آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

بسم الله

14 آگسٽ 1983ع کي گذري گهڻو وقت ڪو نه ٿيو آهي پر وقت جي تيز رفتاري چند سالن جي تذڪري کي قديم تاريخ جو داستان بڻائي ڇڏيو آهي. چوڏهن سال اڳ جو ذڪر اڄ پراڻي تاريخ انهيءَ ڪري پيو لڳي جو انهن سالن ۾ دنيا حيرت انگيز تبديلين کي ڏٺو آهي. دنيا جي هر شيءِ جو مهانڊو مٽجي ويو آهي، پر پنهنجو مقصد هتي سڄي جهان جي تبديلين جو وچور ڏيڻ ڪونهي، پنهنجو سروڪار ته رڳو سياست ۽ سياسي جدوجهد سان آهي جنهن جا اقدار ته يڪسر تبديل ٿي ويا آهن. سياسي جدوجهد جو نالو ساڳيو آهي باقي مهانڊا ۽ افعال بنهه سڃاڻڻ کان زور ٿي ويا آهن. سياسي جدوجهد جون ڳالهيون ۽ مهانڊا ياد ڪري حيرت ٿي ٿئي ته ڪالهه سياست هئي يا عبادت، سياسي جدوجهد هئي يا عشق!
ها ڪالهه جا اڪثر سياسي رهنما وَلين وانگي هئا ۽ سياسي ڪارڪن آدمي اسرار هئا. سياست عبادت ۽ سياسي جدوجهد عشق هو. سياست اڄ سئو سيڪڙو اٽڪل ٿي سڏجي پر ڪالهه سياست ۾ عقل، عشق سان به سلهاڙيل هو. اڄ سياست سڄي ساري جسماني ضرورتن جي تابع ٿي وئي آهي پر ڪالهه سياست جو رشتو روح سان به هو. جسم رڳو خوشيءَ ۾ جمالو ڳائي جهمريون هڻندو آهي پر روح ته درد ۾ به ڌمالون وجهندو آهي. جسم جي ڍَوَ ۾ زندگي آهي. سندس اندر واري حنود ڪاسائيءَ جي کڏ ڪڏهن به نه ڀربي آهي. سدائين ڪُهي ۽ ڦري پيو خوش ٿيندو آهي. جڏهن ته روح کي وقتي ناڪامي ۽ ڦرجڻ مايوس ڪو نه ڪندا آهن، کيس ”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت“ وارو منشور به حياتي ۽ حوصلو عطا ڪندو آهي ۽ کيس ڪُسڻ ۾ به قرار ايندو آهي، جو کيس پڪ هوندي آهي ته ”تون جي ڪالهه مُئي ته ڪالهه ئي گڏئين سڄڻين“ مطلب ته جيترو فرق روح ۽ جسم جي تقاضائن ۾ آهي، اوترو ئي فرق اڄ جي سياست ۽ ڪالهه جي سياسي جدوجهد ۾ اچي ويو آهي.
اڄ جي سياست ۾ عشق اڻلڀ آهي پر هي انهيءَ زماني جي پوياڙي وارن ڏينهن جو قصو آهي جڏهن سياسي جدوجهد رومانس هئي. هي انهن نوجوانن جو قصو آهي جن عشق جون مندون قهري ڪوٽن ۾ گذاري ڇڏيون. نوجوان ته نوجوان پر پوڙها پڪا به ڄڻ جيل ۾ نئين سر نوجوان ٿي عشق جون منزلون طئي ڪري رهيا هئا. انهن عاشقن جيل جا ڏينهن به اهڙي هيج مان پئي ڪاٽيا ڄڻ سندن محبوب هتي جيل ۾ ئي ساڻن ملڻ جو وعدو ڪيو هجي ۽ هنن کي به ڄڻ محبوب جي وعدي ۾ پڪ هئي ته هتي ئي محب ملندو، هتي ئي ميل ٿيندو، هتان ئي کين اها سرهي سيج ملندي جنهن تي پاسي ۾ پرين سمهاري پاڻ به سک جي ننڊ سمهندا. هو به ايئن. اُتي (جيل ۾) به محبوب جو ئي انتظار هو، مقصد ۽ ماڳ جي صورت ۾. انهن ڏينهن ۾ مقصد ۽ مجاز هڪ ٿي ويا هئا. ڪڏهن مقصد مان مجاز پيو ليئا پائيندو هو ته ڪڏهن مجازي محبوب، مقصد ماڻڻ واري راهه ۾ بورائو بڻجيو سڀ اڻانگا تڙ پيو اڪاريندو هو. منزل ڏي ڪاهي هلڻ جا ترانا ۽ محبوب جي اوسيئڙي جا گيت ساڳيو لطف ڏيندا هئا. زنجير زلف بڻجي زندانن ڏي ڇڪيندا هئا ۽ مقتل مان مينديءَ جي خوشبو ايندي هئي. سڄي دنيا ۾ ”سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا، جي لهه لڳا نيڻ، ته سوريا ئي سيج ٿي“ جا منظر اکين پيا ڏسبا هئا. مقتل ۽ سوريون سينگارڻ وارا گهوٽ اڻموٽ ڪنهن به ملڪ جا هئا پر سندن ڪيڏارو سڄي عالم ۾ لکبو ۽ ڳائبو هو. آزادي ۽ انسانيت جا پروانا سڄي دنيا جي باشعور وطن پرست ماڻهن جا محبوب هئا. مارڪس، لينن، مائو، فيڊل ڪاسترو، هوچي منهه، چي گويرا، جيولس فيوچڪ، بوبي سينڊس، آلندي، وڪٽر هارا، لورڪا، عرفات، ليليٰ خالد، ڀڳت سنگهه رڳو پنهنجي ملڪن جا هيرو ڪو نه هئا پر سندن پرستش سندن ملڪن کان ٻاهر به ٿي ڪئي وئي. سندن داستان حيات کان سڄي دنيا به ايترو ئي واقف هئي جيترو سندن ملڪ.
اڄ گهڻي ڀاڱي ڪارڪن جي ڪتاب سان ڪو نه ٿي پوي. ”نيلي نوٽ بڪ“ جا عاشق، ”بڪ“ کي تياڳ ڏيو رڳو ”نيلي“ ۽ ”نوٽ“ پويان سهڪندا وتن پر تڏهن علم آگهي سياسي جدوجهد جو لازمي حصو هئي. ڪارڪن جي زبان تي نعرن سان گڏ سمجهه، فڪر ۽ سچائيءَ جا گفتا به هئا. گورڪي جي ناول ”ماءُ“ ته ڪيترن ئي انسانن کي انقلاب جو عاشق بڻائي ڇڏيو پر ”پهاڙون ڪي بيٽي“ ”چراغ جلتا رها“ ”دنيا ڪو جهنجهوڙ ديني والي دس دن“ ”سرخ چين ڪا رزميه“ ”نوجوانون ڪا گيت“ ”ذلتون ڪي ماري لوگ“ ”چي گويرا جي ڊائري“ ”نوجوانن ڏانهن“ ”قافله شهيدون ڪا“ ۽ ٻيا ڪيئي غير ملڪي ڪتاب به ڄڻ عشق جون سوکڙيون هيون. انهن کي پڙهي مقصد ۽ مزاج اڳي کان اڳرا پيا ٿيندا هئا. رڳو اهي ڪتاب ڪو نه هئا جن نوجوانن جي رت کي ٿي گرمايو پر پاڪستان، هندستان توڙي سنڌ ۾ به ڪيترن ئي ڪتابن کي پرينءَ جي پنن واري حيثيت حاصل هئي. سبط حسن، عبدالله ملڪ، رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جويي، جي ايم سيد ۽ ٻين ڏاهن جا ڪتاب به ڄڻ جدوجهد جو لازمي ڪورس هئا. انهي زماني ۾ رڳو سياسي ڪتاب نه پر زندهه ادب به ماڻهن جي ذهني خوراڪ هو. اهو زمانو رڳو سياسي دانشورن ۽ اديبن جي مقبوليت جو دور ڪو نه هو پر اهو دور شاعريءَ جي ڀاڳ وارو دور به هو. جيئن بحرانن ۾ غيرمعمولي انسان ۽ قومن جا نجات دهنده ظاهر ٿيندا آهن، تيئن ڏاڍ، ڏهڪاءُ، غلامي ۽ گهٽ واري ماحول ۾ ئي آفاقي شاعرن جو الهامي آواز بلند ٿيندو آهي. انهي دور ۾ ئي اهي سٽون تخليق ٿينديون آهن جيڪي مئل جيئاري ڪُسر نساري ڇڏينديون آهن. سڪ ۽ سرود جي تعلق کي ڏسي لڳندو آهي ته محبت ۽ موسيقي شايد ساڳي ڪُک مان جنم ورتو آهي. انهي ڪري ئي هر محبت ڪندڙ دل سهڻي ساز ۽ آواز تي جهومي پوندي آهي.
هن ڊائري جي زماني ۾ به ڪئين الهامي آواز هئا جن عاشقن کان مقتل توڙي ميدانن ۾ رقص ٿي ڪرايا. سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، استاد بخاري، عبدالڪريم گدائي، امداد حسيني، شمشيرالحيدري، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، سرڪش سنڌي، راشد مورائي، آڪاش انصاري، تاجل بيوس، محمد خان مجيدي ۽ ٻيا ڪيئي محترم نالا آهن جن پنهنجي الهامي صدائن سان اهل سنڌ جا جذبا جاڳائي ۽ رت گرمائي هر ظلم خلاف ارڏي ڏونگر جيان بيهاري ڇڏيو هو. ون يونٽ جي تحريڪ کان وٺي هر قومي تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو سهرو روايتي سياستدانن کان وڌيڪ ان وقت جي ڪنڌار نوجوانن جي سر آهي پر اها به حقيقت آهي ته انهيءَ سهري جا گل سنڌ جي روشن خيال اديبن ۽ شاعرن جا ئي پوئيل آهن. انهن مهان شاعرن جي شاعري جڏهن جلسن، جلوسن، ادبي ڪانفرنس ۽ لطيفي جشن ۾ ڳاتي ٿي ويئي ته سڄي سنڌ تي عجيب ڪيفيت ٿي طاري ٿي. انهيءَ مهل ئي اهو يقين ٿي ٿيو ته ”سنڌ جيئندي سدا، سنڌ جيئندي سدا“ سنڌ وارن کي وجد ۾ آڻي اهو نعرو هڻائڻ ۾ آپا زرينه بلوچ، فقير عبدالغفور، بيدل مسرور ۽ بدر سومرو سڀني کان زور هئا. سنڌ جي بقا لاءِ وڙهندڙ قومي شاعرن جو اهو هر اول دستو پاڻ به پنهنجي آواز ۽ انداز سان پنهنجو ڪلام ڳائي ٻڌائي سنڌ وارن کي سرور ۽ جذبو بخشيندو هو. شيخ اياز پاڻ به پيو جهومندو هو ته پنڊال کي به پاڻ سان گڏ پيو جهومائيندو هو. استاد بخاري، محمد خان مجيدي ۽ سرويچ سجاولي به پنهنجي مخصوص انداز سان ماڻهن جون دليون لڀائيندا هئا. محترم نياز همايوني جو درد ڀريو انداز جن به ٻڌو تن کان ڪڏهن به نه وسرندو، نياز صاحب دوها ڳائيندو هو ته ٻڌندڙن جي اکين ۾ لڙڪ به تري ايندا هئا ۽ جي وري ”آزادي اعلان اسان جو، سوري ڀل سينگار ڪري“ ڳائيندو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ زمين ۽ آسمان مان آزادي جا اعلان ٿي رهيا آهن پر ابراهيم منشي جلسن جو رنگ ئي اور ڪري ڇڏيندو هو، منشي پنهنجي شاعري ڳائي انهيءَ مهل ئي ماڻهن کي ويرين سان وڙهڻ لاءِ سندرا ٻڌڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو.
آئون شاعرن جي مقابلي جو قائل ڪو نه آهيان. ڏات ڌڻي گوءِ جا ڏاند ڪونهن جو ڪنهن جي ڀلي ۽ ڪنهن جي ڍلي جو اعلان ڪجي. هر ڏات ڌڻي گل مثل آهي، هر گل جي پنهنجي خوشبو ۽ سونهن آهي. سنڌ جا مڙئي شاعر سنڌ جي قومي ۽ ادبي گلستان جي سونهن ۽ سوڀيا آهن.
پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي،
ڪَانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
سنڌ جي سمورن مهان شاعرن جو سنڌ جي سجاڳي، قومي جذبي کي اجاگر ڪرڻ، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نفرت پئدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي پر اڄ انهن مان گهڻا ڪو نه ٿا ٻڌجن. انهيءَ جو سبب انهن شاعرن جو ننڍو وڏو هجڻ يا سندن شاعريءَ جو اهم غير اهم هئڻ ڪونهي. انهن شاعرن ۾ گهڻا وقت کي پورو ڪيو ويٺا آهن. ڪن وقت جي وهڪري کان خوف زده ٿي وچ سير ۾ ترڻ بجاءِ ڪناري تي ويهڻ بهتر سمجهيو آهي. ڪي شاعري ته ڪن پيا پر سندن دل ۽ دماغ جون راهون ڌار ٿي ويون آهن، کانئن پنهنجا ٺاهيل گس ۽ پيچرا وسري ويا آهن. ڪن شاعري ئي مخصوص وقت لاءِ مخصوص سوچ تحت ڪئي هئي. وقت بدليو آهي ته سندن شاعري به گذريل وقت سان گڏ پوئتي رهجي وئي آهي. ڪن ته نفرت کي دائمي سمجهي رڳو جهيڙي لاءِ لکيو آهي تن جو ڪلام غير ضروري ٿي ويو آهي. ممڪن آهي ته وقت وري به انهن حالتن کي موٽائي اچي، وري به انهي شاعريءَ جي گونج ٻڌجي پر يقينن وري به اها شاعري انهيءَ مخصوص ڏينهن جي هوندي. ڀٽائيءَ جو ڪيڏارو رڳو ماتم ۽ محرم ۾ ٻڌبو آهي پر راڻو ۽ کنڀات سدائين پيا ڳائجن. سو وقت جي شاعري وقت جي ور چڙهي وئي آهي.
ڪالهوڪن الهامي آوازن ۾ ڪالهه به بُلند ترين آواز شيخ اياز جو هو ۽ اڄ به انهي آواز جا ئي پڙاڏا پيا ٻڌجن. ايئن ڪونهي ته شاعري رڳو ڪالهه ٿي آهي، اڄ اسان جا ڏات ڌڻي خاموش آهن. اڄ به سنڌ ۾ سونهن ۽ سچائيءَ سان ڀرپور شاعري ۽ ادب تخليق ٿي رهيو آهي. ڪالهوڪي تذڪري تي ٿڌا ساهه ڀرڻ جو مطلب سڀاڻي لاءِ مايوسي ڪونهي. اڄ احمد سولنگي، حسن درس، مظهر لغاري، حليم باغي، سعيد ميمڻ، حسن مجتبيٰ، رکيل مورائي، بخشڻ مهراڻوي، وسيم سومرو، شبنم گل، امر سنڌو، اياز گل ۽ ٻين نوجوانن جي شاعريءَ کي پڙهي يقين ٿو ٿئي ته ايندڙ وقت ۾ اهي نوجوان شاعر پنهنجن جوان جذبن ۽ نئين ساڃاهه سان شاعريءَ جي آسمان تي چوڏهين جا ڪيئي چنڊ اڀاريندا، پر اها به حقيقت آهي ته آئينده جي انهن ڏات ڌڻين کي اياز جي جاءِ والارڻ لاءِ اوتروئي پنڌ ڪرڻو پوندو جيترو اياز کي شاهه ثاني ٿيڻ لاءِ ڪرڻو پيو آهي.
انسان نه حُسن ڏي ڇڪجڻ ڇڏيندو، نه عشق ڪرڻ کان مڙندو ۽ نه وري خواب ڏسڻ ۽ انهن جي تعبير لاءِ پاڻ پتوڙڻ کان بس ڪندو، مطلب ته مجاز ۽ مقصد اسان جي زندگيءَ جا سدائين لازمي عنوان رهندا؛ جن شاعرن انهن عنوانن کي کير کنڊ ڪري شاعري ڪئي آهي، تن ڄڻ پنهنجا قلم آب حيات مان ٻوڙي شاعري ڪئي آهي. اها شاعري ئي هر پل جي شاعري آهي. عصر حاضر ۾ اردوءَ ۾ فيض احمد فيض ۽ سنڌيءَ ۾ شيخ اياز مجاز ۽ مقصد کي گڏي ڳائڻ وارن شاعرن جا مهندار شاعر آهن. انهيءَ ڪري ئي انهن سڀاڳن شاعرن جو وکر پئي پراڻو ڪو نه ٿيو آهي. ڪالهه جي شيخ اياز ۽ اڄ جي شيخ اياز ۾ وڏو فرق آهي. اڄ اياز پنهنجي گذريل ڪيترن ئي خوابن ۽ خيالن کان دستبرداريءَ جو اعلان ڪيو آهي. شيخ اياز اڄ گهڻي ڀاڱي دعائون لکي رهيو آهي. سنڌ ۾ شيخ اياز کي شاهه ثاني سمجهيو ويندو آهي، شايد تنهن ڪري ئي آخري ايامن ۾ دعائون لکي پنهنجي ڪلام ۾ سُر ڪلياڻ واري ڪمي پوري ڪري رهيو آهي. اياز کي اڄ اهو به احساس ٿيو آهي ته سندس شاعريءَ ۾ سندس ڪو به ڪمال ڪونهي، بلڪه سندس شاعريءَ جو اکر اکر خالق ڪائنات جو دين آهي ۽ جيئن خسرو لاءِ نظام الدين ضروري هو تيئن سندس لاءِ به نظام الدين ضروري آهي. شيخ اياز جي انهن احساسن ۽ اعترافن تي ڪو به اعتراض ڪونهي. انسان الاهي اسرارن جو مجموعو آهي، تنهن ڪري جستجو ڪندڙ هر انسان کي هر روز زندگيءَ جي نئين اسرار سان آشنا ٿيڻو پوي ٿو. لاريب ته انسان بار بار جنم وٺي انسان تي ئي تحقيق ڪندو پر هر بار سندس تحقيق اڌوري رهجي ويندي. شيخ اياز جي سوچن ۽ خيالن جي سمورين تبديلين جي باوجود به منهنجو اهو ويساهه آهي ته اياز جي آندل جن ڇيرن جي ڇم ڇم تي سڄي سنڌ جيان آءٌ به نچندو رهيو آهيان، تن ڇيرن جي ڇڻڪار اڃا ڪيئي سال سنڌ وارن جي سماعت کي سرور ۽ سڪون بخشيندي رهندي.
هيءَ ڪهڙي موڙهي مت لوڪو؟
ڌرتي به ته آهي جنت لوڪو،
ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني،
هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو.
۽ جڏهن نه حسن مان ڪشش ختم ٿي آهي ۽ نه ئي انسان مان عشق واري اڃ اجهاڻي آهي، نه ڌرتيءَ سان رشتو ختم ٿيو آهي نه ئي سيڻن سان سڱ ڇنو آهي ته پوءِ ڪهڙي تبديلي آئي جنهن شاعرن جي احساس کي بدلائي ڇڏيو آهي، جنهن سڄي حياتي جي واقعن کي ويل وقت جي ڌنڌلڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اها تبديلي جنهن تحريرون ۽ تصويرون بدلائي ڇڏيون آهن، اها ئي تبديلي آهي جنهن جو تذڪرو پاڻ ويٺا ڪريون يعني سياسي اقدارن، ضرورتن ۽ حڪمت عملين جي تبديلي، جنهن مجاز جو نه پر مقصد جو مهانڊو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. انهيءَ تبديلي زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي. شين جي تبديل ٿيڻ کان انڪار ئي ڪونهي. وقت جي تبديلي قدرت جي ڪارخاني جي لازمي پيداوار آهي پر قدرت ڪڏهن به پاڻ تي الزام ناهي کنيو. سندس هر مصلحت ڪن سببن سان گڏ ظهور پذير ٿيندي آهي ۽ بظاهر هن سياسي تبديليءَ جو مامرو به جنهن مڻيي تان متو آهي سو ماسڪو جو مڻيو آهي.
عظيم روس تان ڳاڙهي آسمان جي تڏي ويڙهجڻ سان ئي ڏينهن ڏٺي جي ڪيترن خوابن جي تعبير ٿي وئي آهي. دنيا جي سرمائيدارن جي حيرتن ۽ عالم جي پورهيتن جي محبتن جي مرڪز ماسڪو جي ٽوڙ ڦوڙ دنيا جي گولي ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. ڪيترن ملڪن جا نقشا، نالا ۽ جهنڊا تبديل ٿي ويا آهن ۽ اڃا الائي ڪيترين قومن جا سڃاڻپ ڪارڊ تبديل ٿيندا. دنيا کي ڇڏي رڳو پنهنجي ملڪ تي نظر ٿي ڪجي ته ڪائنات ئي تبديل ٿي وئي آهي. ماڻهن جا سور ساڳيا آهن باقي هر شيءِ تبديل ٿي وئي آهي، مزاج ۽ ذهن بدلجي ويا آهن، سوچون ۽ خيال بدلجي ويا آهن، فڪر ۽ فلسفا بدلجي ويا آهن. خواب ۽ انقلاب بدلجي ويا آهن. دوست ۽ دشمن بدلجي ويا آهن. غداريون ۽ وفاداريون بدلجي ويون آهن، ساز ۽ آواز بدلجي ويا آهن، راز ۽ هم راز بدلجي ويا آهن. محور ۽ مهرا بدلجي ويا آهن. ماڻهو ۽ چهرا به بدلجي ويا آهن. ماپا ۽ معيار بدلجي ويا آهن. مون واري ڊائريءَ جا ڪيئي ڪردار به بدلجي ويا آهن. شيون ۽ ڪردار تبديل ٿيندا آهن ۽ سچ جي هر نئين سج صورت به نئين ٿيندي آهي پر هتي ته تبديليءَ جي نالي ۾ انڌير آيو آهي. هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي! سچ بيٺو ڪوڙ جي وڪالت ڪري! ڏينهن بيٺو رات جا نغما ڳائي ۽ علم، جهالت اڳيان پيو ڦڪو ۽ شرمندو ٿئي! ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن پنهنجي سموري عمر جا نظريا تبديل ڪري ڇڏيا آهن. عوام دوستي، اصول پرستي، انقلابيت، جدت پسندي، قوم پرستي ۽ جمهوريت پسنديءَ جا مجسما ڀري ڀور ڀور ٿي پيا آهن. سموري زندگي تنگ نظري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي سان مهاڏو اٽڪائيندڙ زندگي جي آخري حصي ۾ ملائيت جا پرچارڪ ٿي پيا آهن. کاڌي پوش ڪامريڊ ڦري دهشتگرد، قاتل ۽ بدبودار ذهني وڏيرا ٿيا آهن.
1983ع کان پوءِ جيڪي تبديليون آيون آهن تن ۾ اهم تبديلي 1985ع واريون چونڊون آهن. اهي چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرايون ويون. انهن چونڊن کان پوءِ بظاهر سياسي عمل جاري ته ٿيو پر حقيقت ۾ انهن چونڊن سياسي پارٽين ۽ حقيقي سياسي طريقيڪار کي ڪاپاري ڌڪ هڻي مستقل جمهوري عمل کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. انهن چونڊن ۾ پارٽين بجاءِ فرد ۽ گروهه اڳتي نڪري آيا. سياست ۾ بدعنواني جي فيشن جو آغاز به انهن چونڊن جي نتيجي ۾ ٿيو ته ملڪ ۾ نسلي ۽ مذهبي نفرتن جي سياست جو بنياد به انهن چونڊن جو ڪارنامو آهي. سنڌ اڄ جنهن باهه ۾ سڙي رهي آهي تنهن جو آڙاهه به انهي دور ۾ ئي ٻاريو ويو.
آمر جنرل ضياءَ جي نيت پهرين ڏينهن کان ئي مُلڪ، ماڻهن کي موٽائي ڏيڻ جي ڪو نه هئي. انهيءَ ڪري ضياءَ هڪ پاسي نئين پاڪستان جي معمار، عالم اسلام جي وڪيل ۽ ٽين دنيا جي مدبر ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪري پنهنجي غير ملڪي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪئي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي شخصي اقتدار کي بچائڻ خاطر مذهبي ۽ نسلي نفرتن جو بنياد وڌو. ضياءَ، شهيد ڀٽي کي قتل ڪرڻ، پ پ جي رهنمائن کي ڦاسيون ڏيڻ، ڪوڙن ۽ جيل جون اذيتون ڏيڻ ۽ شهيد ڀٽي جي سياسي وارث محترمه بينظير ڀٽو کي جلاوطن ڪرڻ جي باوجود پ پ کي ختم نه ڪري سگهيو ته کيس پنهنجا خواب شرمنده تعبير ٿيندي نظر نه آيا ۽ ويتر ايم آر ڊي جنهن عملي طرح سڄي ملڪ جي سياسي قوتن ۽ فردن کي ٻن ڪئمپن ضياءُ مخالف ۽ ضياءَ حمايت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، سا تحريڪ ضياءَ مخالف بغاوت جو روپ اختيار ڪري وئي ته جنرل ضياءَ کي پنهنجو ۽ پنهنجي اقتدار جو خاتمو يقيني نظر اچڻ لڳو. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضياءَ، دنيا جي غاصبن جي مڃيل اصول ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ تي عمل ڪندي پنهنجي مد مقابل عوام ۽ سياسي قوت کي تقسيم ۽ ختم ڪرڻ لاءِ باقاعده منصوبابندي تحت مذهبي ۽ نسلي گروپن جي سرپرستي ڪري کين موثر ۽ مضبوط بڻايو.
جنرل ضياءَ جي ڇٽيل نفرتن جي ٻج ڏاڍا رنگ لاتا آهن. نفرتن جو ڪو به فصل اهڙو ڀلو ڪو نه ٿيو آهي جهڙو ضياءَ جو پوکيل فصل. انهيءَ فصل ۾ سالن کان لابارو جاري آهي پر هر نئين ڏينهن نوان سلا ڪڍيو بيٺو آهي. مسجدن ۽ امام بارگاهن جا فرش ڪيترن ئي با ايمان ماڻهن جي بيگناهه خون سان ڳاڙها ٿي ويا آهن. افسوس ته مسلمانن جي ملڪ ۾ ئي مسجدون محفوظ ڪونهن. صد افسوس ته جنهن دين مسلمان هٿان مسلمان جي قتل کي حرام قرار ڏئي، مسلمان کي مسلمان جو ڀاءُ چيو آهي، تنهن ئي دين جا دعويدار رهنما پنهنجي مسلم ڀاءُ کي ڪافر قرار ڏئي سندس قتل جي فتويٰ جاري ڪري رهيا آهن. شيعه، سُني، وهابيءَ جو اختلاف ته صدين کان هلندو اچي پر جنرل ضياءَ پنهنجن مفادن خاطر هن نفاق کي اهڙي منزل تي پهچائي ويو آهي جتان موٽڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي ويو آهي. اسلام ۽ انسانيت جي بهتري ۾ هن مسئلي کي ترت حل نه ڪيو ويو ته يقينن نفرت جي هيءَ باهه سڄي ملڪ جي سمورن گهرن مان ٿيندي وڃي ملڪي سرحدن کي ساڙيندي.
مذهبي نفرتن جي باهه ته سڄي ملڪ جي عوامي اتحاد خلاف ڀڙڪائي وئي پر صوفين جي سر زمين سنڌ جيڪا ضياءَ خلاف بغاوت جو مرڪز هئي ۽ جنهن ضياءَ کي بين الاقوامي ۽ ملڪي سطح تي بدنام ۽ ڪمزور ڪيو، تنهن کي خاص طور تي سزا ڏيڻ لاءِ نسلي نفرتن جو طوفان برپا ڪيو ويو، سرڪاري سرپرستيءَ ۾ نسلي سياست جو اهڙو دور شروع ڪيو ويو جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو نه ٿو ملي. ايئن ڪونهي ته ضياءَ کان اڳ ۾ نسلي ويڇا ڪو نه هئا. نسلي اختلاف هو پر سندس هٽلري انداز ضياءُ شاهي ۾ ئي ظاهر ٿيو.
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي اندرين علائقن جا هزارين ويران گهر، روئي روئي بي نور ٿيندڙ اکيون، يتيم ٻار، قوم جي نياڻين جون اجڙيل سينڌون، نوجوان پٽن، ڀائرن ۽ گهوٽن جون هزارين قبرون نفرتن جي انهيءَ سياست جي هاڃيڪارين جو داستان ٻڌائي رهيون آهن. موجوده نسلي سياست ڪنهن به اتفاقي حادثي جو نتيجو ڪونهي ۽ نه ئي ڪراچيءَ جي شهرين کي بنيادي سهولتن جو نه هئڻ انهيءَ سياست جو بنياد آهي. شهري سهولتن جي حصول لاءِ هٿيار کڻڻ ضروري هجي ها ته پوءِ ڪراچيءَ جا صدين کان آباد اصل ماڻهو هٿيار کڻن ها، جن کي پيئڻ جو پاڻي به آسانيءَ سان ڪو نه ٿو ملي، جن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي پڊن تي ويهڻ جو قانوني حق به حاصل ڪونهي. حيدرآباد جي اصل رهواسين جا پاڙا ويران ڪرڻ، معصوم نياڻين جا جسم ڏنڀڻ، جيئرن جاڳندڙ انسانن کي ساڙڻ، گولين جو بک بنائي، ڪُهي موت جي ننڊ سمهارڻ جو سبب ٽريفڪ جو اڻپورو انتظام ڪونهي. حقيقت ۾ نسل پرستيءَ جي سياست سنڌ ۽ سنڌ جي مستقل باشندن خلاف خطرناڪ سازش هئي ۽ آهي.
مهمانن ۽ ميزبانن جو مفاد هڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي. پرديسي ذهنيت کي ديسي رنگ چڙهڻ لاءِ زمانو کپندو آهي. فڪر ۽ فلسفي لاءِ پاڻ کي قربانيون ڏيندڙ سمجهڻ وارا انهيءَ فلسفي جي ثمر تي ٻين کان وڌيڪ پنهنجو حق سمجهندا آهن. هجرت ڪرڻ وارا سدائين حاڪميت کي به پنهنجو حق سمجهندا آهن. سنڌ ۾ به پاڪستان کان پوءِ لکين لڏي آيلن ۾ موجود اهو احساس به کين هتي جي زمين سان جسماني تعلق کي روحاني رشتي ۾ تبديل ڪرڻ کان روڪيندو رهيو پر بدقسمتيءَ سان، آيلن جي مخصوص مفاد رکندڙ رهنمائن، ويٺلن جي چند عاقبت ناانديش سياسي اڳواڻن ۽ آمريت جي لڪل ۽ ظاهري ايجنٽن جي منظم سازش اردو ڳالهائيندڙن جي انهيءَ احساس کي وڌيڪ اجاگر ڪري باهه جو اهو ڀڀڙ ڀڙڪايو آهي جنهن ۾ سنڌ جي زمين، سنڌ جا بيگناهه نوجوان، پوڙها، پڪا، نياڻيون، ٻار، ثقافتون، رواج رسمون، مذهبي رواداريون، محبت، امن، سڪون، راحت بخشيندڙ هوائون سڀ ڪجهه جلي رهيو آهي. نفرتن جي اها باهه رڳو ”حال“ کي ساڙي خاڪ ڪو نه پئي ڪري پر نفرتن جي مچ جي سيڪ تي سنڌ جو مستقبل به غيرمحفوظ ٿيندو پيو وڃي. اها باهه رڳو موجوده نسل کي رت ڪو نه پئي روئاري پر ايندڙ معصوم انسانن جي خوابن کي به ڀيناڪ پئي بڻائي.
باهه ڪنهن جي به بهتري ۾ ڪونهي. باهه پهرين پنهنجي بنياد کي ساڙي خاڪ ڪندي آهي. باهه ڏونگرن کي ڏاري ۽ رڪ کي به پگهاري ڇڏيندي آهي. باهه روپ به مٽائي سگهندي آهي. باهه تڏهن نهايت خطرناڪ بڻجي ويندي آهي جڏهن احساس جو روپ اختيار ڪندي آهي. احساس واري روپ ۾ باهه روح ساڙيندي آهي. ذهنن ۾ ڀڀڙ ڀڙڪائيندي آهي، دلين ۾ ڏار وجهندي آهي. دلين جا ڏار علحدگي جي سرحدن کي وڌائيندا آهن. جدائيءَ جون سرحدون خدا کي پسند ناهن ۽ جا شيءِ خدا کي پسند ناهي سا انسان ذات جي بهتري ۾ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ جدائي جون سرحدون وڌائڻ نه سنڌ جي فائدي ۾ آهي، نه سنڌ وارن جي حق ۾.
اٺين آئيني ترميم به 1985ع جي دور جي وڏن گناهن مان آهي. انهيءَ ترميم ذريعي جنرل ضياءَ جي سمورن ڪُڌن ڪرتوتن کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو ويو. نه رڳو ايترو پر انهيءَ ترميم ذريعي ضياءَ پاڻ کي ايتري اختيار جو مالڪ بڻائي ڇڏيو جو سندس سامهون عوام جي چونڊيل اسيمبلي ۽ حڪومت جي ڪا به حيثيت ڪو نه رهي. انهيءَ ترميم ذريعي صدر کي ڪنهن به وقت منتخب حڪومت کي ختم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. اٺين ترميم جي صورت ۾ اسيمبلي پاڻ اهڙو قانون پاس ڪيو، جنهن سان سندس ئي خودمختيار ۽ مُلڪ جي اعليٰ ترين اداري واري حيثيت ختم ٿي وئي. اهو قانون پاس ڪري ڄڻ حڪومت ۽ اسيمبلي ميمبرن جنرل ضياءَ کي نالي ماتر جمهوريت قائم ڪرڻ جو اجورو ڏنو، توڻي جو انهيءَ اجوري جي صورت ۾ عوام جي حاڪميت اعليٰ واري حيثيت گروي رکي وئي. اها ترميم جمهوريت جي خاتمي لاءِ صدر جي هٿ ۾ اگهاڙي تلوار هئي. انهي تلوار سان پهرين انهي اسيمبليءَ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي جنهن اسيمبلي اهو قانون پاس ڪيو. ضياءَ پنهنجي شخصي اقتدار کي بچائڻ لاءِ جيڪي ڪُڌا قدم کنيا تن کيس ته ڪو نه بچايو پر سندس مرڻ کان پوءِ به سندس ظالماڻن فيصلن ڪري قوم لوڙي پئي. اٺين ترميم هيستائين چئن جمهوري حڪومتن کي قتل ڪري چڪي آهي. نواز شريف وڏي همت ڪري اها ترميم ختم ته ڪئي آهي پر انهيءَ ترميم جا اثر اڃا موجود آهن.
10 اپريل 1986ع جو ڏينهن سڄي ملڪ جي سياست پر خاص طور تي پيپلزپارٽي لاءِ وڏي ۽ اهم تبديلي جو ڏينهن هو. انهيءَ ڏينهن پيپلزپارٽيءَ جي قائد، شهيد ڀٽي جي سياسي وارث محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ملڪ ورڻي هئي. انهيءَ ڏينهن جو ٻڌي سڄي ملڪ جا رستا لاهور هلڻ لڳا. 10 اپريل جي رات لاهور جا سڀ رستا محترمه جي استقبال لاءِ آيل پانڌيئڙن سان والاريل هئا. سڄو شهر هو سبيلون. کير، شربت، پاڻي، مانيون، مٺايون ورهائيندڙ. سڄو شهر سينگاريل هو، هوٽلون مسافرخانا مهمانن لاءِ کٽي پيا. باغ باغيچا، ميدان، رستا، گهٽيون، فٽ پاٿون، رڳو هئا ماڻهو، سڄي رات شهر جاڳي گذاري. ماڻهن صبح جي انتظار ۾ خوشيون ايئن پئي ملهايون ڄڻ انهيءَ رات جي پڄاڻيءَ تي سج سالن کان پوءِ اڀري رهيو هو. صبح سوير ئي ماڻهو آسائتيون اکيون ايئرپورٽ ڏي ڪري بيهي رهيا. ڇاڪاڻ ته سندن آسن ۽ اميدن جو سج ايئرپورٽ تان ئي اڀرڻو هو. سج اڀري ايئرپورٽ جي عمارت کان مٿي ٿيو ته شهيد ڀٽي جي بهادر نياڻي به ايئرپورٽ مان نڪري نمودار ٿي. محترمه پنهنجو هٿ بلند ڪري ماڻهن کي سلام ڪيو ته ڪيئي اکيون اشڪبار ٿي ويون. چارئي پاسا نعرن سان گونجي اٿيا، ”اب راج ڪريگي بينظير“، ”انصاف ڪريگي بينظير“ ”سرحد ڪي بيٽي بينظير“ ”پنجاب ڪي بيٽي بينظير“، ”مهران ڪي بيٽي بينظير“، ”بولان ڪي بيٽي بينظير“، ”اب آئي آئي بينظير، اب چهائي چهائي بينظير“، ” ڀٽو ڪي تصوير بينظير“. ڀٽي جي تصوير کي ڏسڻ لاءِ لکين انسان آتا هئا. انهيءَ ڏينهن عقيدت، محبت ۽ جذبي جا حيران ڪندڙ منظر ٿي نظر آيا. انهن لکين انسانن جي سمنڊ ۾ ڪيئي جذباتي جيالا ڪاري لباس ۾ ملبوس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ياد ۾ ماتم به ڪري رهيا هئا. بينظير صاحبه ايئرپورٽ کان مينار پاڪستان 10 ڪلاڪن ۾ پهتي. مينار پاڪستان به هن کان اڳ پنهنجي چؤگرد هيترا سارا انسان ڪڏهن به ڪو نه ڏٺا هوندا. مينار پاڪستان واري جلسي ۾ پنجابي شاعر جي نظم پڙهندي وراڻي ۾ ”ڀٽو ڪي نعري وجڻ گي“ چوڻ مهل عوام وارو جذبو هاڻ لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان مشڪل آهي.
ماڻهن جي جذبي ۽ خوشيءَ مان ايئن پئي لڳو ڄڻ ماڻهو ڪو مذهبي ۽ اخلاقي فرض پورو ڪري رهيا هئا. ڪنهن به انهيءَ فرض جي ادائيگيءَ کان منهن ڪو نه ٿي موڙيو. هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن انداز سان پنهنجي عظيم قائد بهادر ڀيڻ بينظير ڀٽو سان عقيدت جو اظهار ضرور ٿي ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو عوام جي عقيدت ۽ محبت جو مرڪز بڻجڻ لاءِ جدوجهد جي راهه ۾ وڏا ڪشالا ڪاٽيا آهن، وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. محترمه جي سياست جو آغاز ئي امتحانن سان ٿيو آهي ۽ جدوجهد جي هر امتحان ۾ سرخروئي سندس قدم چميا آهن. محترمه هر قدم ۽ موڙ تي ثابت ڪندي رهي آهي ته:
منڌ نه منجهان تن، پسيو لڪ لڏن جي،
جا پر کاهوڙين، سا پر سِکي سسئي.
محترمه نه رڳو پنهنجي عظيم والد جي شهادت جو صدمو برداشت ڪيو پر پنهنجي والده سان گڏ جيل ۽ نظربنديون به وڏي همت سان گذاريون. محترمه بيپناهه رياستي جبر ۽ تشدد جو به وڏي صبر ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، جلاوطني دوران سندس ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. نوجوان ڀاءُ جو لاش کڻائي وطن وري ته سندس گهر ۾ فاتح وٺڻ لاءِ ڪو به مرد موجود ڪو نه هو. ڀاءُ جي تڏي تي ويهي سوڳوارن کان فاتح وٺي محترمه سنڌ ۾ نئين روايت قائم ڪئي. محترمه جي نوجوان ڀاءُ جو لاش کڻي اچڻ واري دردناڪ سفر جو ذڪر ڪندي، محترم غلام مصطفيٰ جتوئي، شاهنواز ڀٽو جي تدفين وقت ڳڙهي خدا بخش ۾ پئي ٻڌايو ته ”اهڙو دردناڪ سفر مون زندگي ۾ ڪو نه ڪيو آهي. محترمه سڄي سفر ۾ ڀاءُ جي لاش جي ڀر ۾ ويٺي روئندي ۽ ڳالهائيندي رهي.“ پنهنجي ڪردار ۽ جمهوري جدوجهد جي حوالي سان محترمه بينظير ڀٽو جو نالو اڄ دنيا جي سياسي تاريخ جي محترم ترين نالن مان هڪ آهي.
10 اپريل جو ڏينهن رڳو محترمه بينظير جو ڏينهن هو، هر طرف بينظير بينظير هئي. محترمه پنهنجن لکين پرستارن ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ هجڻ جي باوجود وڏي صبر ۽ تدبر جو مظاهرو ڪيو. محترمه چاهي ها ته 10 اپريل جو اهو ڏينهن ضياءَ شاهي جو آخري ڏينهن ثابت ٿئي ها پر محترمه ملڪ کي گهرو ويڙهه کان بچائي پُرامن جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو. محترمه جي صبر جي ڏيهه ۽ پرڏيهه تعريف ٿي. اهو ڏينهن پاڪستان جي سياست جو نرالو ڏينهن هو، جو حڪومت جا لکين ڪٽر مخالف گڏ ٿيا، جلوس به نڪتو ته جلسو به ٿيو پر هڪڙي اسٽريٽ لائٽ به ڪو نه ڀڳي. ڪنهن سائن بورڊ کي به نقصان ڪو نه پهتو.
10 اپريل جي سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ ملڪ صاحب، غازي، آئون ۽ ٻيا دوست به لاهور ويا هئاسين. اسان جون اميدون به انهيءَ سج جي اڀرڻ ۾ هيون. اسان رات وڏي انتظار ۾ گذاري. انهيءَ رات گذريل سالن جي ڪيترن ئي اذيت وارن لمحن، اوجاڳيل راتين ۽ ڏکائيندڙ ڏينهن جون يادگيريون آيون پر محترمه جي آمد جي احساس مرهم جا پها رکي اسان کي نؤبنو ڪري ڇڏيو ۽ وري صبح تائين آئنده جي اميدن ۽ خوابن جون ڳالهيون ڪندا رهياسين. 10 اپريل جو صبح عيد ۽ اسين ڄڻ ٻار هئاسين. صبح جو سوير ئي تيار ٿي هلياسين ايئرپورٽ ڏي.
محترمه ٽرڪ تي سوار هئي. ٽرڪ جي ويجهو وڃڻ سولو ڪو نه هو، تنهنڪري انهيءَ يقين سان ته محبت جي مرڪز ڏي منهن ڪري سلام جي نيت سان ڪيل اشاري کي به سلام واري قبوليت ملندي آهي؛ اسين پري کان ئي محترمه جي ٽرڪ ڏي منهن ڪري هٿ لوڏيندا، تاڙيون وڄائيندا رهياسين. عقيدت اجائي ڪو نه ويندي آهي. اسان جا به سلام صاب پيا. محترمه جي ٽرڪ انٽرنيشنل هوٽل وٽ پهتي ته محترمه جي نظر ملڪ صاحب تي پئجي وئي. هڪڙو ملڪ صاحب پاڻ بلند، ٻيو بيٺا به ڪجهه اوچائي تي هئاسين. محترمه ملڪ صاحب کي سلام ڪري ان ڏانهن گل اڇليا ته اسان جا سڀ ٿڪ دور ٿي ويا. انتظار جو اجورو ملي ويو پر اجوري جي خوشيءَ وارو احساس گهڻو وقت ڪو نه هليو، ٿيو ايئن جو جلسي جي ٻئي ڏينهن محترمه کي روبرو سلام ڪرڻ فيصل صالح حيات جي بنگلي تي پهتاسين. اتي ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ محترمه جي آڏو سلام ڪرڻ پئي ويا. هر صوبي جي رهنما پنهنجي صوبي جي ڪارڪنن کي پئي سلام جو موقعو فراهم ڪيو، اسان جي سنڌ طرفان مخدوم خليق الزمان انچارج هو. اسان کيس گذارش ڪئي پر ايئن لڳو ڄڻ خليق سائين اسان کي سڃاڻي ئي ڪو نه ٿو. اسين ڳڻتين ۾ پئجي وياسين. ڌڪا کائي ڪجهه ڌڪا ڏئي سلام ته ڪيوسين پر هوٽل ورياسين ته مونجهارا جام هئا. ملڪ صاحب رات جو دير سان هوٽل وريو، اهو آيو ته اهو به پريشان هو، چيائين ”اتي جي صورتحال ۽ خبرن مان لڳي ٿو جتوئي صاحب هاڻ پارٽي ۾ ڪو نه رهندو.“ اها ٻي رات به سُک سان ڪو نه ستاسين. صبح جو اخبار آئي ته جتوئي صاحب جو وڏو بيان لڳو پيو هو ته ”هن عمر ۾ لائن ۾ بيهي بينظير جو استقبال نه ٿو ڪري سگهان.“ بيان پڙهي پڪ ٿي وئي ته هلڻ هارا سپرين، وڃڻ جون وايون ڪن. جتوئي صاحب محترمه سان اختلاف جو اعلانيه اظهار ته محترمه جي واپسي واري ڏينهن ڪيو پر جتوئي صاحب جي پارٽيءَ مان وڃڻ جا اهڃاڻ گهڻو وقت اڳ ڏسڻ ۾ پئي آيا. محترمه جي آمد کان ڪجهه عرصو اڳ ۾ جتوئي صاحب طرفان ڪرايل پنهنجو استقبال به سندس وڃڻ واري وائي هو. پ پ کي به جتوئي صاحب جي وڃڻ جي پڪ هئي، ان ڪري انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هتي به تياري مڪمل هئي. محترمه جي آمد کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ هيٺين سطح جي عهدن لاءِ چونڊون ٿيون ته جتوئي صاحب سان هلڪي ڦلڪي وابستگي وارا همراهه به ڪو نه کٽي سگهيا. آئون به حيدرآباد شهر جي زون جي صدارت لاءِ بيٺو هئس، ٻيا دوست به چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا هئا. اسان مان ڪنهن به ڪو نه کٽيو، ٻيو ته ٺهيو پر چلتي ڦرتي پيپلزپارٽي قائم خاني به هارائي ويو. انهن چونڊن ۾ مزي جي ڳالهه اها به ٿي ته هڪڙي دوست مون تي اعتراض ڪيو ۽ ڪميٽي مون کان پ پ سان وابستگي بابت ساک ورتي. وري وڏو مزو اهو ٿيو ته انهن چونڊن کان پوءِ جتوئي صاحب پ پ کان عليحدگي اختيار ڪئي ته حيدرآباد مان پهريون اهو شخص پارٽي ڇڏي ويو، جنهن جي چوڻ تي مون کان قسم کڻايو ويو هو. کيس ئي انهن چونڊن ۾ مون کان کٽرايو ويو هو. اهو به عجب اتفاق آهي ته انهيءَ چونڊ ڪميٽي جا ٽيئي معزز رڪن في الحال پارٽي کان ناراض ٿيو عليحدگي اختيار ڪيو ويٺا آهن.
1986ع کان 1996ع تائين پاڪستان ۾ وڏي اٿل پٿل ٿي آهي. اهي سال پيپلزپارٽيءَ جا به يادگار سال آهن انهن سالن ۾ پاڪستان ۾ ٻه ڀيرا سندس حڪومت به قائم ٿي آهي ته کيس بيپناهه سازشن کي به منهن ڏيڻو پيو آهي. انهن سالن ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي حوصلي، تدبر ۽ سچائيءَ سان سياسي ڪاميابيون حاصل ڪري عالم اسلام جي پهرين چونڊيل وزيراعظم به ٿي ته کيس صبر ۽ حوصلي جا به ڪيئي امتحان وري ڏيڻا پيا. 1996ع ۾ ئي وري کيس 4 اپريل جهڙو صدمو برداشت ڪرڻو پيو. سندس ئي حڪومت ۾ سندس بهادر ڀاءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ مير مرتضيٰ کي شهيد ڪيو ويو. مير مرتضيٰ کي شهيد ڪري هڪ ئي وقت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، محترمه بينظير ڀٽو، سندس حڪومت، جمهوريت ۽ سنڌ جي خلاف سازش ڪئي وئي. 1986ع کان 1996ع تائين جو تذڪرو، هن مختصر جيل ڊائري جي ”بسم الله“ ۾ سمائڻ ناممڪن آهي. سياسي لحاظ کان انهيءَ عجيب غريب زماني ۾ پاڻ به پاڪستان، سنڌ ۽ پ پ ۾ ئي پئي پساهه کنيا. اُٿل پٿل جي انهن طوفانن جن وڏا وڏا پربت پنهنجن پٽن تان کسڪائي ڇڏيا تن پاڻ کي به ڌونڌاڙي ذري گهٽ پاڙئون پٽيو هو.
ہوا کچھ ایسی چلی تھی کہ بکھر گئے ہوتے
رگوں میں خون جو ہوتا تو کب کے مرگئے ہوتے۔
ڪيئي اڻ ٿڻيون، ٿيندي ڏٺيون سين، ڪيئي ويساهه ٽٽا ته ڪيئي نوان ناتا جڙيا. گهڙيءَ لاءِ هيرن تي مانجهاندي وارا جهوٽا به هنياسين ته جهولن ۽ اماس راتين ۾ اصل ماڳ ڏي به ڪاهي هلندا رهياسين. محبتن جا تناور درخت واڍن جي ور چڙهندي به ڏٺاسين ته اعتماد جون اڀ ڇهندڙ عمارتون ڀري پٽ پوندي به ڏٺيون سين پر قطاران ڪو نه ڇڄياسين. انهن سالن ۾ جيڪي سُک مليا تن ۾ رڳو منهنجو ڪمال ڪو نه هو ۽ نه ئي جيڪي ڏک ڏٺم تن ۾ هروڀرو ٻين جو ڏوهه هو.
کچھ شہر دے لوک وی ظالم سِن،
کچھ سانون مرن دا شوق وی سی.
انهن سالن ۾ رڳو ملڪ ۾ ويهي مقصد ۽ مجاز جا پنڌ ڪو نه ڪيم پر دنيا جي چند ملڪن جا درشن ڪرڻ جو به موقعو مليو. سچ پچ ته انهن سفرن نظرن جي تنگين ۽ قلب جي ڪدورتن کان آجو ڪري ڇڏيو. عراق ۽ شام جي سفر جي تمنا ۽ من ۾ محبت پيدا ٿيڻ جي تاريخ ساڳي آهي. ڪربلا جي شير دل خاتون سيده زينب ؑ ۽ سندس شهيدن جو سردار ڀاءُ حضرت امام حسين ؑ ننڍپڻ کان ئي منهنجي محبت جا مرڪز رهيا آهن. سندن راهن ۾ عقيدت جا اشڪ وڇائڻ ۾ منهنجي اکين سدائين پنهنجي زندگي سمجهي آهي. انهن جي ساڃاهه ئي مون کي هر رنگ ۾ موجود فرعونيت ۽ يزيديت سان جهيڙڻ جي سگهه عطا ڪئي آهي. جيئن جيئن ڳالهين کي سمجهڻ جي سگهه وڌندي وئي آهي، تيئن تيئن آل محمد ﷺ سان عشق به ويران وير وڌندو ويو آهي.
سلام تجھ پہ کہ تیری صداقتوں کے طفیل،
کبھی رُکا نہیں صحرا میں بھی سفر میرا،
ملا ہے صبر مجھے تیری عزم سے ایسا،
کہ بے کسی میں بھی قائم ہے کروفر میرا۔
”تمنا هئي مدت کان اها سائل جي سيني ۾ ته گهرائي يا محمد مدني مديني ۾“ تمام ساراهون انهيءَ مالڪ جون جيڪو پنهنجن بندن کي بخشڻ ۽ نوازڻ جا بهانا گهڙيندو وتي. سڀئي سجدا ۽ ثنائون ڪعبه جي رب لاءِ، جنهن هن گنهگار بندي کي به مڪه مڪرمه ۾ پنهنجي مقدس گهر جو ديدار ڪرايو ۽ اسرارن جي شهر مديني ۾ فخر انسانيت محمد مصطفيٰ ﷺ جي چائنٺ چمائي. 1995ع ۽ 96ع جي حجاز جي ٽن سفرن ۾ محترم عبدالستار بچاڻي، عبدالحڪيم بلوچ، سيد محسن شاهه بخاري، ڄام آفتاب ڏهر، ڄام مهتاب خان ڏهر، سردار خان لغاري، رياض مغل، پاشا قاضي ۽ ڊاڪٽر اشرف شيخ جي ڪچهرين انهن روحاني سفرن جي راحتن کي وڌائي ڇڏيو، پر انهن سفرن جي حوالي سان سائين خورشيد شاهه جون ڳالهيون ڪرڻ کان گهڻيون آهن. خورشيد شاهه سان جن به سفر ڪيو آهي، سي سندس ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ“ جي خوبين کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا. انهيءَ سفر جي ذڪر ۾ محترم نجم الدين مڱريي کي وسارڻ به بي انصافي ٿيندي، سندس اڻ ورچائي ۽ محنت انهن سفرن جي پانڌيئڙن لاءِ وڏيون آسانيون پيدا ڪيون. حج جي سفر ۾ وري ٽنڊي محمد خان جي روحاني شخصيت پير عبدالوحيد جان جي گفتگو، علم ۽ سٺي طبيعت به ڏاڍو متاثر ڪيو.
پ پ جي 88ع واري سرڪار ۾ وفاقي مذهبي وزارت جو هڪڙو وفد ڍاڪا، سنگاپور، ڪولالمپور، جڪارتا ۽ بئنڪاڪ ويو هو، انهيءَ وفد ۾ آئون به شامل هئس، چئن ڄڻن جي وفد ۾ هڪ وفاقي وزير مذهبي معاملن جو ۽ ٻه مولوي صاحبان هئا، مزي جي ڳالهه ته اهي ٽئي ڄڻا پٺاڻ هئا سڄو ڏينهن پيا پاڻ ۾ پشتو ڪندا هئا ۽ آئون پيو سندن منهن ۾ ڏسندو هئس. اهو سفر به ڏاڍو دلچسپ هو. انهيءَ سفر کان پوءِ ٻه ٽي سهڻا خانگي سفر به ٿيا. مصر، ترڪي ۽ عرب رياستن جي سفر ۾ حڪيم بلوچ، صغير قريشي ۽ گاجان خان سان گڏ هئس. انهيءَ سفر ۾ صغير قريشي ۽ خصوصاً گاجان خان جا احوال اڃا به لطف پيا ڏيندا آهن. انهيءَ سال جي پڇاڙي ۾ فرينڪفرٽ، پئرس، مئڊرڊ ۽ لزبن به ڏسي آياسين. مئڊرڊ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي فرسٽ سيڪريٽري نوجوان خوبصورت شاعر نجم ثاقب جون محبتون ۽ خدمتون به سدائين ياد رهنديون. سهڻي شخصيت جو مالڪ نجم ڳالهين ۾ ماڻهن کي موهي ڇڏيندو آهي. نجم ثاقب اسان سان جيڪي محبتون ڪيون سي حقيقت ۾ مظهرالاسلام سان سندس محبتن جو اظهار هو. مظهر الاسلام فون ڪري نجم کي اسان جو خيال رکڻ لاءِ چيو هو. مظهر الاسلام جي دوستي به انهيءَ ذڪر ڪيل زماني ۾ رب پاڪ جي ڏنل خوشين مان وڏي خوشي آهي. مظهر جي محبت ۽ ڪچهرين جو تذڪرو هنن صفحن تي ماپڻ ممڪن ڪونهي. انهيءَ داستان تي ته ڪُليات مظهر الاسلام لکي پورو ڪري سگهجي ٿو. يورپ جي انهن ملڪن جي سفر ۾ محترم عثمان پنهور صاحب به گڏ هو. فرينڪفرٽ، ويسباد (جرمني) پئرس، مئڊرڊ ۽ لزبن جون روشنيون ۽ رونقون ته سبحان الله پر خوابن جي شهر پيڪنگ (هاڻ بيجنگ) ۾ پهچي دل جي وڏي آرزو پوري ٿي ويئي. تيانن من اسڪوائر ۾ چئوڦير ڏسندي ويڙهيچن سان وچن ڪرڻ واري زماني ۾ پهچي ويس. اهي سڀئي خانگي سفر محترم عبدالحڪيم بلوچ جي پيار ۽ ساٿ سان ئي ممڪن ٿي سگهيا. حڪيم ڀائو نيڪ دل انسان، سٺو دوست ۽ سفر جو پيارو ساٿي آهي. چين ۽ ٿائلينڊ جي سفر ۾ پاڪستان جو مشهور پورهيت اڳواڻ عثمان بلوچ به گڏ هو. واهه جو ماڻهو آهي. صبرائتو، سڄاڻ ۽ زندهه دل ساٿي آهي، شال سفرن ۾ سدائين گڏ هجي، رهيو سدائين پرولتاري عالمي تحريڪ ۾ آهي. پر بلوچي سڃاڻپ ۽ سياست سندس روح ۾ سمايل آهي. محترم غوث بخش بزنجي مرحوم جو پوئلڳ آهي. انهيءَ سفر ۾ عثمان بلوچ بزنجي صاحب جون ڏاڍيون مزيدار ۽ معلومات ڀريون خبرون ٻڌايون. چيائين ته هڪڙي ڪچهريءَ ۾ بزنجي صاحب چيو ته ”پاڪستان جا ڪميونسٽ بدبخت آهن، کين اها به خبر ڪونهي ته سنڌين جي هٿ ملائڻ ۾ به مئسيج هوندو آهي. سندن هٿ ملائڻ مان عام رواجي تعلق توڻي محبت ۽ دشمني جي خبر پئجي ويندي آهي.“ بزنجي صاحب کان پوءِ پي اين پي جو باقي نالو وڃي بچيو آهي. پي اين پي کي ٻيهر بلوچ سردار قيادت ملي به آهي ته کيس ٻيهر منظم به ڪيو ويو آهي پر پاڪستان نيشنل پارٽي ڦري بلوچستان نيشنل پارٽي ٿي وئي آهي. سنڌ بلوچستان اتحاد جي داعي بزنجي صاحب جي پارٽيءَ ۾ سنڌ جي بلوچن جي هاڻ ڪا به گنجائش ڪونهي. پاڪستان ۾ آيل تبديلين جي طوفان بلوچ سياست ۾ به وڏي تبديلي آندي آهي. انهيءَ تبديلي عثمان بلوچ سميت سنڌ ۾ سندس ڪيترن ئي ساٿين جي دلين کي ڪومائي ڇڏيو آهي. ڳالهه رڳو عثمان جي ڪونهي. انهيءَ تبديلي هزارين سياسي ڪارڪنن جي سموري زندگي جي جدوجهد کي پل جي خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سو پي اين پي ته ختم ٿي وئي آهي پر عثمان اڃا تائين پي اين پي واري ليڪي ۾ حياتي پيو گذاري.
ہم اُس قبیلہ بے سائباں کا حصہ ہیں،
ثمر عزیز ہے جس کو شجر عزیز نہیں۔
1986ع کان 1996ع تائين سمورين سياسي تبديلين جو احوال، پنهنجي ڪارگذارين جو پوتاميل ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪيل سفرن جي سرور، مختلف ملڪن ۾ ڏٺل خدا جي مظهر ماڻهن ۽ منظرن جو بيان ”بسم الله“ جي هنن صفحن ۾ سمائڻ مشڪل آهي، انهيءَ ڪري تحرير ۽ تذڪري جي لحاظ کان هي صفحا به اڻپورا آهن ته جيل جي ڊائري جو داستان به نامڪمل آهي. جيل ۾ سمورو وقت ”جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن“ واري ڪيفيت هئي. ڪڏهن ”وري پوءِ لکندس“ واري روايتي سسُتي سبب گهڻيون شيون لکجڻ کان رهجي ويون ته ڪڏهن ذهن ۽ دل جون راهون جدا هيون، لکڻ تي دل ئي ڪو نه چوندي هئي. جيل ۾ گهڻو وقت ”سهڪو“ به ساهه سان گڏ هو، تنهن ڪري ممڪن آهي ته نه چوڻ جهڙيون ڳالهيون چئجي ويون هجن پر پڪ اٿم ته ٻڌائڻ جهڙيون به سوين خبرون رهجي ويون هونديون. ڪافي بهادر، زندهه دل ۽ ڪچهريءَ جي سونهن دوستن جا تذڪره، دانشمند بزرگن ۽ دوستن جا تبصره رڪارڊ ٿيڻ کان رهجي ويا هوندا. هي ڊائري رڳو تحرير جي لحاظ کان اڌوري ڪونهي پر مقصد جي لحاظ کان به اڌوري جدوجهد جو احوال آهي. ايم آر ڊي ته ختم ٿي وئي آهي پر سندس جدوجهد ختم ڪونهي ٿي. ايم آر ڊي جي جدوجهد حقيقي جمهوريت لاءِ هئي نالي ماتر جمهوريت لاءِ نه. 1983ع کانپوءِ آيل حڪومتون حقيقي جمهوريتون ڪو نه هيون، انهن حڪومتن جا مالڪاڻه حق عوام وٽ ڪو نه هئا، اهي حڪومتون سياستدانن جو مقاطعي تي ورتل اقتدار هو.
یہ داغ داغ اجالا یہ شب گزیدہ سحر،
وہ انتظار تھا جس کا یہ وہ سحر تو نہیں۔
ايم آر ڊي ختم ٿي وئي آهي پر سندس جدوجهد ختم ڪو نه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اڃا عوام جو حق حاڪميت تسليم نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي حقيقي جمهوريت جو خواب شرمنده تعبير ٿيو آهي. جمهوريت ماڻهن جا خواب ۽ انهن جي ساڀيان آهي، عوام جي آزادي ۽ آسودگي آهي. جيڪڏهن اڃا خوابن جي تعبير ڪو نه ٿي آهي ۽ اڃا ماڻهن جو سُڪون ۽ سُک ڪو نه موٽيو آهي ته پوءِ جدوجهد ڪيئن ختم ٿي وئي آهي. خواب زندگيءَ جي علامت آهن ۽ زندگي ۽ ڪائنات لازم ملزوم. خوابن جي ٽٽڻ جي ڪري ماڻهو خواب ڏسڻ ڪو نه ڇڏيندا. جيسين ڪائنات آهي تيسين ماڻهو خواب ڏسندا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا. جدوجهد بهتريءَ ڏانهن انسان جي مُسلسل پيش قدمي آهي سا ڪيئن ختم ٿيندي؟ جدوجهد ڪنهن ملڪ يا شهر جي فضائن جو نالو ڪونهي جو اُن شهر جي فضائن جي تبديليءَ سان پوري دنيا جي انسانن جي جدوجهد جو خاتمو اچي ويو ۽ نه ئي انقلاب ڪنهن ملڪ جي انتظاميه جو نالو آهي جو انهيءَ ملڪ جي انتظاميه جي تبديليءَ سان سموري انقلابي جدوجهد بي معنيٰ ٿي وئي! نه هڪڙي ملڪ جي ماڻهن جي ڪاميابيءَ سان سموري دنيا جي ماڻهن کي حق پلئه پيا ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جي مهانڊي مٽجڻ جي ڪري دنيا جي انسانن جي حقن ۽ خوشحاليءَ واري جدوجهد جو خاتمو ٿي ويو آهي.
انقلاب بهتري ڏانهن حالتن جي تبديلي جو نالو آهي. انسان جي آزاديءَ جي هر جدوجهد انقلابي جدوجهد آهي. انسانيت جي سربلنديءَ جي هر تحريڪ انقلابي جدوجهد آهي. وقت جي تيز رفتار ترقيءَ کان منهن موڙڻ موت آهي پر انهن اقدارن جي احيا جي تحريڪ به انقلابي جدوجهد آهي جن کانسواءِ هر ترقي بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿي، جيڪي انسان جي سڃاڻپ ۽ ماڻهپي جا معيار آهن، جن سان انسان جا رشتا قائم آهن، جيڪي اذيت جي لمحن ۾ به انسان کي سُڪون پهچائين ٿا. انقلابي جدوجهد بهتريءَ ڏانهن تبديليءَ جي جدوجهد آهي ته پوءِ اها اڃا به تيز تر ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڃا انسانيت چوراهي تي ويٺل لاوارث ٻار جيان ڳوڙها ڳاڙيو هر ايندڙ ويندڙ جي منهن ۾ ڏسي رهي آهي. اڃا به انسان مذهبي جنون، فرقي جي فوقيت ۽ نسلي نفرتن جي ٽياسن تي ٽنگيل آهي. اڃا سماجي برابري وارو سج ناهي اڀريو. اڃا جهالت جي گگهه اونداهي رات جو خاتمو ناهي ٿيو، اڃا نه ”عمر“ جي ارهه زورائي جو انت ٿيو آهي، نه قهري ڪوٽ ڪريو آهي، نه ئي ”مارئي“ وطن وري آهي. ويڙهيچا اڃا به مَنَهَن بدران ولهه ۾ ستل آهن ۽ اڃا به ”سهڻيءَ“ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ ”ڄرڪن ۽ سيسارن“ ۾ صلاحون ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن انسان هٿان انسان جي استحصال خلاف دنيا کي جهنجهوڙي ڇڏيندڙ انقلاب ضروري هو ته اڄ انسان هٿان انسان جي ڪوس کي روڪڻ لاءِ ان کان به وڏي عالمي انقلاب ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي.
ايم آر ڊي جي نالي ۾ جدوجهد جو هڪڙو مرحلو پورو ٿي وڃي تاريخ جو لازوال باب بڻيو آهي پر زندگي جيئڻ وارن جي جدوجهد جاري آهي. سياسي جدوجهد سجاده نشيني نه پر فقيري آهي. سجاده نشيني ۾ ڪنهن هڪڙي مرد قلندر جي پورهئي تي سندس ڪيئي وارث محبتن ۽ عقيدتن جا معراج ماڻي سگهن ٿا پر فقيري ۾ فقير کي سدائين رياضت ۾ رهڻو آهي. سياسي جدوجهد ۾ پڄاڻي ڪو نه ٿيندي آهي. جدوجهد جو نالو پورو ٿيندو پر جدوجهد جوڻ مٽائي وري نئين نالي سان جنم وٺندي آهي.
لڙهيا ونجهه ڪشتيون ڪنارا جي ٻيهر
نئون گهاٽ ڪو نيٺ ايجاد ٿيندو.