پيرول کان انڪار
صبح جو اٿي عالم شاهه ۽ آءٌ اسپتال وڃڻ لاءِ ماڙيءَ تي آياسين ته خبر پئي ته پوليس اسپتال ۽ ڪورٽن جا قيدي وٺڻ ڪو نه آئي آهي جو گورنر اڄ شيخ ڀرڪيو ويندو ۽ پوليس سندس حاضري ۾ ويل آهي. ٻاهر اسپتال ان ڪري وڃي رهيا هئاسين ته ڪالهه خبر پئي هئي ته عالم شاهه جو سؤٽ سخت بيمار آهي ۽ سندس بچڻ مشڪل آهي.
11 وڳي ڌاري غلام نبي کوسو آيو. ٻڌايائين ته عالم شاهه جو نوجوان سؤٽ گذاري ويو آهي. عبدالله ملاح، ابوبڪر زرداري ۽ مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته عالم شاهه پيرول تي رها ٿئي. ايس پي جيل مارشل لا حڪام سان ڳالهايو، جواب مليو ته درخواست موڪليو. درخواست موڪلي سين. ورندي ملي ته اسان کي اختيار ڪونهي ته عالم شاهه کي پيرول تي رها ڪريون.
واهه جو جواب هو ته ”اسان کي اختيار ڪونهي.“ سڄي سنڌ تي گوليون هلائڻ، سڄي سنڌ کي گرفتار ڪري جيل اماڻڻ ۽ جيل جي معائني دوران بروقت رها ڪرڻ، ڪيسن جون اپيلون ٻڌڻ، جيلن ۾ ڪلاس ڏيڻ سميت سموري سول انتظاميه تي اختيار رکڻ ۽ مير اعجاز ۽ سيد مٺل شاهه کي پڦيءَ ۽ نانيءَ جي وفات تي پيرول تي رها ڪرڻ جو اختيار آهي، باقي عالم شاهه کي پنهنجي نوجوان سؤٽ جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پيرول تي رها ڪرڻ جو کين اختيار ڪونهي.
اسان جي ڪوشش هئي ته عالم شاهه کي اها خبر ٻاهر پئي پر جڏهن ڪافي ڪوششن جي باوجود به عالم شاهه جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پيرول تي رها نه ٿي سگهيو ته مايوس ٿي اها خبر عالم شاهه کي ٻڌائي سين. عاشق جتوئي، يوسف ٽالپر، ابوبڪر ۽ آءٌ گڏجي ڊپٽي ڏي وياسين. سڀني سخت رويو اختيار ڪيو، خصوصًا عاشق جتوئي تمام سخت لهجي ۾ جيل وارن کي اهو واضح ڪيو ته عالم شاهه لاءِ وڃڻ جو بندوبست ڪرايو نه ته جيل جي صورتحال خراب ٿيڻ جي ذميداري جيل وارن تي هوندي. ملاقات جي نتيجي ۾ جيل وارن پنهنجي طرفان ليٽر لکي ٻاهرين همراهه جي معرفت هوم سيڪريٽريءَ ڏي موڪليو.