمائتي هجڻ جي ڏوهه ۾ سوري چاڙهيو. اهو فرزند جو ملڪ جي لکن مظلوم ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن هو، جو ملڪ جو ڀرجهلو ٿي آيو، جو علم، دانش جو امام هو، جو صاحب فهم و فراصت هو. اهو عالمي امن جو علمبردار، ٽين دنيا جو مڃيل رهنما، ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم، عالم اسلام جي مفادن جو محافظ ”سرداد نه بداد دست در دست يزيد“ چئي حسينيت جي سنت ادا ڪندڙ اسان جو محبوب ۽ عظيم قائد شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو آهي، جنهن اصولن خاطر سوري قبولي پر ظالم اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو.
هن عظيم انسان، عيسيٰ ؑ ۽ حسين ؑ جي پوئلڳ جي قتل تي به لکن انسانن احتجاج ڪيو، پاڻ جلايو. پوڙهن، پڪن، نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن صداءِ احتجاج بلند ڪئي. دنيا جي مهذب قومن، قانونن جي احترام ۽ رحم جي نالي ۾ اپيلون ڪيون پر تاريخ پاڻ دهرائي رهي هئي. مظلوم جا حيلا وسيلا وقتي طرح بيسود ثابت ٿيا، ظالم انتها ڪئي ۽ هن ويهين صديءَ جي تارا مسيح جي دور قبل مسيح جي ياد تازه ڪئي ۽ سمورين قانوني حجتن، اپيلن ۽ احتجاجن کان منهن موڙيندي هڪ عظيم ۽ بيگناهه انسان کي انسان دوستيءَ جي ڏوهه ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو.
تاريخ پاڻ دهرايو، انسانن جو پيار ۽ عقيدت مظلوم جي حصي ۾ آئي. اڄ ملڪ جا سمورا باشعور انسان دوست، ظلم سان جنگ جوٽڻ وارا قائد شهيد لاءِ عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن، سندس خواهشن جي تڪميل جو عهد ڪري رهيا آهن، سندس پلاند پارڻ جو وچن ڪري رهيا آهن.
حقن تان قربان ٿيندڙن لاءِ عقيدت ۽ احترام واجب آهي پر صحيح معنيٰ ۾ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ، سندن فڪرن جي تڪميل آهي. حسينيت سان پيار، يزيديت جو خاتمو آهي.
اسان کي به جيڪڏهن پنهنجي قائد کي خراج تحسين پيش ڪرڻو آهي، ته سندس خواهشن جي تڪميل ڪرڻي آهي، سندس فڪر ڀٽو ازم کي سمجهڻو ۽ نافذ ڪرڻو آهي. سندس فڪر جي تڪميل ئي سندس قتل جو پلاند آهي.
ڇاڪاڻ جو قائدشهيد کي رڳو فرد سمجهي ڪنهن فرد قتل نه ڪيو آهي پر قائد کي هن ملڪ ۾ ترقي پسند فڪر سمجهي ۽ هن ملڪ ۾ عوامي انقلاب جي ابتدا سمجهي، رجعت پسند قوتن، سامراجي ڇاڙتن ۽ ظالماڻي نظام قتل ڪيو آهي. ان ڪري انهيءَ ظالماڻي نظام جو خاتمو ۽ ڀٽو ازم جو قيام ئي قائد شهيد جي قتل جو پلاند آهي.
ڀٽو ازم قائدشهيد جا اهي روشن خيال ۽ اها عظيم جدوجهد آهي، جنهن ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ قوم جي آسودگي جو راز سمايل آهي. ڀٽو ازم قائدعوام جو اهو سياسي طريقيڪار آهي، جنهن ڏتڙيل عوام جي زندگيءَ کي شعور جي ڪرڻن سان منور ڪري طاقت جي سرچشمي هجڻ جو احساس ڏنو.
ڀٽو ازم عوامي سياست آهي. ڀٽو ازم محلاتي سازش جي خاتمي جو نالو آهي. ڀٽو ازم اهو سياسي نظام آهي جنهن ۾ اقتصادي مسئلن جو حل شامل آهي. ڀٽو ازم نالو آهي بک، بيماري، جهالت ۽ اقربا پروريءَ خلاف جدوجهد جو.
ڀٽو ازم ولائتي ۽ ديسي ڦورن خلاف جدوجهد آهي. ڀٽو ازم ملڪي حالتن پٽاندڙ سوشلزم ڏانهن وک آهي. ڀٽو ازم مذهبي فرقيواريت خلاف جهاد آهي. مطلب ته ڀٽو ازم ملڪي حالتن مطابق اهو سياسي نظام آهي جنهن ۾ ملڪ جي سمورن مسئلن جي حل جي ضمانت آهي.
اسان جي ڀٽو ازم مان مراد رڳو پنهنجي محبوب قائد سان عقيدت ۽ پيار يا شخصيت پرستي هرگز نه آهي، پر ڀٽو ازم قائد عوام جا اهي زرين انقلابي اصول آهن جن جي ڪري کين منصور جي سنت ادا ڪرڻي پئي. ڀٽو ازم رڳو حڪومت جو زمانو ۽ ڪجهه انقلابي ڪوتاهيون هجن ها ته قائد عوام کي هرگز شهيد نه ڪيو وڃي ها. قائد عوام ملڪ جي پهرين جديد انقلابي سياسي دور جو باني آهي.
ان ڳالهه جو اعتراف پاڪستاني سياست جي لات مناتن پنهنجي تقريرن ۾ بارها ڪيو آهي. انهن نام نهاد انقلابي رهنمائن اعلانيه قائد عوام کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀٽو ازم لفظ استعمال ڪري سندس خاتمي جو مطالبو ڪيو. کين ڄاڻ هئي ته قائد عوام فقط هڪ شخص نه بلڪه اهي انقلابي ڪارناما ۽ اصول آهن جن عوام جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي قائد عوام کي امر بڻايو آهي. مطلب ته ڀٽو ازم شخصيت پرستي هرگز نه آهي، پر ڀٽو ازم آهي ڇا؟ ڀٽو ازم قائد عوام جا انقلابي اصول ۽ عوامي انداز سياست آهي. قائد عوام جي انقلابي اصولن ۽ انداز سياست کي سمجهڻ لاءِ اسان کي قائد عوام جي سياسي زندگي کي سمجهڻو پوندو. قائد عوام جي قتل جي سبب تي غور ڪرڻو پوندو ۽ قائد عوام جي قاتلن کي سڃاڻڻو پوندو.
قائد عوام جي سياسي زندگي جو آغاز 1957ع ۾ ٿيو، جڏهن هن اقوام متحده ۾ جنرل اسيمبلي جي ڇهين ڪميٽيءَ ۾ خطاب ڪيو. پاڪستان جي هن نوجوان نمائندي جي تقرير جو عنوان ”امن عالم ۽ جارحيت“ هو ۽ ان حوالي سان قائد عوام سياسي زندگيءَ جي آغاز ۾ ئي دنيا جي امن لاءِ ڪوشان هو. پنهنجي تقرير ۾ دنيا جي ضمير کي جاڳائي رهيو هو ته عالمي امن ڳالهين سان قائم نه ٿيندو بلڪه ان لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. پاڻ چئي رهيو هو ته ”پاڪستان هر ان ڪوشش ۽ حرڪت کي مسلح حملو ۽ جارحيت قرار ڏي ٿو جنهن سان هڪ قوم ٻي قوم کي اهڙي ئي انداز ۾ جاني، مالي يا معاشي نقصان پهچائي جهڙو ڪنهن مسلح حملي يا جارحيت سان پهچائي سگهي ٿو، بظاهر هي جارحيت نه ٿي لڳي پر حقيقي معنيٰ ۾ اها جارحيت ئي آهي.“
قائد عوام عالمي ضمير کي اپيل ڪئي، ”پنهنجي ذميداري نڀائي ۽ جارحيت کي جارحيت ۽ مظلوم کي مظلوم قرار ڏيڻ ۾ ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي ۽ نه ڪنهن خوف خطري جو خيال ڪيو وڃي.“
ان کان پوءِ 1958ع ۾ قائد عوام کي پاڪستان پاران ٻيهر اقوام متحده ۾ ملڪ جي نمائندگيءَ لاءِ موڪليو ويو، هن دفعي قائد عوام اقوام متحده ۾ 5 خطاب ڪري عالمي مدبرن ۽ مقررن کان خوب داد تحسين وصول ڪيو. دنيا جي مدبرن پاڪستان کي لکي موڪليو ته ”هن نوجوان ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو آهي.“
1958ع ۾ ئي قائد عوام جي حقيقي سياسي زندگي جو آغاز ٿيو، جڏهن کيس مرڪزي وزير مقرر ڪيو ويو.
قائد عوام باشعور، عالمي حالتن کان باخبر ۽ سچو قوم پرست هو پاڻ موقعي ملڻ شرط ملڪي مفاد جو محافظ بڻجي، بين الاقوامي سامراجين خلاف سيني سپر ٿي بيٺو. ملڪ ۾ اهڙين پاليسين جي ٺاهڻ جو محرڪ بڻيو، جن جو مطلب سامراجين جي سازشين کي ٻنجو ڏيڻ هو ۽ ٻاهرين دنيا ۾ سامراجين خلاف بين الاقوامي اتحاد ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو، انهيءَ سوچ تحت ئي قائد عوام ڪوششون وٺي دنيا جي عظيم انقلابي ملڪن ۽ قومن سان دوستاڻا ناتا قائم ڪيا. پاڪستان ۽ روس جو پهريون معاهدو به انهي ڪوشش جو نتيجو هو. روس سان گهرا ناتا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عظيم چين ڏانهن به سندس رويو پيار ۽ چاهه وارو هو. چين سان سرحدي معاهدو به قائد عوام جي ڪوشش جو نتيجو هو. انڊونيشيا سان مضبوط دوستي، ايران ۽ ترڪي سان معاهدا به قائد عوام جي ترقي پسندانه پاليسي جا ئي نتيجا هئا.
قائد عوام جڏهن ملڪي پاليسين جو منهن انقلابي لاڙن ڏي موڙيو، اتي بين الاقوامي سطح تي به سامراجين خلاف پاڻ پتوڙيندو رهيو. اقوام متحده ۾ عظيم چين جي ميمبر ٿيڻ لاءِ پهريون بلند آواز به قائد عوام جو ئي هو ته ”چين جي ستر ڪروڙ عوام کي نظر انداز ڪري، عوامي جمهوريه چين کي رڪن ڪرڻ کان سواءِ اقوام متحده بين الاقوامي آزادي ۽ بني نوع انسان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪو به انقلابي قدم نه ٿو کڻي سگهي.“
قائد عوام جي خواهش غير جانبداريءَ جي راهه هئي. سندس منزل استحصال کان آجو، امن ۽ آشتيءَ وارو ملڪي ۽ بين الاقوامي سماج هو. ”اقوام متحده کي سمورن سامراجي اثرن ۽ وڏين طاقتن جي ڳٺجوڙ کان آزاد ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ اقوام متحده جو هيڊڪوارٽر نيويارڪ کان منتقل ڪري ڪنهن غير جانبدار ملڪ ۾ قائم ڪيو وڃي.“
”آءٌ اوهان (سلامتي ڪائونسل) کان معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته ڇا اهو قدرت جو قانون آهي ته آفريڪا ۽ ايشيا جا باشندا پسمانده، ڪم علم ۽ مفلوڪ الحال رهن؟ ڇا اهو اسان جي نصيب ۾ لکيل آهي ته اسين بدحال رهون؟ نه بلڪل نه. اسين پسماندگي ۽ افلاس جو طوق لاهڻ چاهيون ٿا ۽ اسان پنهنجي عوام جي مستقبل جي بهترين تعمير ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان جي خواهش آهي ته اسان جا ايندڙ نسل عزت، اطمينان ۽ خوشحاليءَ جي زندگي گذارين.“
علم تاريخ جو ماهر، عالمي سياست جو هيءُ سڄاڻ وقت جي تبديلي سان گڏوگڏ سامراجي هٿڪنڊن جي تبديلين کان به واقف هو، کيس اهو احساس ٿيو ته ” ڌارين جي غلاميءَ جي جاءِ ڌارين جي دخل اندازي والاري آهي.“ ”شهنشاهيت واري روپ جي ڪلاسيڪي معنيٰ جي خاتمي کان پوءِ صرف استحصال جو طريقو ڦير ڦار هيٺ آيو آهي. جيئن ئي سامراجي طاقتون پنهنجي بيٺڪن مان نڪتيون، تيئن ئي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي بيڪار ٿي ويئي ۽ انهي جي جاءِ نئين زماني جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ”ملايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي والاري جيتوڻيڪ مقصد ساڳيو هو.
شهنشاهيت جي خاتمي عالمي طاقتن جي اوسر عظيم طاقتن جي تصور کي بدلائي ڇڏيو آهي. ان جا مفاد بنيادي طور هاڻي عالمي نوعيت جا آهن. سندس توسيع جو مقصد اهو نه آهي ته دنيا تي روايتي انداز ۾ قبضوڪري، پر ماڻهن جي ذهنن تي ضابطو قائم ڪري ۽ ترقي پذير ملڪن جي ليڊرن جي تابعداري حاصل ڪري ۽ سو به هروڀرو سڌي طرح مداخلت جي بجاءِ اقتصادي غلبي ۽ ٻين طريقن سان، جديد نو آبادياتي دور ۾ ڪنهن به عظيم طاقت لاءِ ڪنهن ايراضيءَ تي عملي طرح قبضو ڪرڻ لازمي ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس عالمي پاليسءَ جا مفاد اڻسڌي استحصال ۽ ٻين گهڻن قسمن جي لالچن جي ذريعي پلئه پئجي سگهن ٿا. مواصلات جي موجوده ذريعن جي ڪري عظيم طاقتن لاءِ اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته ڪنهن مستقل قبضي کان سواءِ ئي سڄي دنيا جي ماڻهن جي روزمره جي زندگين تي پنهنجو حڪم هلائين ۽ پنهنجون هدايتون جاري ڪن. هن جديد نظرياتي ۽ نو آبادياتي غلبي جي حوس ڪري دنيا جون طاقتون دنيا جي هر حصي ۾ هڪ خوفناڪ عالمي رقابت ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.
قائد عوام جي سوچ عالمي سامراج کان ننڍين قومن کي آجي ڪرڻ لاءِ هئي.”گذريل ويهن سالن جي اندر انهن عالمي طاقتن جي ظهور، حڪومت هلائڻ واري طريقيڪار جي سٺي نظريي کي بدلائي ڇڏيو آهي. اهي سڀ ننڍيون قومون جيڪي ترقي پذير قومن جي باب ۾ اچي وڃن ٿيون تن لاءِ وڏين طاقتن سان لاڳاپا متعين ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي مفاد کي مقدم رکڻ وڌيڪ منجهائيندڙ ۽ مشڪل ٿي پيو آهي. ننڍي قوم جيڪا حڪمت عمليءَ جي نون طريقن کي سمجهي نٿي سگهي، تنهن جي قسمت ۾ نااميدي، نراسائي جو احساس، تنهائي ۽ شايد پڇاڙي ۾ مڪمل تباهي لکجي چڪي آهي.“
قائد عوام پنهنجي هن سياسي دور ۾ پنهنجي سموري ڪوشش ملڪ کي آزاد ۽ غير جانبدار پاليسي ڏيڻ ۽ ترقي واري راهه تي هلائڻ ۽ بين الاقوامي سامراج خلاف مظلوم قومن جي متحده جدوجهد ڪرڻ لاءِ وقف ڪئي. قائد عوام جنهن رفتار سان پنهنجي انقلابي سوچ تحت جدوجهد ڪري رهيو هو ۽ جنهن جدوجهد جي نتيجي ۾ سامراج پنهنجي مخالف قوتن کي متحد ٿيندي ڏسي رهيو هو، تنهن کي روڪڻ لاءِ سامراج قائد عوام خلاف سازش سٽي ۽ ان سازش جي ئي نتيجي ۾ قائد عوام کي وزارت خارجه جي منصب کان الڳ ڪيو ويو. قائد عوام خلاف ٿيل ان سامراجي سازش کي برطانيا جي جڳ مشهور مفڪر برٽينڊ رسل بين الاقوامي مدبرن کي پنهنجي طرفان لکيل خطن ۾ پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.
لارڊ برٽينڊ رسل برما جي جنرل ني ون کي 13 آگسٽ 1966ع تي خط ۾ لکيو آهي ته:
......”ذوالفقار علي ڀٽوکان معلوم ٿيو ته اوهان لنڊن ۾ هئا. اهو (ڀٽو صاحب) به اوهان کي ايشيا جو عظيم ليڊر تسليم ٿو ڪري ۽ ان جي راءِ سبب منهنجي ذاتي راءِ کي تقويت ملي آهي. جيڪڏهن اوهان سان ملاقات ٿئي ۽ ڪن اهم موضوعن تي ڳالهائڻ جو موقعو ملي ته مون کي خوشي ٿيندي. مون کي نڪرومه، صدر سوئيڪارنو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن سچن قوم پرستن ۽ ترقي پسند رهنمائن تي آمريڪي دٻاءُ تي سخت تشويش آهي.“
اخبار سپڪٽيٽر جي ايڊيٽر کي لکيل خط ۾ لارڊ برٽينڊ رسل چيو ته ”تازين تبديلين جي ڄاڻ رکندڙ چڱي طرح محسوس ڪري رهيا آهن ته مغرب جي مفاد پرستانه سياست، عوام جي خواهشن سان هم آهنگ رهنمائن کي پنهنجي انتقام جو پهرين نشانو بڻائڻ چاهي ٿي، جي افرو ايشائي استحڪام ۽ خودمختارانه ترقي جي پاليسيءَ جا خالق آهن. ان سلسلي ۾ نت نوان حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. مثال طور گهانا ۾ نڪرومه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڊراما رچايا ويا. انڊونيشيا ۾ کاٻي ڌر جي فرضي انقلاب جي انديشي جي هوا کڙي ڪري ساڄي ڌر جي فوجي بغاوت جو جواز فراهم ڪيو ويو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ هڪ اهڙي شخصيت کي جيڪا خودمختيار خارجه پاليسيءَ جي معمار طور سڃاتي وڃي ٿي، تنهن کي وزارت کان الڳ ڪيو ويو.... ڀٽو صاحب اهو پهريون ليڊر هو جنهن نهر سوئيز جي اوڀر ۾ ٺهندڙ سامراجي پاليسين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ۽ هر موقعي مهل تي ان جي خلاف نفرت ۽ حقارت سان ڀرپور تقريرون ڪيون..... پس پرده آمريڪي سازشين ان کي اقتدار کان الڳ ڪيو آهي. بهرحال ذوالفقار علي ڀٽي جو هيئن حڪومت کان الڳ ٿيڻ هن ملڪ جي مستقبل لاءِ هڪ عظيم خطرو آهي.“
لارڊ طرفان صدر ناصر کي لکيو ويو ته:
”آءٌ آمريڪا جي انهن ڪوششن کي سخت تشويش سان ڏسان ٿو جيڪي اهڙن رهنمائن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون آهن جيڪي غير ملڪي ڌاڙيلن ۽ مغربي ملڪن جي دٻائن خلاف مزاحمت ڪندي پنهنجي عوام جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اوهان بخوبي واقف آهيو ته گهانا ۽ انڊونيشيا ۾ به اهي سازشون ٿي چڪيون آهن ۽ اوهين پوري طرح باخبر نه هجو ها ته اهو ئي ڪجهه متحده عرب جمهوريه ۾ ٿئي ها.
تازو ئي آمريڪا ۽ برطانيا ذوالفقار علي ڀٽي کي وزارت خارجه کان الڳ ڪرائڻ لاءِ زبردست دٻاءُ کان ڪم ورتو. بيشڪ، مسٽر ڀٽو پاڪستان جي آزادانه خارجه پاليسي جو معمار آهي. مسٽر ڀٽي ئي تن تنها آفريقي ۽ ايشيائي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ متحده عرب جمهوريه سان تعلقات ۾ اضافي لاءِ بي پناهه خطرا کنيا.... مون کي يقين آهي ته پاڪستان جا واقعا اهڙو رخ اختيار ڪندا جو ڀٽو صاحب ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويندو....“
الجزائر جي صدر بومدين کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته”....تازو پاڪستان ۾ به اهڙي ئي قسم جي هڪ تبديلي واقع ٿي آهي. منهنجي مراد جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کان عليحدگي آهي، جيڪو آزاداڻي خارجه پاليسي ۽ افرو ايشيائي استحڪام جو معمار هو. هن پاڪستان کي نو آبادياتي ملڪن جي صفن مان ڪڍي ايشيا ۽ آفريڪا جي انهن ملڪن جي صف ۾ بيهاريو آهي جي آزادانه پاليسيءَ جي باري ۾ بلڪل واضح آهن.
آءٌ ذاتي طرح باخبر آهيان ته الجزائر ۽ پاڪستان کي قريب آڻڻ ۾ جناب ڀٽي اهم قدم کنيا آهن..... پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياريءَ لاءِ هن جو اصولي موقف ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هو ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويندو.“
انڊونيشيا جي رهنما سوئيڪارنو کي لکيو ويو ته:
”.....قومي وقار ۽ ترقيءَ لاءِ اوهان ۽ آفريڪي و ايشيائي عوام لاءِ اهي خصوصيتون ناگزير آهن، جيئن ذوالفقار علي ڀٽو نت نئين تبديلين جو رهنما آهي.“
روسي رهنما گروميڪو کي لکيو ويو ته ”آءٌ وڏي تشويش سان ان دٻاءُ جو جائزو وٺي رهيو آهيان جيڪو آمريڪا طرفان اهڙن قوم پرست رهنمائن تي وڌو پيو وڃي جيڪي پنهنجي قومي آزادي ۽ ملڪ جي حقيقي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ اهڙو دٻاءُ صدر نڪرومه ۽ پٽرس لوممبا تي وڌو ويو، بلڪل اهڙي طرح پاڪستان جي وزير خارجه جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي وزارت خارجه کان الڳ ڪيو ويو. مون کي خبر آهي ته جناب ڀٽو پاڪستان جي آزاداڻي خارجه پاليسي ۽ 1960ع جي پاڪ سوئيٽ آئل ايگريمينيٽ جو خالق آهي. پاڪستان ۽ روس جي دوستاڻن تعلقاتن لاءِ جناب ڀٽي جي پيش قدمي هڪ نهايت اهم قدم هو، جنهن سبب پاڪستان آمريڪي پاليسين جي غلامي مان نڪري ويو.“
چيني رهنمائن کي لکيو ويو ته ”مون کي اميد آهي ته اوهان لاءِ ممڪن ٿيندو ته سياسي طور تي ذوالفقار علي ڀٽي جي مدد جاري رکي سگهو. اهو ذوالقفار علي ڀٽو ئي هو جنهن چين سان دوستاڻي تعلقات ۽ ترقي پسند انسانيت جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي. هن چين سان دوستي واري پاليسي مرتب ڪئي. پنهنجي مالي فائدن خاطر آمريڪي مفادن جي خدمت ڪرڻ وارن هن پاليسيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. پاڪستان جا حالات اهڙو رخ اختيار ڪندا جو ذوالفقار علي ڀٽو ٻيهر برسر اقتدار اچي ويندو.“
سامراجي سازش وقتي طور ڪامياب ٿي. شهيد ڀٽي کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو. سچ ۽ حق، بي پناهه ظلم جي باوجود به اڳي کان اڳرو ظاهر ٿيندو آهي. سچو انقلابي تشدد سان بزدل نه ٿيندو آهي بلڪه تشدد کيس نئون حوصلو ۽ جوش عطا ٿو ڪري. هونئن به بحران غير معمولي انسانن جي صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿا. ملڪي بحرانن ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جون صحيح قيادتون پئدا ٿين ٿيون.
پاڪستان ۾ هن سامراج سازش به پاڪستان جي ايندڙ انقلاب جي قيادت کي نروار ڪري ڇڏيو. قائد جي فڪر جي واضح اظهار جو هيءُ ئي زمانو آهي، جڏهن قائد عوام ملڪي فرضن ۽ سرڪاري مصلحتن کان آجو ٿي پنهنجي سوچن، خيالن ۽ خواهشن جو اعلانيه اظهار ڪيو. قائد عوام ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي عوام جي عظيم الشان اجتماعن ۾ قوم کي آزادي ۽ خودمختياريءَ جا درس ڏئي رهيو هو. قائد عوام جي اعلانن ۾ قوم لاءِ خوشخبري هئي، زندگي ماڻڻ جو سڏ هو. قائد عوام هر خوف ۽ ڊپ کان آجو ٿي قوم جي مسيحائي ڪري رهيو هو.
”آءٌ پنهنجن خيالن ۽ نظرين کي چند ڏينهن جي اقتدار لاءِ قربان نٿو ڪري سگهان.“ ”اقتدار اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. اقتدار سدائين ڪنهن وٽ نه رهيو آهي. سڪندر، فرعون، چنگيز خان ۽ هٽلر جهڙن حڪمرانن جو اقتدار ختم ٿي ويو. جا شيءِ هميشه رهي ٿي ۽ جا شيءِ غيرفاني آهي، اها هيءَ آهي ته ڪنهن ڇا ڪيو، ڪنهن عوام جي خدمت ڪئي ۽ ڪنهن عدل انصاف ڪيو، ڪنهن قوم پرستي ڪئي، ڪنهن پنهنجو سڀ ڪجهه عوام لاءِ قربان ڪيو. تاريخ ڪڏهن ڪنهن ظالم کي خراج تحسين پيش نٿي ڪري ۽ نه ڪنهن مظلوم، انسانيت دوست جي قرباني کي نظر انداز ڪري ٿي.“
”آئون رنگ، نسل ۽ علائقائيت جو قائل نه آهيان. آئون انگريزن جي ان فرسوده فلسفي جو انڪاري آهيان ته رنگ نسل ۽ علائقي جي بنيادن تي ڪا قوم وڏي يا ننڍي ٿئي ٿي يا بزدل يا بهادر ٿئي ٿي. منهنجي ويجهو سمورا انسان برابر آهن. کڻي ڪو ڪارو آفريڪي هجي يا چيني، جاپاني، ننڍو ويٽ نامي يا ڊگهو آمريڪي. اها سوچ منهنجي زندگيءَ جو نظريو آهي. اوهين مون کي سنڌي غير سنڌي بنيادن تي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪيو، اوهين اڃا ريگستان جي عوام کان ناواقف آهيو، اوهان کي حق نٿو پهچي ته اوهين سنڌ جي عوام کي بزدل چئو.“
”آئون عوامي مسئلا پرامن ۽ جمهوري طريقي سان حل ڪرڻ جو قائل آهيان پر جيڪڏهن اوهين جمهوريت جي زبان نٿا سمجهو ته عوام پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪري؟ ضرورت پئي ته سڀ کان پهرين آءٌ ميدان ۾ نڪرندس. اسين انقلاب کان نٿا ڊڄون، اسين خون خرابي کان نٿا ڊڄون.“
قائدعوام جو هي فرمان ته سندس فڪر جي واضح ۽ صاف تصوير آهي ته، ”جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي، هر ڪا حڪومت قومي وحدت لاءِ اپيلون ڪندي آهي. پاڪستان هڪ ٻئي پٺيان مختلف بحرانن مان گذرندو رهيو آهي ۽ تمام تر دلسوز اپيلن جي باوجود قومي وحدت اسان کان پاسيري ٿيندي رهي آهي. انهن ڳالهين جا ضرور ڪي مضبوط سبب ٿي سگهن ٿا ته اسان وٽ قومي وحدت بجاءِ بحرانن جي يلغار رهي آهي. انهن سببن جي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان جي ملڪ کي ٻن قسمن جي بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو آهي عمومي قسم جا بحران جن سڄي دنيا، خاص ڪري ايشيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو آهي. ٻيا اهي بحران جن جا پاڇا برصغير پاڪ هند تي لهرائي رهيا آهن.
ٻنهي بحرانن ۾ وڏو واضح تعلق آهي. بحرانن جي نوعيت ڪهڙي به هجي، اهي بحران سادا هجن يا پيچيده، ضروري آهي ته حالتن جو صحيح اندازو لڳايو وڃي. جنهن دنيا ۾ اسين رهون ٿا اها هڪ اهڙي موڙ طرف وڌي رهي آهي جو عالمگير تباهي جو پيش خيمو ثابت ٿي سگهي ٿو.
اسين هڪ عمودي چٽان جي ڪناري تي بيٺا آهيون. ان جي پٺيان موت جي وادي آهي. ڇا اسان کي ڄاڻي واڻي تباهيءَ سان همڪنار ٿيڻ کپي يا پوئتي هٽڻ گهرجي؟ ۽ پوئتي هٽڻ کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي. ان سان اسان جي عزت نفس کي ڪو به ڌچڪو نه لڳندو. ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو هي سهڻي دنيا هروڀرو جي تباهي کان بچي ويندي.
اهو اصرار ڪرڻ بي معنيٰ آهي ته بحران اڄ جي دور جي تقاضا آهي ۽ اسان جي هن مضطرب دور جو فطري مظهر آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جي شيطاني رجحان ڪارفرما آهن، تن جي وهڪري کي ڦيرائي ڇڏجي. اهو صرف اسان جو ملڪ نه آهي جو بحران ۾ گرفتار آهي پر ڪيترن ئي ملڪن اسان سان ملندڙ جلندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. طاقت وٺي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن. اڳتي وڌڻ جي طاقت داخلي مسئلن کي حل ڪرڻ سان ٿئي ٿي.
ڪيترن ئي ملڪن جي برعڪس بدقسمتيءَ سان پاڪستان اڃا تائين پنهنجي ڪيترن ئي بنيادي ۽ داخلي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هي اهي مسئلا آهن جن جو اثر عوام، سندس نصيب، سندن اولاد جي زندگين ۽ انهن جي معاشري تي ايندڙ وقت ۾ ٿيڻو آهي، جن مسئلن جو تعلق عوام ۽ انهن جي امنگن سان آهي، سچ پچ ته اڄ تائين انهن کي سامهون رکيو نه ويو آهي.
جيستائين ملڪ جو عوام پنهنجي مستقبل جو آزادانه فيصلو نٿو ڪري تيستائين اسان جي مشڪلاتن جو خاتمو ڏکيو آهي، موجوده جمود کي محض هٿڪنڊن سان ٽوڙي نه سگهبو، اڳتي قدم، پوئين غلطين جي بار کان آزاد ٿي ئي کڻي سگهجي ٿو.
انتشار جي گرد و غبار ۾ هڪ راهه جا نشان واضح آهن. عوام جو هڪ وڏو تعداد جنهن ۾ نئون نسل سرفهرست آهي، ان نتيجي تي پهتو آهي ته پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پراڻا طور طريقا اسان جا مددگار ثابت نٿا ٿي سگهن.
هر عهد جي پنهنجي سياسي نوعيت ٿئي ٿي. اڄ جي جوشيلي ۽ للڪاريندڙ دور جي تقاضا آهي ته پاڪستان جي سموري آباديءَ لاءِ بهترين خواهش مطابق معاشري جي تعمير لاءِ هڪ بلڪل نئين راهه تلاش ڪئي وڃي.
اسين ماضي ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار نه آهيون ۽ نه ئي عوام موجوده دور کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
داخلي اختلافن کي باهمي رضامندي ۽ ڳالهه ٻولهه سان حل ڪرڻ لازمي آهي. آزادي ضمير جي هن دور ۾ عوام جي دانشمنديءَ تي شڪ نٿو ڪري سگهجي. اهڙن آزاد ادارن جي ضرورت آهي جي پنهنجي خالقن کان پوءِ به زندهه رهي سگهن. قانون کي عمل ۾ ايئن اچڻ گهرجي جو اهو عوام جي هٿ جي تلوار نه هجي ۽ نه وري غير منصفاڻي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ڍال هجي.“
قائد عوام پاڪستان جي حالتن مطابق انقلابي تبديلين آڻڻ جو خواهشمند هو، سندس خواهش هئي ته ملڪ ۾ سوشلزم رائج ٿئي. ملڪ جا ماڻهو ڏاڍ ۽ ظلم کان آجا ٿي زندگي گذارين، عوام ملڪ جو حقيقي مالڪ ۽ مختيار هجي.
موجوده حالتن جي جاءِ تي هڪ اهڙي جمهوري اختيارن جي دور جو آغاز ٿئي جنهن ۾ پوري آبادي شريڪ هجي. نه رڳو شريڪ ٿئي پر ان کي بااختيار هجڻ جو احساس ٿئي. ان ڳالهه تي فخر ڪري. ان سان گڏوگڏ بنيادي حقن کي بحال ڪيو وڃي ۽ عوام کي هڪ اهڙي برابري واري معاشري جي قيام لاءِ اڀاريو وڃي جنهن ۾ ماڻهن جي ضرورتن جو پورائو هجي، سموري طاقت عوام کي منتقل ڪئي وڃي. اهو رڳو جمهوريت جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو.
جمهوريت ضروري آهي پر آخري منزل نه آهي. جمهوريت جي جدوجهد ۾ اقتصادي مقصدن کي هرگز نظر انداز نٿو ڪري سگهجي جي پهرين حيثيت جا حامل آهن. اقتصادي ترقيءَ کانسواءِ ڪا به قوم سکڻي جمهوريت سان مطمئن نٿي ٿي سگهي. جمهوري آزادي ضروري آهي پر اقتصادي مساوات ۽ انصاف وڌيڪ ضروري آهي. اقتصادي تبديلين کان سواءِ قومي زندگيءَ ۾ ڪا به روشن تبديلي نه اچي سگهندي. جيڪڏهن عوام جي غلامي جي خاتمي جي خواهش آهي ته جمهوريت سان گڏوگڏ ڪشاده دل سوشلزم به ضروري آهي.
هتي غريب ملڪ جي محدود وسيلن کي ضايع ڪيو پيو وڃي ۽ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾خام مال جي قيمتن جي ڪري صنعتي ملڪن مان ضروري سامان گهرائڻ جي صلاحيت گهٽ ٿيندي پئي وڃي. ان صورتحال ۾ اسان جي اقتصادي مسئلن جو واحد حل سوشلزم آهي.
سوشلزم ئي استحصال جي خاتمي ۽ وحدت جي فروغ جو واحد ذريعو آهي. جيستائين استحصال ختم نه ٿيندو تيسين وحدت رڳو نعري کانسواءِ ڪجهه به ناهي. سوشلزم ئي سمورن لاءِ مساوي موقعا پئدا ڪري استحصال کان بچائي ٿو. طبقاتي فرق جي ديوارن کي ڪيرائي اقتصادي ۽ سماجي انصاف کي قائم ڪري سگهي ٿو. سوشلزم جمهوريت جو اعليٰ ترين اظهار آهي.
انهن ملڪن کانسواءِ جي انقلاب جي بٺيءَ مان گذريا آهن، ڪيئي اهڙا ملڪ آهن جن ۾ دستوري شهنشاهيت قائم آهي، جتي تشدد آميز تبديلين کانسواءِ سوشلسٽ تقاضائن کي بدتريج پورو ڪيو ويو آهي.
سوشلزم جو اصول بنيادي طرح ٻن ڳالهين تي منحصر آهي: اول جديد سوشلزم جو بنياد معروضي آهي، ٻيو سوشلسٽ طرز فڪر دنيا جي هر خطي ۾ ملڪ جي رائج اقتصادي ۽ سياسي حالتن سان هم آهنگ ٿي سگهي ٿو. ان اعتبار کان سوشلزم پاڪستان لاءِ سنئون سڌو توجهه جي لائق آهي، جو هيءُ اهڙو ملڪ آهي جتي داخلي ۽ خارجي استحصال جو دور آهي.
سوشلزم جي ذريعي ان داغ کي ڌوئڻو پوندو. پهريون اهو قدم ٿيندو ته غاصبانه سرمائيداري کي ختم ڪيو وڃي ۽ سوشلزم کي حرڪت ۾ آندو وڃي. پيداواري ذريعا صنعتي ترقيءَ کي جنم ڏين ٿا يا جن تي صنعتن جو انحصار آهي تن کي هرگز نجي ملڪيت ۾ نه رهڻ ڏنو ويندو.
سمورا ڪاروبار جي قومي معيشت جي مٿين ڍانچي جي تشڪيل ڪن ٿا، لازمي طور عوامي ملڪيت ۾ ٿيڻ چاهين. بنيادي پيداواري ذريعا ۽ متبادل تي عوامي اختيار جو مطلب اهو ناهي ته نجي شعبو ختم ڪيو ويندو. نجي ڪاروبار کي پنهنجو مفيد ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت هوندي پر اجاره دار ذخيرا قائم ڪرڻ جي قابل نه هوندو. نجي شعبي کي انهن حالتن ۾ وڌڻ جي اجازت هوندي جي نجي شعبي کي زيب ڏين ٿيون.
هڪ جاءِ جون حالتون ٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. پاڪستان ۾ جو سوشلزم نافذ ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته ان جي نظريه حيات سان هم آهنگ هجي ۽ پنهنجي نوعيت جي اعتبار سان جمهوري هجي، ڪنهن به طريقي سان بيروني مداخلت جو سوال پئدا نه ٿئي.“
”جيڪڏهن سوشلزم جو اسڪينڊي نيوين قسم ٿي سگهي ٿو ته ڪو به سبب نه آهي جو پاڪستاني قسم نه هجي، جو اسان جي حال مطابق هجي.“
”اسلام ۽ سوشلزم جا اصول هڪٻئي سان ٽڪرجندڙ ناهن. اسلام مساوات جي تعليم ڏئي ٿو ۽ سوشلزم مساوات جي حاصل ڪرڻ جو جديد طريقو آهي. اسلام اسان جو دين آهي، اهو پاڪستان جو بنياد آهي. سوشلسٽ انداز حڪومت ان برتريءَ جي رقيب نه آهي پر ان جي برعڪس سوشلزم سموري قوم کي اسلامي قدرن جو محافظ بڻائي ڇڏيندو.“
”منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن اقتصادي ۽ سماجي انصاف جي راهه کي نظر انداز ڪيو ويو ته نه رڳو پاڪستان جي سالميت کي خطرو آهي، پر ان جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ به يقيني آهي.“
قائد عوام سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي قوم کي نئين زندگيءَ لاءِ پيغام ڏيندو رهيو ۽ ملڪ ۾ ظلم ۽ استحصال کان آجي، امن ۽ آشتيءَ واري سماج جي قيام جي جدوجهد لاءِ سڏيندو رهيو. قوم کي به قائد عوام جي صورت ۾ پنهنجو نجات دهنده ڏسڻ ۾ آيو، سڄي قوم سندس زندگيءَ جي سڏ تي جيءُ چيو. پڪا، پوڙها، نوجوان، ٻار، زالون، شاگرد، هاري، پورهيت قائد عوام جي قافلي ۾ شريڪ ٿي ويا. ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ته ملڪ جي هڪ حصي ۾ کيس وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ٿي ۽ جڏهن ملڪ جي عاقبت ناانديش، اقتدار جي حوس ۾ انڌن جنرلن ۽ سرمائيدارن جي مفاد پرستانه پاليسيءَ سبب ملڪ جو هڪ حصو الڳ ٿي آزاد بنگلاديش بڻجي ويو ته هن باقي پاڪستان جي سلامتيءَ جو به ڪنهن کي يقين نه هو ۽ آخرڪار ظالم حڪمرانن شڪست مڃي ۽ کين سواءِ قائد عوام جي اهڙو ڪو به رهنما نظر نه آيو جو هن تباهه حال ملڪ کي بچائي ۽ هلائي سگهي ملڪي حاڪميت جون واڳون قائد عوام جي حوالي ڪيون ويون.
قائد عوام کي عوامي جدوجهد دوران ڪهڙن ڏکن ڏاکڙن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن ڪهڙين حالتن ۾ حڪومت جون واڳون ورتيون ۽ ڪيئن هن تباهه حال ملڪ کي ٻيهر تعمير ڪيو، ان جا تفصيل هڪ مڪمل تاريخ آهي.
قائد عوام حڪومت سنڀالڻ شرط هن ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري لڳائڻ ۾ لڳي ويو، ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي هئي. ملڪ جا 90 هزار جنگي قيدي هندستان جي قيد ۾ هئا، سڄو ملڪ بحران جو شڪار هو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته سڄي قوم مايوسيءَ ۾ مبتلا هئي.
قائد عوام وڏي جاکوڙ ڪئي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي وڃايل وقار کي ٻيهر بحال ڪرايو. خارجه پاليسي کي ٻيهر آزاداڻي راهه تي آندو. ملڪي معيشت کي به ٻيهر بحال ڪرائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا. قائد عوام کي جن حالتن ۾ ملڪ مليو تن حالتن ۾ قائد عوام پارٽي ۽ ان جي تنظيم تي گهڻو توجهه نه ڏيئي سگهيو. سندس نظر ۾ ملڪ ۽ قوم جي بقا کي اوليت هئي، ان جي باوجود ته قائد عوام ملڪي مسئلن ۾ گهيريل هو، کيس پنهنجا عوام سان ڪيل وعدا ياد هئا. عوام جي حقيقي آزادي ۽ خوشحاليءَ تان سندس خيال هٽيو نه هو. پاڻ عوام جي ترقيءَ لاءِ ڪي بنيادي قدم کنيا. ملڪ جون بئنڪون، انشورنس ڪمپنيون ۽ سموريون ڳريون صنعتون قومي ملڪيت ۾ ورتيون ويون. زرعي اصلاحات ڪري هارين جي حقن جي حفاظت لاءِ قانون جوڙيا ويا، پورهيتن جي خوشحالي لاءِ سڌارن جو اعلان ڪيو ويو، تعليمي سڌارا ڪيا ويا، تعليم جي فروخت کي ختم ڪري هر شهريءَ لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اضافو ڪيو ويو، مطلب ته زندگي جي هر شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويا. ملڪي حالتن سبب بيشڪ اهو نه ٿي سگهيو جيڪو قائد عوام چاهيو ٿي، ته به قائد عوام جي دور کي انقلابي، سماجي برابري واري سماج ڏانهن اهم قدم ضرور چئي سگهجي ٿو.
اها به حقيقت هئي ته جيڪي قدم قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ کنيا تن مان جيترو فائدو ٿيڻ کپندو هو سو به قائد عوام کي بهترين ٽيم نه هجڻ سبب حاصل نه ٿي سگهيو، ان ۾ قائد جي ڪوتاهي نه هئي پر پاڪستان پيپلزپارٽي جنهن دور مان گذرندي مختصر عرصي ۾ تباهه حال ملڪ جي اقتدار جي مالڪ بڻي، تنهن ۾ سندس ڪارڪنن جي صحيح معنيٰ ۾ اها تربيت نه ٿي سگهي، جيڪا هر انقلابي پارٽيءَ جي ڪارڪنن لاءِ لازمي هوندي آهي. هن پارٽي جڏهن ڪامورا شاهي، ظالمانه وڏيرا شاهي خلاف جدوجهد جو اعلان ڪيو ۽ حڪومت ۾ به انقلابي قدم کڻڻ شروع ڪيا ته هن پارٽي وٽ اهڙي موثر تربيت يافته ٽيم نه هئي، جا ڪامورا شاهي ۽ وڏيرا شاهي جي سازشن کي ٻنجو ڏيئي سگهي.
قائدعوام جي حڪومت جو زمانو فڪر قائد عوام جي مڪمل تعبير ته ناهي ته به قائد عوام پنهنجي مختصر دور ۾ ملڪ جي چپي چپي ۾ پنهنجون يادگيريون ڇڏيون آهن. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سندس انقلابي خواهشن جي جهلڪ نظر ٿي اچي. فڪر قائدعوام، قائد عوام جي انقلابي جدوجهد آهي. حڪومت جا عوامي ڀلائي وارا پروگرام آهن، قائدعوام جون سونهري يادون آهن. قائد عوام جي دور حڪومت جي چند انتظامي غلطين يا چند شخصن جي غلط پاليسين جي تنقيد ڪري فڪر قائد عوام کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي وري فڪر قائد عوام کي ذاتي بغض سبب رڳو شخصيت پرستي قرار ڏيئي فڪر قائد عوام جي حقيقت کان ا نڪار ڪري سگهجي ٿو.
فڪر قائد عوام کي رڳو قائد عوام جي نالي سان منسوب ٿيڻ سبب شخصيت پرستي قرار ڏيڻ درست نه آهي. سمورا فڪر پنهنجن بانين ۽ نافذ ڪرڻ وارن جي نالي سان به سڃاتا وڃن ٿا.
اسان جي ايمان مطابق اسلام خدائي دين ۽ نظريو آهي ۽ سندس نالو اسلام ئي آهي، پر سندس نفاذ لاءِ مولوي ۽ عالم نفاذ اسلام جي مطالبي ڪرڻ وقت نظام مصطفيٰ جو مطالبو ڪندا آهن. ڪميونزم کي مارڪس ازم به چيو ويندو آهي. روس ۾ ڪميونزم، لينن ازم جي اضافي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ساڳئي نظريي کي چين ۾ مائو ازم به چون ٿا. اڄ ڪيترائي ملڪ آهن جتي قومي آزاديءَ لاءِ ۽ استحصال خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي پنهنجي عظيم قائدن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي ۽ عظيم رهبرن جي نالي سان جدوجهد کي منسوب ڪرڻ هرگز شخصيت پرستي ناهي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوامي سياست جي بنياد وجهندڙ، ملڪي ڦورن خلاف عملي جدوجهد ڪندڙ، بين الاقوامي سامراج خلاف جنگ جوٽيندڙ، مذهبي فرقيواراڻي جنون خلاف آواز اٿاريندڙ، عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيئي کين پنهنجي حقيقي طاقتور وجود جو احساس ڏياريندڙ، هڪ هٽين جو خاتمو چاهيندڙ، انسانيت جي سربلندي ۽ انسان جي حقيقي آزادي گهرندڙ، ملڪ جي حقيقي خود مختياري ۽ غيرجانبداري جي خالق، آسمان سياست جي چوڏهين جي چنڊ، جنهن پنهنجي انهن عظيم مقصدنَ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي قوم کي جدوجهد جو صحيح رستو ڏيکاريو، تنهن جي انهن اعليٰ آدرشن جي تڪميل ۽ سندس خوابن جي تعبير سماج لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي سندس نالي سان منسوب ڪرڻ شخصيت پرستي هرگز نه آهي.
فڪر قائد عوام شخصيت پرستي نه پر عظيم انسان جي اصول پرستي آهي. فڪر قائد عوام شخصيت پرستي هجي ها ته، انسان دشمن طبقا جن سدائين حڪمرانن اڳيان پڇ لٽڪائڻ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي يا اهي جن جو ڪم ئي آهي حاڪم جي ظلم کي هٿ ٺوڪئي مذهب جي جبي جي اوٽ ۾ لڪائڻ، جن سدائين دولت تي دين وڪڻي، دين جي سوداگري ڪئي آهي، سي قائد عوام جي حياتيءَ ۾ سندس خلاف فتوائون نه ڏين ها ۽ نه وري اهي وس جا پاڏا پنهنجي ملڪي ۽ غير ملڪي آقائن سان ٻانهن ٻيلي ٿي فڪر قائد عوام کي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪندا ۽ سازشون ڪندا وتن ها. اهي سمورا ظلم جي پٺڀرائي ڪندڙ انهيءَ حقيقت کان چڱي طرح واقف هئا ته قائد عوام هڪ اهڙي جدوجهد جو آغاز ڪري ان کي ڪاميابي ڏانهن وڌائي رهيو آهي جنهن سان سندن غير ملڪي آقائن جي وجود جي خاتمي سان گڏوگڏ ، سندن مفاد پرستي جو به خاتمو اچي ويندو ۽ عوام جو استحصال نه ٿي سگهندو ۽ هو ايندڙ وقت ۾ عوام جو خون چوسي عياشيون نه ڪري سگهندا. سندن هڪ هٽين جو خاتمو اچي ويندو ۽ انهي سان گڏوگڏ کين سندن حفاظت ڪندڙ سمورن ادارن جو وجود به خطري ۾ نظر اچڻ لڳو.
قائد عوام خلاف سازشون شروع ٿي ويون. جتي ويهن سندن گهوڙا گهوڙا شروع ٿي ته ”ڀٽي جي دور ۾ اشرافن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، ٽڪي جي ماڻهن کي عزت ڏني ويئي آهي، جن کي ڪالهه ڪو پڇندو ڪو نه هو، سي به اڄ ليڊر بڻيو خاندانن جي بي عزتي ڪندا وتن. ڀٽي مزدورن جو مغز خراب ڪري ڇڏيو آهي. شاگرد ته اصل ڇتا ٿي پيا آهن، هاري ته بنهه حالن مان نڪري ويا آهن؛ بس جيئي ڀٽو ڪم ڪار ڇٽو!“ اهي ڳالهيون انهن ظالمن جي بغض ۽ عناد جون عڪاسي ڪري قائد عوام سان سندن نفرت کي ظاهر ڪري رهيون آهن ۽ انهن ڳالهين مان اها ڳالهه صاف سمجهه ۾ پئي آئي ته ڀٽي صاحب سان سندن مخالفت جو اهو ئي هڪ سبب هو جو سندن نام نهاد خانداني کي خطرو هو ۽ کين اهو ڊپ هو ته هو ايندڙ وقت ۾ ماڻهن کي پنهنجي حڪم جو غلام بڻائي نه سگهندا.
دنيا جي انقلابن جي تاريخ شاهد آهي ته جتي به هيڻن محڪوم ماڻهن پنهنجي اتحاد سان حاڪم ۽ ظالم طبقن تي فتح حاصل ڪري، کانئن پنهنجو حساب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن ماڻهن، هيڻن خلاف اهڙن ئي خيالن جو اظهار پئي ڪيو آهي. چين ۾ هارين جي بغاوت دوران اتي جي ظالم طرفان به ايئن چيو ويو ته مائو ماڻهن جو مغز خراب ڪري ڇڏيو آهي! هاري اشرافن جون بي عزتيون ڪري رهيا آهن.
اهي ظالم به سازشن ۾ شريڪ هئا ته سندن محافظ دين فروش ملان به سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا، ڇو جو انهن ملن کي به خبر هئي ته قائد عوام جي فڪر سان سندس منافقيءَ جو ڪاروبار بند ٿي ويندو، سندن پاپائيت به ختم ٿي ويندي. سندن اسلام سان ڪو به واسطو نه هو، نه ته سندن اسلامي غيرت کين ضرور اهڙي شخص جي خلاف سازش ڪرڻ کان روڪي ها جنهن پنهنجي دور حڪومت ۾ بيپناهه اسلامي خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. قرآن ڪريم جي غلطين کان پاڪ نسخي جي ڇپائي، جمعي جي موڪل، حج تان پابندي لاهڻ، شراب ۽ ڪلبن تي پابندي، قائد عوام جا سونهري اسلامي ڪارناما آهن پر ختم نبوت جي مسئلي کي حل ڪرڻ اهڙو وڏو ڪارنامو آهي، جنهن جي صحيح معنيٰ ۾ تعريف برصغير جا اهي فرزند جليل ڪري سگهن ٿا جن پنهنجون زندگيون ان مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. هزارين ختم نبوت جا پروانا جن پنهنجين جانين جو نذرانو ڏيئي ڇڏيو.
پر هنن فتوا باز ملن کي دين سان نه پر دولت سان سروڪار هو. ملن جي فتوائن ۽ استحصالي قوتن جي بيزاري رڳو انهي ڪري هئي جو هيڻا زور ٿي رهيا هئا. محڪوم کي حڪومت جو حق حاصل ٿي رهيو هو، محلن ۽ ماڙين جي بجاءِ راڄن اڳيان ميدانن ۾ فيصلا ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي.
انهيءَ ڪري ئي انقلاب، جمهوريت ۽ انساني آزاديءَ جا دشمن پاڻ گڏجي ويٺا ۽ قائد عوام جي انقلابي پروگرام کي روڪڻ لاءِ منظم ٿي سازشون ڪرڻ لڳا. هن دفعي انهن سازشن ۾ سندن بين الاقوامي آقائن ڀرپور مدد ڪئي ۽ انهن سازشن ۾ ظالماڻي نظام کي جاري رکڻ وارن سمورن فردن ۽ ادارن ڪردار ادا ڪيو ۽ آخرڪار 5 جولاءِ 1977ع تي عوام جي چونڊيل وزيراعظم، پاڪستان ۾ پهرين انقلابي دور جي موجد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي رات جي اونداهيءَ ۾ حڪومت تان لاهي عوام جي حاڪميت کي ختم ڪري، انقلاب جي وهڪري آڏو عارضي بند ٻڌو ويو.
5 جولاءِ کان پوءِ غاصب حڪمران اعلان ڪيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. هن پنهنجن سمورن واعدن کان انحرافي ڪندي پنهنجي ظالماڻي حڪومت کي طول ڏيڻ شروع ڪيو، ايستائين جو بيت الله ۾ ڪيل واعدو به وفا نه ڪيو ويو. اقوام متحده ۾ دنيا جي مهذب قومن آڏو چونڊن ڪرائڻ لاءِ به ڪيل وعدن کان منهن موڙي ملڪ کي رسوا ڪيو ويو. غاصب حڪمران ٽولي ۽ سندس عوام دشمن حمائتين وڏا وس ڪيا ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي ختم ڪيو وڃي ۽ عوام مان قائد ذوالفقار علي ڀٽي جي اثر کي ختم ڪيو وڃي پر عقل جي انڌن جا سڀ حيلا وسيلا بيڪار ٿيا، ڇاڪاڻ جو حڪمران جنهن کي امر ۽ قاتل قرار ڏيئي رهيا هئا، قوم تنهن کي پنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ محبوب اڳواڻ مڃي رهي هئي. پروپئگنڊا عوام ۾ بي اثر هئي. سچ فرمايو آهي قائدعوام ته ”تخت اونڌي ڪرڻ ۽ انقلاب ۾ وڏو فرق آهي، ڇو ته انقلاب سان گڏ آدرشن جي حرڪت ۽ حرارت موجود رهي ٿي، ان کي عوام جي وڏي اڪثريت جي جانثاري واري تائيد حاصل ٿئي ٿي، جڏهن ته تختي اونڌي ڪرڻ مهل اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته سياسي مسئلن کي ختم ڪيو ويو آهي پر حقيقت ۾ ڪو به مسئلو حل نٿو ٿئي.“
قوم سمجهيو ٿي ته قائد عوام کي عوام دوستي سبب ئي حڪومت کان الڳ ڪيو ويو آهي. سندس ڏوهه اهو آهي ته هن پهريون ڀيرو عوام کي شعور ڏيئي کين حقيقي حڪمران ۽ طاقتور هجڻ جو احساس ڏنو آهي.
تو هيڻن جي حمايت ڪئي، تڏهن سوليءَ تي چاڙهيو وئين،
تو اڀرن جي امامت ڪئي، تڏهن سوليءَ تي چاڙهيو وئين،
تو بگهڙن سان بغاوت ڪئي، تڏهن سوليءَ تي چاڙهيو وئين،
تو منافقن تي ملامت ڪئي، تڏهن سوليءَ تي چاڙهيو وئين،
منافق، مڪار، منهن ڪارا سدائين بيعزتا هوندا،
پيل توکي ڀٽا سائين، گلي ۾ گل رتا هوندا.
آخرڪار ظالم حڪمران جڏهن هر طرح سان مايوس ٿيا ته کين قائد عوام کي جسماني طرح ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به صورت نظر نه آئي ۽ ظالم جي وارثن پنهنجي ظلم جي تاريخ دهرائي ۽ هڪ انسان دوست کي ڦاسي چاڙهيو پر قائد عوام جا قاتل اقتدار جي حوس ۾ انڌا جنرل، سندن غير ملڪي آقا ۽ سندن ديسي ڇاڙتا، سرمائيدار، وڏيرا، جاگيردار ۽ دين فروش ملان ان ڳالهه کي وساري ويٺا ته هاڻ ڀٽو صاحب هنن جي مارڻ جو ناهي، ڇو ته ڀٽو صاحب هاڻ فرد نه پر نظريو بڻجي چڪو آهي ۽ نظريا مرندا ناهن.
ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان،
ويس مٽائي ورڻو آهيان،
تون به چنيسر جو ڪجهه چاهين،
مون کان اڳ ۾ ورڻو ناهين.
نالي نئين سان ويس بدل سان،
تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان،
جاري آهي جاري رهندي.
بين الاقوامي مبصرن سچ چيو ته ”مئل ڀٽو زندهه ڀٽي کان وڌيڪ طاقت ور آهي.“ اهي دنيا جا مبصر ان ڳالهه کي سمجهي رهيا هئا ته ڀٽو صاحب هاڻ هڪ فڪر بڻجي چڪو آهي. فڪر ظلمن سان ختم نه ٿيندا آهن. فڪر پنهنجي سچائيءَ جي آڌار تي هميشه زندهه رهندا ۽ عوام جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. هن ملڪ ۾ قائد عوام جو فڪر اڄ به عوام جي رهنمائي ڪري رهيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ وقت ۾ به قائد عوام جي تاريخي جدوجهد ۽ زرين اصولن جي روشنيءَ ۾ عوام پنهنجي منزل ماڻيندو، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته فڪر قائد عوام جا پوئلڳ پنهنجي مقصدن سان پرخلوص ٿي جدوجهد ڪن. اهو به تاريخ جو سبق آهي ته نظرين جا نفاذ ڪندڙ پهرين پاڻ نظرين جا بهترين نمونا هوندا آهن.
نظريا سکڻن نعرن سان نافذ ڪو نه ٿيندا آهن. نظرين جي نفاذ لاءِ دانشمندي، اتحاد ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي ضرورت آهي. ڇڙوڇڙ ماڻهو انقلاب برپا نه ڪري سگهندا آهن. ظالماڻي نظام کي جاري رکڻ لاءِ بي پناهه منظم طريقا آهن، تن کي ڊاهڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ به نظم ضبط جي ضرورت آهي.
فڪر قائد عوام جي نفاذ چاهيندڙن کي انهيءَ واٽ تي هلڻو پوندو جنهن واٽ تي هلي دنيا جي ڪيترن ئي مظلوم قومن پنهنجا حق حاصل ڪيا آهن. قائد عوام جي پوئلڳن کي سياسي انقلابي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻي پوندي.
قائد عوام جو هي فرمان ته پنهنجي پيروڪارن لاءِ واضح رهنمائي آهي: ”منهنجي اوهان کي گذارش آهي ته هاڻ اوهان هڪ هڪ لمحي کي قيمتي سمجهو، وقت اچي ويو آهي جڏهن اسان کي رات ڏينهن ڪم ڪرڻو آهي. اهو نه ٿئي جو چئن ڏينهن جوش خروش رهي ۽ پوءِ جذبا ٿڌا ٿي وڃن. جيڪڏهن جوش جذبي کي قائم رکيو ويو ته ولولو ڪڏهن گهٽ نه ٿيندو. اوهين جماعت جا سمورا ڪم اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ جوش خروش سان شروع ڪيو، اوهان وٽ هڪ مڪمل انقلابي پروگرام سان مسلح پارٽي آهي. ان پروگرام کي چڱي طرح سمجهي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر تائين پهچايو. اهو پروگرام سمورن مظلوم طبقن جي آزاديءَ جو پيغام آهي. اهو پروگرام 22 خاندانن جي ڦرمار ۽ اجارو داري جو خاتمو ڪري ڇڏيندو. اوهين اجاره دارن کي ڇڏي سموري قوم کي متحد ۽ منظم ڪريو. ان بنياد تي هڪ وسيع تر قومي جمهوري محاذ قائم ڪريو. اوهان لاءِ ضروري آهي ته ان پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ پورهيت کان وٺي غريب گهورڙئي تائين، هڪ دڪاندار کان وٺي قوم پرست امير تائين، هاريءَ کان وٺي محب وطن زميندار تائين سمورن فردن کي گڏ کڻو. اوهان وٽ عوامي پروگرام آهي. اهڙا پروگرام ۽ منشور ئي عوامي تبديلي آڻين ٿا ۽ سياسي معاشي انقلاب برپا ڪن ٿا. ٺوس پروگرام ۽ نظرين جي بنياد تي جا جدوجهد ڪئي وڃي ٿي ۽ جي تبديليون آنديون وڃن ٿيون، اهي هميشه دائم ۽ قائم رهن ٿيون. اسلام اسان جو دين آهي، جمهوريت اسان جي سياست آهي. سوشلزم اسان جي معيشت ۽ طاقت جو مالڪ عوام آهي. اهو منشور اوهان جي فتح جو علمبردار آهي. جلد از جلد عوام تائين پهچو، جلسا ڪيو ۽ عوام کي جدوجهد جو پيغام ڏيو. عوام اوهان جي آواز تي لبيڪ چوڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. مون کي هڪ علائقي ۾ نه پر پوري ملڪ ۾ ڪم ڪرڻو پوي ٿو، مون تي تمام گهڻيون ذميداريون آهن. اوهان کي گهرجي ته منهنجي غير موجودگيءَ جو احساس ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو ڪم مسلسل جاري رکو.
مون کي فخر آهي ته اسان جي پارٽي ۾ اهڙن ڪارڪنن جي ڪمي ناهي جيڪي هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهن. مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن اهي سياست جي آسمان تي سج ۽ چنڊ وانگر روشن ٿيندا، جيتوڻيڪ سياست ۾ اڳي ڪڏهن هنن جو نالو به ڪنهن نه ٻڌو هوندو. اوهان کي ياد هوندو ته مون چيو هو ته اسان جي پارٽيءَ کي وڏن نالن جي ضرورت ناهي، هي پارٽي پاڻ وڏا نالا پئدا ڪندي. پر عظيم نالو عظيم ڪم سبب پئدا ٿئي ٿو. اوهان کي گهرجي ته هر وقت پنهنجي ڪم جو جائزو وٺندا رهو ۽ پارٽيءَ ۾ تنقيد ۽ پاڻ تي تنقيد جو عمل جاري رکو ڇو جو اهو عمل پارٽي کي سينگاري ۽ سنواري ٿو، مضبوط ۽ منظم ڪري ٿو.“
ڇاڪاڻ ته پارٽي ئي انقلاب کي برپا ڪري سگهي ٿي، پارٽي پنهنجي قيادت ۽ انقلاب جو تحفظ ڪري سگهي ٿي. اهو چوڻ صحيح نه آهي ته آئين ئي قيادتن ۽ انقلابن جي بقا لاءِ ڪافي آهي يا ذميدار آهي. بيجان ڪتاب پارٽي، قيادت يا انقلاب کي بچائڻ جي ڪا به طاقت نٿو رکي. بيجان ڪتاب نه پر جاندار پارٽيون قيادتون بچائينديون آهن، انقلابن کي استحڪام بخشينديون آهن. دنيا جي انقلابي ملڪن ۾ آئين، انقلابن خلاف سازش کي نٿا روڪين، بلڪه انقلابي پارٽيون پنهنجن قيادتن ۽ انقلابن کي مضبوط بنايو اچن. هتي به قيادت، پارٽي ۽ جمهوريت جي واحد ضمانت هڪ منظم ۽ جاندار پارٽي ئي آهي.“
انقلاب لاءِ گروپ بندين تي لعنت ڪري اتحاد پئدا ڪرڻو پوندو، پنهنجي انقلابي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي قائد عوام جي امانت ۽ اسان جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي هر خوف ۽ لالچ کان پري ٿي عوام ۽ قوم جي بهتريءَ ۾ پارٽي خلاف ٿيندڙ اندرين ۽ ٻاهرين سازشن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. پاڪستان پيپلزپارٽي نالو آهي قائد ۽ سندس خاندان ۽ عوام جو. پاڪستان پيپلزپارٽي قائد ۽ سندس خاندان ۽ عوام جي بيپناهه قربانين جو ثمر آهي. قائد عوام جو خاندان ۽ پيپلزپارٽي عوام جي ڪاميابي ۽ حڪمرانيءَ لاءِ ضمانت جي علامت آهن. پاڪستان پپيلزپارٽي، قائد عوام ۽ سندس خاندان جي، عوام سان بيمثال، لازوال محبت ۽ وابستگيءَ کي اڃا قائم ڏسندي ئي يقين ٿو ٿئي ته هن ملڪ ۾ فڪر قائد عوام جي نفاذ کي ٽاري نٿو سگهجي، جو عوام اڄ قائد عوام کي پنهنجو رهبر تسليم ٿو ڪري بي پناهه ظلم، ڏاڍ، قيد، ڪوڙا، ڏنڊ، ڦاهيون به عوام کي پنهنجي قائد جي خاندان ۽ پارٽيءَ کان پري نه ڪري سگهيون آهن ۽ جڏهن پنهنجي عظيم قائد جي حقيقي وارث صاحبزادي بينظير صاحبه کي سورن، سختين، صدمن، قيدن ۽ جلاوطنين کي ان پوءِ به وڏي بهادريءَ سان پنهنجي رهنمائي ڪندي عوام ڏسي ٿو ته سندن پنهنجي ڪاميابيءَ تي ايمان پختو ٿي وڃي ٿو.سلام آهي قائد عوام کي جنهن جا اهڙا وارث آهن.
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.
سلام صاحبزادي بينظير صاحبه کي جنهن پنهنجي عظيم پيءُ جي خواهش جي تڪميل لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن جو رستو قبول ڪري عوام جي رهنمائي ڪئي. سندس بهادري، همت، حوصلي، دانشمندي، مقصد سان سچائي، عوام سان وابستگي ان ڳالهه جو دليل آهي ته هن قوم جي تقدير بينظير صاحبه آهي. قائد جي تصوير بينظير صاحبه آهي، ڀٽو ازم جي تفسير بينظير صاحبه آهي.
پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بينظير صاحبه لازم ملزوم آهن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بينظير صاحبه، عوامي حاڪميت ۽ عوامي فتح لاءِ ضروري آهن. جيڪي چاهين ٿا ته هن ملڪ ۾ فڪر قائد عوام نافذ ٿئي، تن تي واجب آهي ته پيپلزپارٽي ۽ سندس عظيم قيادت جي حفاظت ڪن. ملڪ جي غريب پورهيت، هاري، مسڪين، نوجوان، مظلوم عورت ۽ ترقي پسند سوچ رکڻ وارن تي ته فرض ٿو عائد ٿئي ته هو بينظير صاحبه ۽ پارٽيءَ جي حفاظت ڪن جو بينظير صاحبه ۽ پارٽي هنن لاءِ ئي ضروري آهي.
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
ٻيون هونئن ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.
فڪر قائد عوام ضرورت ئي آهي مسڪينن، هارين، مزدورن، نوجوانن مظلوم عورتن ۽ عوام دوستن جي، ڇاڪاڻ ته ڀٽو ازم بک، بيماري، ڏاڍ، ظلم ۽ جهالت جي خاتمي جي جدوجهد آهي. فڪر قائد عوام ۾ رڳو ماضيءَ جا ڪارناما ناهن پر حال جي ضرورت ۽ وقت جي تقاضائن کي قائد عوام جي انقلابي اصولن جي روشني ۾ پورو ڪرڻ آهي.
نظريا بيٺل پاڻي وانگر نه آهن، سچن فڪرن جو وهڪرو وقت سان گڏ جاري آهي. تنهنڪري اڄ جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ به ڀٽو ازم آهي. فڪرن ۾ عوام جي خوشحالي ۽ آسودگي سمايل هوندي آهي. وقت جي ضرورت کان منهن موڙڻ نظرين لاءِ موت آهي، فڪر قائد عوام ته آهي ئي وقت جو آواز، ڀٽو ازم جو مطلب ئي آهي عوام جي جدوجهد جي رهنمائي ڪري عوام لاءِ آسودگي، امن ۽ برابري وارو سماج قائم ڪرڻ، ملڪ کي آزاداڻي غير جانبرداراڻي خارجه پاليسيءَ تي هلائڻ، سرمائيداري، وڏيرا شاهي ۽ ڪامورا شاهي جي ظلم مان عوام جي جند آزاد ڪرائي سوشلزم ڏانهن وک وڌائڻ، جو قائد عوام جي خوابن جي تعبير سماجي برابري وارو سماج ئي آهي.
ان ئي سماج لاءِ جدوجهد ڀٽو ازم آهي.
اها ئي اسان جي منزل آهي.

جيئي ڀٽو، سدا جيئي
چيئرمين خاتون ملت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه زنده باد،
شريڪ چيئرمين صاحبزادي بينظير ڀٽو صاحبه زنده باد،
پاڪستان پيپلز پارٽي زنده باد.