مقرر نه وسرڻ جهڙا
رات ٻه ٽي ڀيرا اک کلي، ننڊ پوري ڪو نه ٿي. صبح اٺين وڳي اک کلي. جلدي تيار ٿي ڪچهري تي ويس. اڄ کان ڪچهريءَ جو ٽائم 8 وڳي طئي ڪيو ويو آهي. ڪچهريءَ کان پوءِ سنجر چانڊيو ڏي وياسين، ان طرفان دوستن لاءِ چانهه جو بندوبست ڪيو ويو هو، اتي الله بچائي لغاري صاحب سان ٿوري دير ڪچهري ٿي. بي ڪلاس ويس پر احمد علي عباسي ۽ آصف لغاري ڪو نه هئا. نور محمد ٿيٻي صاحب ۽ شڪيل پٺاڻ سان ڪچهري ٿي. شڪيل ٻڌايو ته هن سندس ڪتاب ۾ ڪافي دوستن جون خبرون ورتيون آهن، شڪيل اهو به ٻڌايو ته اسپتال رڳو ان ڪري نه ٿو وڃي جو خرچ ڪافي ٿو ٿئي. مون چيس ”اخبارن ۾ ته گهوڙا گهوڙا پئي ٿئي ته قومي محاذ آزاديءَ جي معذور رهنما جو علاج ڪرايو وڃي ۽ تون وري اسپتال ڪو نه ٿو وڃين.“ شڪيل انور عباس نقوي جو خط پڙهي ٻڌايو، سندس لکيل خط به ٻڌايائين. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کي خط لکي لکنوي زبان ۾ هڪ ٻئي جي ڇنڇري خوب لاهيندا آهن. انور عباس، شڪيل ۽ محب شاهه ڏي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ”ٻاهر سڪون ڪو نه ٿو اچي، جيل بهتر آهي.“ نقوي صاحب هتي هو ته ٻاهر وڃڻ لاءِ ماندو هو، الله الله ڪري ڏينهن گذاريائين، چوندو هو ”چانڊيو صاحب، ڪراچي اور گهر تو خواب و خيال هو گئي هين. نه جاني ڪب جائين گي، ڪب ان سي ملاقات هوگي.“ نقوي صاحب پنهنجي گهرواريءَ جو ذڪر وڏي چاهه سان ڪندو هو، بُل ملندو هئس ته ڪنهن نه ڪنهن ٻي خاتون جو تذڪرو به ضرور ڪندو هو. اتان اٿي ڪمري تي آيس ته حسين شاهه، عالم شاهه، الله بچايو لغاري صاحب، اقبال، محبوب ۽ منير ويٺا هئا. ڪافي دير ڪچهري ٿي، ماني به گڏجي کاڌي سون.
شام جو عبدالله ملاح موڪلائڻ آيو. عبدالله جو ضامن ٿي ويو آهي. اڄ سندس همشيره جي شادي به آهي. عبدالله سنڌي شاگرد تحريڪ کان اڳ ۾ سپاف ۾ هو. عبدالله جيل ۾ تمام سٺو وقت گذاريو. دوستن سان سٺي رويي سبب جيل جا سمورا دوست به سندس عزت ڪندا هئا. عبدالله عوامي تحريڪ واري رنگ جو سٺو مقرر به آهي. عبدالله جو آواز به تمام سٺو آهي، دوستن جي فرمائش تي اڪثر قومي گيت ٻڌائيندو هو.
رات جو عالم شاهه چيو ته ”محب شاهه ذهني طور سخت پريشان آهي، تون پنهنجي طرفان ناراضگي ختم ڪر.“ اڄ شاهه جو غلام رسول زنگيجو، بابو غلام حسين وٽان ٿي آيو ته ان به اهائي ڳالهه ڪئي. عالم شاهه ۽ آءٌ شام جو گڏجي محب شاهه ڏي وياسين ۽ کيس چيم ته ”جيڪڏهن مون کان ڪا تڪليف پهتي آهي ته معافي ٿو گهران.“ محب شاهه ڪافي جذباتي ٿي ويو ۽ چيائين ته ”غلطي مون کان ٿي آهي ان لاءِ آءٌ معافي ٿو گهران، مون غلط سمجهيو هو، تو نظام تي تنقيد ڪئي هئي قائم علي شاهه تي نه.“ اتي غلام رسول ۽ ٻيا هاري ڪميٽي جا دوست به اچي نڪتا، ڪافي دير ڪچهري ٿي. ڪچهري ۾ دلچسپ ۽ مزيدار تقريرن جو ذڪر اچي نڪتو. محترم عبدالحفيظ قريشي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ مير رسول بخش خان سميت بزرگ رهنمائن جي تقريرن جو تذڪرو ٿيو. ڪچهريءَ ۾ سپاف ۽ هاڻوڪن پارٽي اڳواڻن جي ڪافي تقريرن جي ذڪر سان گڏ ماما عمر ساريجي ۽ حاجن جي تقرير به ياد آئي.
ماما عمر ساريجو، سپاف بدين سب ڊويزن جو صدر هو. غازي، آءٌ ۽ حاجن بدين جي تنظيمي دوري تي وياسين ته تلهار ۽ سعيدپور ۾ گڏجاڻين کان پوءِ راڄو خاناڻي جي بازار ۾ جلسي عام جو بندوبست هو. جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي. سڀني کان پهرين ماما عمر اٿيو، مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ مائيڪ تي اچي بيٺو.
چيائين ”جناب غازي صلاح الدين، مولابخش چانڊيو صاحب، حاجي رحيم شورا صاحب ۽ ٻيا معزز مهمان، حاضرين السلام عليڪم، جيئي ڀٽو... اهو چئي، مامو عمر چپ ٿي ويو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، وري ڊائس تي رکيل پاڻيءَ جو گلاس هڪڙي ڪنڊ کان کڻي ٻي ڪنڊ تي رکئين. يڪو چپ هو، مائيڪ جي ڪوڪ پي پئي. وري اسان ڏي ڏٺئين، چيائين“ .... ڪي سر ٿو وڃي، مرڳي ڪريا هئاسين.“
1977ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد تعلقو ٽنڊي محمد خان سان گڏ هو، ان تڪ مان قومي اسيمبليءَ لاءِ مير اعجاز علي ٽالپر بيٺل هو. مير اعجاز جي دعوت اسان جي پياري دوست ڪريم بخش جهيجي ڏيٿا لڳ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي. ڪريم بخش کي تقرير ڪو نه ٿي آئي تنهن حاجن کي چيو ته سندس پاران تقرير ڪري. مهمان خصوصي سميت سمورا مهمان اچي ويا، اجرڪون ۽ هار به ڪافي پيا، اعلان ٿيو ته حاجن آڌرڀاءُ ڪندو. حاجن مهمانن جا نالا وٺي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ تقرير ڪيائين. حاجن تقرير ۾ ڀلبو به آهي ته کٽندو به آهي. حاجن تقرير ڪندي وڏي جوش ۾ چيو ته ”هن علائقي جا ماڻهو ٻنهي ميرن مان بيزار آهن (سندس اشارو مير علي احمد ۽ مير رسول بخش ٽالپر ڏانهن هو) هڪڙو مير علي احمد خان ٻيو ننڍو مير اعجاز علي ٽالپر“ حاجن کي احساس ئي ڪو نه ٿيو ته مير رسول بخش خان جي جاءِ تي مير اعجاز جو نالو وٺي ويو آهي، سو حاجن ته وڌيڪ تقرير جاري رکي پر مير اعجاز، حاجن جي منهن ۾ پريشانيءَ مان ڏسندو رهيو ۽ ماڻهو کل ۾ ٻڏا پيا هئا.
نصرپور ۾ سپاف جي طرفان وڏو جلسو هو، جلسي ۾ حاجن جي تقرير به هئي جو حاجن ضلعي حيدرآباد جو صدر هو. حاجن تقرير ڪندي اوچتو منجهي پيو. چيائين ”انهيءَ ڪري.... انهيءَ ڪري.... رڳو انهيءَ ڪري“ لفظ دهرائيندو رهيو. حاجن جي ڳل ۾ وڏي ڳوڙهي هئي) ڳل جي ڳوڙهي تي هٿ گهمائيندو رهيو ۽ وري ڳوڙهي مان هٿ ڪڍي، پيٽ تي هٿ ڦيريندو رهيو ۽ چوندو رهيو ”انهي ڪري...“ وري حاجن هٿ پويان ڪري پٺا کنهڻ شروع ڪيا ۽ چيائين ”انهي ڪري...“ نيٺ ”انهي ڪري هاڻ ويهي ٿا رهون.“
سائين اسد الله شاهه، بلڙي شاهه ڪريم جلسي ۾ شريڪ هو، ڪافي ماڻهو گڏ ٿيل هئا حسين شاهه بخاري به وڏي جلال ۾ تقرير ڪئي. سڄو ملڪ ڪنبائي ڇڏيائين. تقرير ختم ڪري ويٺو ته انائونسر اچي شعر پڙهيو ته:
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
تو جا ڀائين اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا
۽ پوءِ چيائين ته اهو، هو سائين حسين شاهه بخاري چيئرمين سپاف سائين حسين شاهه جلسي کان پوءِ انائونسر سان ته وڏي جٺ ڪئي پر جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. اهڙو ئي واقعو ٽنڊي باگي ۾ مخدوم خليق الزمان جي جلسي ۾ ٿيو، بشير لغاري تقرير ڪري ويو ته انائونسر شعر پڙهيو:
”گيا دور سرمائيداري گيا، دکا ڪي تماشا مداري گيا... اهو هو بشير لغاري صاحب.“
شام جو تنوئري ڪچهريءَ ۾ اقبال نظاماڻي دوستن کي ياد اچي ويو. اقبال تمام پيارو دوست ۽ پرخلوص قومي ڪارڪن آهي. ڪراچي مان آيل دوستن ٻڌايو ته ”ڪراچي جيل ۾ اقبال نظاماڻي مٿو ڪوڙائي روڏو ٿيو هو، هڪڙي ڏينهن ڪوڙيل مٿي سان ٽيلارا پئي ڏنئين ته سرڻ لامارو ڏئي اچي اقبال جي مٿي تي ڌڪ هنيو، اقبال جي مٿي مان رت نڪري آئي (سرڻ الائي ڇا سمجهيو) اقبال رت ڳاڙيندو ، سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ويو ۽ وڏو گوڙ ڪيائين ته هي جيل آهي يا....سرڻون ٺونگا هڻنديون وتن!“ دوستن ٻڌايو ته سپرنٽنڊنٽ منٿون ڪري اقبال مان جان ڇڏائي.